پُر اسرار ڪتو رسول ميمڻ | # جنوري 2022

اهو جنوري جو ڏينهن هو جڏهن ڪتي چوويهن ماڻهن کي چڪ هنيا، سيءُ نه هو ماڻهو ڪتي کان ڏڪي رهيا هئا. مان ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽر آهيان، ڪجهه ڏينهن اڳ مون ڊائريڪٽر کي صلاح ڏني هئي ته ”ڪتي جو تعداد ايڏو نه آهي جيڏو ڪتن کان متاثر ماڻهن جو، جيڪڏهن ماڻهن بجاءِ ڪتن کي سئيون هنيون وڃن ته قومي خزاني جو نقصان گهٽ ٿيندو.“

ڊائريڪٽر منهنجي صلاح تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ چيائين ”ڪتن کي پڪڙي سئيون هڻڻ سولي ڳالهه نه آهي، ٻيو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان اهڙيون سئيون ايجاد نه ٿيون آهن جيڪي ڪتن کي هنيون وڃن، جيڪڏهن انهن کي هڻڻ لاءِ سئيون ٻاهران گهرايون ته قومي خزاني جو نقصان گهٽ نه پر اڃان به وڌيڪ ٿيندو.“

مون وري کيس ٻي تجويز پيش ڪندي چيو ”جيڪڏهن ڪتن کي سئيون نٿا هڻايو ته گهٽ ۾ گهٽ گوليون ضرور هڻايو، ماڻهن جي جان ته ڇٽندي.“ ”اڃان گولين هڻائڻ جو وقت نه آيو آهي“ ڊائريڪٽر چيو ”انتظار ڪر“، انتظار جو نتيجو اهو نڪتو جو ان ڏينهن ڪتي جا کاڌل چوويهه ماڻهو اسپتال آندا ويا جن کي ڄنگهن، هٿن ۽ ٻانهن تي زخمن جا نشان هئا، اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي ته ڪتو هڪ عورت جي اها آڱر پٽي ويو جنهن ۾ کيس مڱڻي جي منڊي پاتل هئي. سڀني جا زخم صاف ڪري پٽيون ٻڌيون ويون ۽ ڪتن کان بچاءُ جا ٽڪا هڻي گهر روانو ڪيو ويو، جڏهن ڊريسر انهن کان ڪتي متعلق پڇيو ته سڀني ساڳيو جواب ڏنو ”اهو ڪاري رنگ جو ڪتو توانو ۽ طاقتور پئي ڏٺو، جنهن کي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جي شعلي جهڙو اڇو نشان هو.”

مون علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان رابطو ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ”ٽائون ۾ هڪ ڪاري رنگ جو ڪتو داخل ٿي ويو آهي جنهن کي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جي شعلي جهڙو اڇو نشان آهي. ڪتو بظاهر بيمار نظر نٿو اچي، ان ڪيترن ئي ماڻهن کي چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو آهي. چوويهه ماڻهو اسان اسپتال ۾ علاج کانپوءِ فارغ ڪري چڪا آهيون.“ اسسٽنٽ ڪمشنر ميونسپل ڪارپوريشن فون ڪري اهڙا عملدار گهرايا جن قيمي ۾ زهر ملائي ٽائون ۾ اڇلايو ڪتن جي مضبوط نيٽ ورڪ سبب اهو ڪنهن ڪتي نه کاڌو، ان غلط فهمي ۾ ٽائون جا سڀ شريف ٻلا ۽ ٻليون ٻچن سميت دنيا مان موڪلائي ويا.

فيبروريءَ ۾ ڪتي جي کاڌل ماڻهن جو تعداد ان حد تائين وڌي ويو جو ٻيا سڀ مريض، جن ۾ نزلي زڪام کان وٺي ويندي ٽائيفائيڊ، مليريا، پيٽ جي ڪيڙن ۽ چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض شامل هئا، انهن کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته ”اسپتال ۾ ڪاري ڪتي جا کاڌل ماڻهو ايڏا ته ڪٺا ٿي ويا آهن جو پير پائڻ جي جاءِ نه آهي، جيڪڏهن ٻيا مريض داخل ٿيا ته ڊاڪٽرن ۽ عملي کي اسپتال کان ٻاهر بيهڻو پوندو.“ هڪ مسجد مان اعلان ڪيو ويو ته ”ماڻهو هڪ ڪاري ڪتي کان هوشيار رهن، جيڪو اوچتو حملو ڪري گهٽين ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ڪنهن کي ڪتو لڪل نظر اچي ته ٽائون جي چڱي مڙس گل خان کي اطلاع ڪري.“

هڪ ڪٻاڙي جنهن جي گاڏي تي ڀڳل بحري جهاز جا ڪٽ لڳل پرزا پيل هئا، اهو جيڪسن مارڪيٽ کان ٿيندو جڏهن ريل جي ان پٽڙيءَ وٽ پهتو جنهن تان گذريل سٺ سالن کان ڪابه ريل نه لنگهي هئي ته اتي ان کي ساڳيو ڪتو نظر اچي ويو. ڪٻاڙي وارو گاڏو ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ اچي گل خان کي ٻڌايائين ته هن اهو ڪتو ريل جي پراڻين پٽڙين وٽ ڏٺو آهي. گل خان جي دوناليءَ ۾ صرف هڪ ڪارتوس هو، هن اهو سوچيو ته ”ڪتي لاءِ هڪ ئي ڪافي آهي.“

گل خان ڪٻاڙي واري سان گڏ جيپ ۾ چڙهي ريل جي پٽڙيءَ تي پهتو، ڪاٺ جي ڳريل سليپرن وچ ۾ کوٽيل کڏ اندر جيئن ئي بندوق سڌي ڪيائين ته ڪتي الر ڪيس، گل خان جي بندوق مان ڪارتوس ڇٽي ويو ۽ ڪتي جو سينو پار ڪري ويو، ڪجهه ڇَرا ڀرسان بيٺل بڙ ۾ گهڙي ويا، بڙ جي ٿڙ مان دونهون ايئن نڪرڻ لڳو جيئن ڪتي جي پيشانيءَ تي ميڻ بتيءَ جو شعلو وسامي ويو هجي. سڄي ٽائون ۾ هوڪر پئجي وئي ”جيڪو ڪم ميونسپل وارن کان نه ٿيو، اهو گل خان ڪيو آهي، ڪارو ڪتو مري چڪو آهي.“

اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي ته ڪتي جي مرڻ کانپوءِ ڪتي جا کاڌل اڃان به اسپتال اچڻ لڳا. هرڪو سوچڻ لڳو، جيڪڏهن ڪتو مري چڪو آهي ته پوءِ هيءُ وري ڪهڙو ڪتو آهي جيڪو ماڻهن جي ڪڍ پئجي ويو آهي؟ سڀ فڪرمند ٿي ويا.

هڪ لنگڙو جنهن جي ڪاٺ جي گهوڙيءَ کي ڪتي ڄنگهه سمجهي چڪ پاتو هو، اهو اسپتال آيو ۽ ٻڌايائين ته ساڳيو ڪتو مون وزير مينشن جي پليٽ فارم جي پويان وڇايل ڪوئلي جي ڍير تي ڏٺو آهي، اهو ڪارو ڪتو ڪوئلي جي ڍير تي ايئن ستل هو جو نظر نه اچي رهيو هو، سواءِ پيشانيءَ جي نشان جي جنهن کي مون ڍير تي ويٺل اڇو ڪبوتر سمجهيو، مون ڊائريڪٽر کي فون ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ان ڪتي کي وزير مينشن اسٽيشن ڀرسان ڏٺو ويو آهي ۽ اهو به ٻڌايو ته ”ڪتن جي بچاءُ جي ٽڪن جو آخري پيڪيٽ بچيو آهي.“ ڊائريڪٽر اهو چئي جلدي ۾ فون بند ڪري ڇڏيو ”ڪتي کي مارڻ لاءِ بندوق باز موڪليان ٿو، باقي ٽڪن جو اسٽاڪ مون وٽ به ختم ٿي چڪو آهي.“

مان مايوس ٿي ويس، پر ٿوري دير ۾ خبر آئي ته ڪارو ڪتو ڪوئلي جي ڍير تي ڍير ٿي چڪو آهي، ان خوشيءَ جي خبر جو ڪوبه اثر نه ٿيو، ٻئي ڏينهن اسپتال ۾ ڪتي کاڌلن جو ساڳيو تعداد هو، پٽيون ڪندي ڊريسر جا هٿ سڄي ويا ۽ ٽڪن جو اسٽاڪ بلڪل ختم ٿي ويو، ٽڪا اڻ لڀ ٿي ويا، ماڻهن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوءِ روڊن تي نڪري آيا، ٽائر ساڙيائون، ٽريفڪ ۽ دڪان بند ٿي ويا.

بالا آفيسرن نوٽيس ورتو ۽ ميونسپل جا جوان رپيٽرن سان پهچي ويا، سڄي ٽائون جا ڪتا گوليون هڻي ماري وڌائون، اسپتال ۾ اها خبر پوندي هئي ته ڪتا مارڻ جي ايڪشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ روز ڏهه ٻارنهن ڪتا مري رهيا آهن. پوءِ به حيرت جهڙي ڳالهه هئي جو اسپتال ۾ ڪتي کاڌل ايندا رهيا.

ان ڪاري ڪتي جا کاڌل ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن، پر اهو پراسرار ڪتو جيئرو آهي. آخري اطلاعن موجب ان ڪتي هڪ انڌي شخص تي حملو ڪيو، کيس دسي سيني ۾ چڪ هنيو. جڏهن ان انڌي شخص کي اسپتال وٺي ويا ٻڌايائين ته ”ڪتي کي پٽو پاتل هو.“

سڀ حيران ٿي ويا ۽ پڇايائونس ”تون ته انڌو آهين، توکي پٽو ڪيئن نظر آيو“؟

چيائين ته ”جڏهن ڪتي حملو ڪيو ته منهنجو هٿ ان جي پٽي ۾ پئجي ويو“!

هڪ انڌي پراسرار ڪتي جو معمو حل ڪري وڌو، دراصل پٽي پاتل ڪتا مارڻ غير قانوني عمل آهي.

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments