ڀيانڪ بنڪرن جي ڀُونءِ البانيا قسط – 8 (حصو پھريون) ڀوَن سنڌي

1912 Shares

ڀيانڪ بنڪرن جي ڀُونءِ البانيا

قسط – 8 (حصو پھريون)

ڀوَن سنڌي

            چوندا آهن ته لڳي هونئي ته ڪل پونئي. سو زندگيءَ ۾ جنهن سور سٺا هوندا، ان کي ئي خبر هوندي ته درد ڇا آهي؟ عذاب ڇا ھوندو آھي. سسئي جنهن پنهون لاءِ جبل جاڳيا ان کي پتو هوندو ته پير پٿون ڇا ٿيندا آهن! ڦاسي گهاٽ ۾ گهاريندڙ قيدي جنهن جي مٿان موت جي تلوار لٽڪندي هجي، اهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ته قيد تنهائي ڇا هوندي آهي ۽ جياپي جو چس ڇا آهي! فاشسٽ هٽلر جي حراستي ڪئمپن ۾ جانورن کان به بدترين حالتن ۾ واڙيل قيدين کي پتو هوندو ته ٽارچر ڇا ٿيندو آهي؟ مون هن ڌرتيءَ تي ماڻهن کي مفلسي جي گهاڻن ۾ پيڙهجندي ۽ نابرابري جي سماج ۾ درد ڀوڳيندي ته ڏٺو آهي، پر قيد تنهائي، ٽارچر سيلن ۽ ڦاسي گهاٽن جا قصا ۽ انهن جون ڀوڳنائون، ڪتابن ۾ ته گهڻيون ئي پڙهيون آهن، پر نجي زندگيءَ ۾ اُن جو مشاهدو ناهي. پاڻ اڄ هلون ٿا اهڙن ئي ڪربناڪ ۽ خوفناڪ منظرن جي جاءِ وارداتن (وقوع) کي ڏسڻ جن جو تصور ايندي ئي لڱ ڪانڊارجو وڃن ٿا. ته سائين منهنجا انهن ڀيانڪ منظرن جا عيني گواھ آھن بنڪ آرٽ 1 (Bunk Art-1) ۽ بنڪ آرٽ-2 (Bunk Art-2). هي بنڪ آرٽ 1 ۽ 2 جي نالي سان ميوزيم دراصل بنڪر (زير زمين خندق يا مورچا) آهن، جيڪي البانيا جي ڪميونسٽ حڪومت طرفان ائٽمي حملن کان بچڻ لاءِ ٺاهيا ويا. هنن بنڪر جي تعميرات کي ايترو ڳجهو (راز) رکيو ويو جو عوام کي به ان جو پتو ڪميونسٽ حڪومت جي ڊهڻ کان به گهڻو پوءِ پيو. هنن بنڪرس ۾ جيڪي ظلم، بربريت، تشدد ۽ وحشتن جا قصا دفن ٿيل آهن، انهن کي ڏسڻ کان اڳ اسان کي البانيا ۾ بنڪرن جي تاريخ جو جائزو وٺڻو پوندو.

           البانيا ۾ بنڪرس ٺهڻ جي شروعات 1967ع کان ٿي ۽ بنڪرس ٺاهڻ جو اهو عمل 1986ع تائين جاري رهيو. انهن بنڪرس جي ٺاهڻ جي پويان ڪارڻ البانيا جي ڪميونسٽ حڪمران اينوير هوجا (Enver Hoxha) جي مطابق البانيا کي نيٽو (Nato)، وارسا پيڪٽ جي ملڪن، يونان ۽ يوگو سلاويه جي متوقع نيو ڪليئر ائٽمي حملن کان محفوظ (بچائڻ) هو. انهن بنڪرن جو البانيا جي تحفظ ۾ ڪردار هو يا نه؟ انهن جي ٺاهڻ جي پويان ڪهڙا مقصد هئا؟ ان جي لاءِ بهتر ٿيندو ته البانيا جي ويجهڙائي واري دور حڪمراني جو به سرسري جائزو وٺجي.

           البانيا ۾ 1928ع کان 1939ع تائين بادشاهه Zogi (پهرين وزيراعظم، پوءِ صدر ۽ آخر ۾ پاڻ کي بادشاهه سڏائڻ شروع ڪيائين) جي حڪمراني رهي. 1939ع ۾ اٽلي البانيا تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت البانيا اٽلي جي بادشاهه Vittorio Emanuele III جي سلطنت جي تسلط هيٺ اچي ويو. جيئن ته روس ۾ آڪٽوبر 1917ع ۾ ڪامريڊ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچي چڪو آهي ۽ ان جا اثر سڄي دنيا خصوصن ويجهن ملڪن (رياستن) تي پوڻ شروع ٿي ويا هئا. البانيا ۾ به ڪميونسٽ تحريڪ ليبر پارٽي آف البانيا جي نالي سان فعال ٿي چڪي هئي، جنهن جو پهريون سيڪريٽري اينوير هوجا کي چونڊيو ويو. ان جي اڳواڻيءَ ۾ اٽلي سرڪار جي البانيا تي قبضي خلاف سخت مزاحمت ٿي ۽ آڪٽوبر 1944ع ۾ اٽلي کي هڪالي ڪامريڊن پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اينوير هوجا البانيا جو سربراهه ٿي ويو. هو هڪ ئي وقت پارٽي جو سربراهه، پولٽ بيورو جو ميمبر ۽ ڪمانڊر ان چيف به ٿي ويو. ڪامريڊ اينوير هوجا جنهن جو پورو نالو Gjirokaster Enver Halil Hoxha ھو، ان جو جنم 16 آڪٽوبر 1908ع ۾ ٿيو ۽ آڪٽوبر 1944ع کان وٺي 11 اپريل 1985ع (وفات جي تاريخ) تائين البانيا جو حڪمران ٿي رهيو. ان طويل عرصي دوران هو وزيراعظم به رهيو، صدر به رهيو، بهرحال جيڪي به عهدا هن کي انتظامي سربراهه جي حيثيت ۾ ٺيڪ لڳا اختيار ڪيا ۽ فقط هو ئي البانيا جو چيف ايگزيڪيوٽو (سربراهه) ٿي رهيو. هن جي طويل اقتداري عرصي جي دوران البانيا 46-1944ع تائين Demaocratic 1946-76 Govt of Albaniaع تائين Peoples Republic of Albania ۽ 92-1976ع تائين Socialst Republic of Albania جي حيثيت ۾ سڃاتو ويو. اينوير هوجا جهڙو نالو ڀلو هو (Enver  means Luminaus, Hoxha  means Master) هن اهڙا ئي شاهڪار ڪم پنهنجي شروعاتي اقتدار جي دور ۾ ڪيا، جيڪي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهن. هن ملڪ کي نئين سري سان تعمير ڪيو جيڪو ٻي عظيم جنگ ۾ تباهه ٿي چڪو هو. هن البانيا ۾ پهريون دفعو ريلوي جو ڄار وڇايو. هو البانيا ۾ تعليم جي شرح کي 5 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو تائين کڻي آيو. هن جي حڪومت ۾ عام ماڻهن کي مفت طبي سهولتون مهيا ڪيون ويون. هن نه صرف ملڪ جي زراعت کي ترقي وٺائي بلڪه 1970ع تائين البانيا جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر تائين بجلي پهچائي، جيڪو ان وقت جي حساب سان دنيا ۾ هڪ رڪارڊ آهي. هن عورتن کي سندن جائز حق ڏياريا. البانيا ۾ هن جي حڪومت کان اڳ ۾ عورت کي ملڪيت ۾ حصيداري ڪونه مليل هئي. عورت کي طلاق وٺڻ جو به حق ڪونه هو. هن عورتن کي تعليم جو حق ۽ نوڪرين ۾ برابر جي حصيداري ڏياري. هن البانيا جي آبادي وڌائڻ لاءِ ٻار جي پيدائش تي روڪ انعام متعارف ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ 1944ع ۾ جيڪا البانيا جي هڪ ملين آبادي هئي سا 1985ع تائين وڌي وڃي 3 ملين تي پهتي. اينوير هوجا ڪٽر ڪميونسٽ ۽ اسٽالنسٽ (سوويت يونين جو لينن کانپوءِ جو سربراهه اسٽالن) فڪر جو هو انهيءَ ڪري طبيعتن انتهائي سخت گير هو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سوويت يونين جي سربراهه خورشچيف ترميم پسندي کي متعارف ڪرايو ته هن 1968ع ۾ وارسا پيڪٽ کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ چيني بلاڪ کي جوائن ڪيو. پر جڏهن آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن فيبروري 1972ع ۾ چين جو دورو ڪيو ته هن مائوزي تنگ سان اختلاف رکيو ۽ بعد ۾ چيني حڪمرانن جي ڪامريڊ مائوزي تنگ جي فڪر کان مختلف پاليسي اختيار ڪرڻ سبب هو گهڻو وقت چين سان به نه هلي سگهيو ۽ 1977ع ڌاري چيني بلاڪ کان به عليحدگي اختيار ڪئي. جتي هن ڪامريڊ ۾ کوڙ ساريون چڱايون هيون، اتي هن پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ ناجائزيون به جام ڪيون. چوندا آهن ته اڳياڙي تن جي سُرهي جن جي پڇاڙي سُرهي. هن پنهنجي پوئين دور ۾ پنهنجي نالي کي لڄائي ڇڏيو.هن ماڻهن جون شخصي آزاديون ختم ڪيون. پنهنجي وطن واسين جي پرڏيهه وڃڻ تي پابنديون لڳائي ڇڏيون. پرائيويٽ ملڪيت رکڻ تي غير ضروري پابنديون مڙهيون ويون. ڪليسائون، مسجدون ۽ ٻيا مذهبي ادارا ڊاٺا ويا يا انهن کي سيڪيولر ادارن ۾ تبديل ڪيو ويو. شهرن ۽ رستن تان مذهبي نالا هٽايا ويا ۽ ماڻهن کي مذهبي نالن رکڻ تان به منع ڪئي وئي. مذهبن کي سڀني برائين ڦهلائڻ جي جڙ قرار ڏنو ويو. البانيا ۾ 300 کان مٿي پادرين مان گهڻن کي ماريو ويو يا گم ڪيو ويو. مخالف مذهبي پيشوا يا ته لڪي ويا يا گرفتار ڪيا ويا. البانيا کي پهرين اٿيئيسٽ اسٽيٽ ظاهر (ڊڪليئر) ڪيو ويو. اينوير هوجا جي حڪم مطابق البانيا جو مذهب 19 هين صدي جي مشهور الباني ليکڪ Pashko Vasa جي نظم O moj Shtqiperi (او منهنجا البانيا) جي پسمنظر ۾ البانيزم قرار ڏنو ويو. هن جي اقتدار دوران سياسي مخالفن کي جيلن ۾ واڙيو ويو. هن جون پاليسيون جي صحيح به هيون يا کڻي انهن کي رد به نه ڪجي ته به انهن کي عملي جامو پهرائڻ جو طريقيڪار انتهائي غلط هو. چوندا آهن ته زور جي مهندي لڳندي ناهي، سو هي ڪامريڊ به جي ماڻهن جي ذهني اوسر تي ڌيان ڏي ها ۽ بجاءِ طاقت جي استعمال جي انهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته رد انقلاب نه اچي ها. خود سوويت يونين جي ٽٽڻ جو به اهو ئي ڪارڻ هو. هن انساني آزادي ۽ سوچڻ جي حق کي سلب ڪيو. پاڻ وٽ به جڏهن سوويت يونين جو اوج هو ته پنهنجا ڪامريڊ به هٿن مان پيا ويندا هئا. پارٽي سان اختلاف رکيو ناهي، غدار جو ليبل لڳو ناهي. مون کي ياد آهي پنهنجي زماني جو سنڌي عوامي تحريڪ (پراڻي رسول بخش پليجي ۽ ساٿين جي جوڙيل پارٽي) جو دور. ڪامريڊ قاسم پٿر پارٽي پاليسي کان ٿورو هٽي ڪري ڳالهه رکي. هن جو موقف هو ته اسان کي ٽراٽسڪي کي به پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت طبقاتي مسئلي سان گڏ قومي مسئلي کان ڪن لاٽار نه ڪرڻ گهرجي. بس بجاءِ پارٽي اندر انهن تجويزن کي بحث هيٺ آڻڻ جي مٿس غداريءَ جي فتويٰ صادر ٿي وئي. الڳ موقف رکڻ تي ايڏو وڏو الزام؟ الڳ موقف رکڻ کي غداري تہ نٿو چئي سگهجي. سوويت يونين به پنهنجي سخت گير موقف سبب ٽٽو. پاڻ به موضوعي ۽ معروضي حالتون سمجهڻ جي بدران هر معاملي ۾ سوويت يونين کي قبلو ٺاهي ويهي رهياسين ۽ پنهنجي الڳ ڪُني چاڙهي ڪونه سگهياسين. سو نتيجن جڏهن سوويت يونين ٽٽو ته پاڻ وارن ڪامريڊن به کڻي ماٺ ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت پاڻ وٽ به ڪميونسٽ سياست جو خاتمو اچي ويو ۽ پوءِ – ڪي وڃي صحافي ٿيا، ڪن اين جي اوز جوائن ڪيو ۽ گٺل پيٺل سماج جو حصو ٿي ويا ته ڪي وري ماٺ ڪري پاسيرو ٿي ويا، پر جي اسان جا ڪامريڊ زميني حقيقتن کي اڳيان رکي سياست ڪن ها تہ، نہ تہ هو مايوسيءَ جو شڪار ٿين ها ۽ نه ئي اڄ مارڪسزم جي سياست جو هي حشر ٿئي ها.

            چوندا آهن ته انتها پسندي (ڪٽرپڻو) پوءِ اهو مذهبي هجي يا ترقي پسندي ۾ هجي ان ۾ ماڻهو جون اکيون پورجي وينديون آهن ۽ پوءِ هو فقط پاڻ کي ئي صحيح سمجهڻ لڳندو آهي ۽ هن کي ٻين جي ڪابه چڱائي نظر ڪونه ايندي آهي ۽ ان جو آخري نتيجو تباهي ئي بڻبو آهي. اينوير هوجا ڪٽر ڪميونسٽ پاليسين سبب نه روس سان هلي سگهيو نه چين سان. ايئن الائجي هو به يا نه؟ يا هن جي پنهنجي سوچ جو فتور هو جو هو سوويت يونين (وارسا پيڪٽ وارن ملڪن) ۽ نيٽو (آمريڪا جي اتحادي ملڪن) کي پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳو. ساڳيو خطرو هن کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن يونان ۽ يوگوسلاويه کان به محسوس ٿيڻ لڳو. هن کي خوف هو ته اهي ڪنهن به وقت البانيا تي نيو ڪليئر ۽ ايٽمي هٿيار استعمال ڪندا. ان ڪري هن انهن خطرناڪ هٿيارن ۽ بمن کان بچڻ لاءِ بنڪر جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو.

             البانيا ۾ بنڪرن ٺاهڻ جي شروعات 1967ع کان ٿي ۽ 1986ع تائين اهي ٺهندا رهيا. بنڪر زير زمين مورچو (خندق) هجي ٿو، انهن جي تعميرات ۾ لوهه، ريتي، سرون، پٿر ۽ سيمينٽ استعمال ٿئي ٿو. البانيا ۾ ٺهندڙ بنڪرن کي ان جي موجد Qender Josif Zagali جي نالي جي پويان QZ چيو وڃي ٿو. اينوير هوجا Qender Josif Zagali کي بنڪرن ٺاهڻ جي فن تي مهارت سبب ڪرنل جي عهدي تي ترقي ڏني. هڪ اندازي موجب البانيا ۾ پهاڙن تي يا پلين ۽ کليل ميدانن تي هڪ اسڪوائر ڪلو ميٽر ايريا ۾ 5 کان 7 بنڪر ٺاهيا ويا. ان حساب سان البانيا ۾ 175000 بنڪر ٺاهيا ويا. ڪن محققن جي راءِ موجب اهو تعداد لڳ ڀڳ 700000 جي برابر آهي. ايترن گهڻن بنڪرن جي تعداد هئڻ جي ڪري البانيا دنيا ۾ بنڪرن جي ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. اينوير هوجا ايترو شڪي مزاج جو ماڻهو هو جو هن بنڪرن جي موجد پنهنجي ان ڪرنل ساٿي تي به اڳتي هلي پرڏيهي ايجنٽ جو الزام هنيو ۽ 1974ع ۾ هن کي 8 سال قيد با مشقت جي سزا ڏني وئي. ڪرنل جي زال صدمي ۾ چري ٿي وئي ۽ هن جي ڌيءَ ڪينسر ۾ پرگهور نه لهڻ سبب مري وئي. ان دک دائڪ سانحي تي اڳتي هلي مشهور الباني فلم ڊائريڪٽر Kujtim Cashku هڪ فلم Kolonel Bunker به ٺاهي.

           بنڪر عام طور تي سائيز ۾ تقريبن 8 ميٽر جا هجن ٿا، پر جبلن ۾ ٻه ڪلو ميٽر تائين ڊگها بنڪر به ٺاهيا ويا. البانيا نارٿ ڪوريا کانپوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏو غارن/سرنگهن (Tunnels) وارو ملڪ آهي. دشمنن کان رازداري جي حساب سان انهن بنڪرن جي جڳهين ۾ به تبديل ڪئي ويندي هئي. انهن بنڪرن ۾ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ اٺ لک ماڻهن جي فوج ۾ ڀرتي به ڪئي وئي. 12 سالن جي عمر کان ٻارن کي اسڪول ۾ فوجي تربيت ڏني ويندي هئي، مقامي ماڻهن کي به بنڪرن جي سار سنڀال تي مامور ڪيو ويندو هو، جن کي رائفلون ته ڏنيون وينديون هيون، پر گوليون ۽ بارود نه. جيتوڻيڪ هي بنڪر جيڪي نيٽو، سوويت يونين جي ملڪن (وارسا پيڪٽ)، يوگو سلاويه ۽ يونان جي نيو ڪليئر ۽  ايٽمي هٿيارن کان بچاءُ لاءِ جوڙيا ويا هئا، ڪڏهن به جنگي لحاظ کان استعمال ۾ نه آيا. البته انهن مان ڪجهه بنڪر اينوير هوجا جي وفات کانپوءِ 1997ع ۾ لوڪل ماڻهن جي بغاوت ۽ ڪجهه وري 1999ع ۾ ڪوسووو (Kosovo) سان جنگ ۾ استعمال ٿيا.

            ڪميونسٽ ڊڪٽيٽر اينوير هوجا پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪچلڻ لاءِ سيگوريمي (Sigurimi) جي نالي سان هڪ پوليس جو ادارو کوليو جنهن جو انگريزيءَ ۾ مطلب آهي The Directorate of State Security.هي سفا ڪانه ڪارروايون ڪندڙ ادارو 10 ڊسمبر 1944ع ۾ ٺاهيو ويو ۽ ڪميونسٽ حڪمرانيءَ جي آخري ڏينهن يعني 15 آگسٽ 1991ع تائين پنهنجون ڪارستانيون ڪندو رهيو. هن پوليس اداري جو ڪم ئي هو مخالفن کي چيڀاٽڻ، لاپتا ڪرڻ، ماري ڇڏڻ. هي بنڪر جيڪي هونئن ته ملڪ جي دفاع جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا، ان مقصد لاءِ ته استعمال ڪونه ٿي سگهيا، باقي اينوير هوجا جي مخالفن لاءِ هي ظلمن جو داستان بڻجي ويا. اينوير هوجا جي ڪميونسٽ فڪر جي مخالفن کي هنن بنڪرن ۾ واڙيو ويندو هو ۽ مٿن انتها درجي جو (ٿرڊ ڊگري) ٽارچر ڪيو ويندو هو. بدنام زمانا پوليس سيگوريمي حڪومت مخالفن کي انهن بنڪرن ۾ کڻي ويندي هئي جتي انهن کي اليڪٽرڪ شاٽس ڏنا ويندا هئا، ڪنن ۾ زوردار گاڏين جا هارن وڄائي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ويندو هو. هنن بنڪرن ۾ جتي ٻن يا ٽن ماڻهن جي گنجائش هئي اتي ڏهن ٻارهن ماڻهن کي سٿيو ويندو هو. انهن بنڪرن ۾ نه هوا جو گذر ۽ نه روشنيءَ جو لنگهه، اونداهه سان ڀرپور هن ڪربانڪ ماحول ۾ نه انهن کي پوري ماني ڏني ويندي هئي ۽ نه وري پورو سمهڻ ڏنو ويندو هو. بنڪرن ۾ حاجت پوري ڪرڻ جو به جوڳو بندوبست ڪونه هو. گهڻا قيدي چمڙي ۽ ٻين موذي مرضن ۾ بنا علاج جي تڙپي تڙپي مري ويندا هئا. ملڪ جي مخالفن کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ بارڊر تي اليڪٽرڪ تارون وڇايون ويون هيون. جڳ مشهور خدمتگار مدر ٽريسا جنهن جو اصل وطن البانيا هو ان کي به محض ڪرسچن ۽ ڪليسا سان جڙيل هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جي موت تي البانيا اچڻ نه ڏنو ويو ۽ هوءَ ڊڪٽيٽر اينوير هوجا جي 1985ع ۾ مرڻ ۽ البانيا ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي 1991ع يعني پنجن سالن کانپوءِ پنهنجي جنم ڀومي تي آئي. اينوير هوجا جي دور ۾ 50 هزار کان مٿي ماڻهن کي انقلاب دشمن قرار ڏيئي ماريو ويو. تقريبن 32 هزار کان مٿي ماڻهن کي جيل ۾ واڙيو ويو ۽ بارڊر ٽپندي پڪڙيل ماڻهن جو انگ ان کان علاوه آهي جن کي ان ڏوهه ۾ 10 سال قيد با مشقت سزا ڏني وئي. هن پنهنجي طويل اقتدار جي دور ۾ ڪافي مخالفن کي غدار ڄاڻائي ڦاهيون ڏنيون ۽ اهو انگ 1981 ۾ سڀ کان زياده رهيو. 1981ع ۾ هن پنهنجي پارٽي جي ڪافي منحرف ماڻهن کي سولي تي لٽڪايو. هن ڪميونسٽ پارٽي جي سڀني کان پاور فل ۽ 40 سالن تائين هن سان پارٽي ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪندڙ Mehmet Shehu جيڪو هن جو متوقع جان نشين هو، ان کي به نه بخشيو. ڪي چون ٿا ته هن غدار ڪوٺڻ تي پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي ته ڪن جو رايو آهي ته هن کي قتل ڪيو ويو.

            البانيا جي سربراهه ڪٽر ڪميونسٽ اينوير هوجا ڪميونسٽ انقلاب، حڪمت عملي ۽ پاليسين تي 65 ڪتاب لکيا. هن جي وفات بيماري وگهي 11 اپريل 1985ع ۾ ٿي. هن جي مرڻ کانپوءِ به 6 سال البانيا ۾ ڪميونسٽ دور حڪومت رهيو. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ هتي البانيا ۾ به بغاوتون شروع ٿي ويون ۽ ماڻهن نفرت جو اظهار ڪندي ڪميونسٽ دور حڪومت جي نشانين کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. اينوير هوجا جي دور ۾ ٺاهيل 175000 (ڪن محققن جي راءِ موجب بنڪرن جو تعداد 700000 هو) کان مٿي بنڪرن تي ماڻهن قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. ڪن بنڪرن ۾ مال جا واڙا قائم ٿي ويا ته ڪن ۾ وري ماڻهن رهائش اختيار ڪري ورتي. ڪن بنڪرن ۾ ننڍا وڏا دڪان کلي ويا ته ڪن ۾ هوٽلون. برطانيه جي مشهور پبلشر ۽ سياح ٽوني وهيلر جي مشاهدي مطابق آمريڪا جو ڪنوار پڻو (Virginity) ڪار جي پوئين سيٽ تي ٽٽي ٿو، جڏهن ته البانيا ۾ اهو بنڪرن ۾ ٽٽي ٿو. حاصل مطلب ته اهي بنڪر جيڪي جنگي مقصدن لاءِ ٺاهيا ويا هئا عاشقن ۽ معشوقن جي رنگ رلين ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. جيئن ته انهن مان ڪافي بنڪرن ۾ ڌماڪيدار مادو به گڏ ڪيل هو ۽ ڪافي وقت تائين خالي هئڻ سبب انهن ۾ زهريلي گئس به ڀرجي وئي هئي. انهيءَ ڪري انهن بنڪرن جي استعمال سبب ڪافي ماڻهن جي موت جا واقعا به ٿيا. سال 2008ع ۾ آمريڪا البانيا کي انهن بنڪرن کي تباهه ڪرڻ لاءِ 20 ملين ڊالر امداد ڏني جيئن اهي جنگي مقصدن لاءِ استعمال ٿي نه سگهن ۽ ساڳئي وقت انساني حياتين جي رونما ٿيندڙ سانحن کان بچاءُ ٿي سگهي. هن وقت تائين البانيا جي چپي چپي تي موجود بنڪر تباهه ڪيا ويا آهن. ڪٿي ڪٿي ڪو ورلي نشان انهن جي موجودگي جو احساس ياد ڏياري ٿو. البته ڪجهه بنڪر ظلمت جي نشاني طور صحيح سلامت حالت ۾ رکيا ويا آهن، جن مان به تمام وڏا بنڪر ترانا شهر ۾ موجود آهن. جن کي هاڻي بنڪر ميوزمن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. اچو ته انهن ماضيءَ ۾ ظلم جي علامت بڻيل بنڪرن کي ڏسڻ هلون. (1)بنڪ آرٽ-1 ميوزيم: هي بنڪر ترانا شهر جي سٽي سينٽر کان تقريبن ويهن منٽن جي فاصلي تي آهي ۽ ترانا جي Shish Tufina علائقي ۾ واقع آهي. بيضوي شڪل جو هي بنڪر 1972ع کان 1978ع جي عرصي ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ان جو افتتاح ڪميونسٽ ڊڪٽيٽر اينوير هوجا ڪيو. هي انڊر گرائونڊ بنڪر 2685 اسڪوائر ميٽر ايريا تي ڦهليل آهي ۽ پنج ماڙ آهي. هن بنڪر جي آس پاس تقريبن هڪ ڪلو ميٽر ايريا ۾ جهنگل نما وڻ ٽڻ وغيره لڳل آهن. بنڪ آرٽ-1 جو انٽري ٽڪيٽ 4 يورو (500 ليڪ) آهي جيڪي پاڪستاني سڪي ۾ 800 رپيا ٿين ٿا. هي ميوزيم اربع کان ڇنڇر صبح 9 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين کليل هجي ٿو.

           هن انڊر گرائونڊ بنڪر ۾ 106 ڪمرا آهن ۽ هڪ اسيمبلي هال به آهي جنهن ۾ هاڻي سياحن کي وندرائڻ لاءِ Jazz ميوزڪ وڄندي رهي ٿي. هن بنڪر جا ڪاريڊور سوڙها ۽ ڪانڪريٽ ۽ سيمينٽ مان ٺهيل حفاظتي دروازا تقريبن ڏيڊ فوٽ ٿلها آهن. هن بنڪر ۾ ڊڪٽيٽر اينوير هوجا ۽ سندس زال لاءِ الڳ وڏو لگزري ڪمرو ٺهيل آهي جنهن ۾ بيڊ ۽ ٻي آرائش سان گڏ آفيس به سيٽ ڪيل آهي. هن ئي بنڪر ۾ پرائم منسٽر Mehmet Shehu لاءِ به هڪ لگزري ڪمرو ٺهيل آهي. هن بنڪر ۾ پولٽ بيورو ۽ پوري حڪومتي سرشتي کي هلائڻ لاءِ جدا جدا آفيسون ٺاهيون ويون آهن. هي وسيع ايراضي تي بنڪر ان حساب سان ٺاهيو ويو هو ته جيئن نيو ڪليئر يا ايٽمي جنگ جي صورت ۾ پوري انتظامي سرشتي کي ان ۾ شفٽ ڪري سگهجي. هن بنڪر ۾ ان وقت جا جديد وائرليس جا آلات، فون ريڊيو، اسلحو ۽ ٻيون سڀ شيون موجود آهن جن جو استعمال روز مره جي زندگي يا جنگ جي صورتحال ۾ ٿي سگهي ٿو. هي بنڪر جيڪو البانيا جي ڪميونسٽ دور جي آپيشاهي ۽ فوجي راڄ جو ذريعو بڻيل هو ان کي 2014ع ۾ بنڪ آرٽ-1 ميوزيم جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪميونسٽن جي 45 سالن جي دور (1991ع-1944ع) جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل مواد رکيو ويو آهي. ان ۾ لڳايل ڄاڻ سان ڀرپور تختيون، نوٽيس بورڊ، فوٽو گراف ۽ آڊيو وڊيو ڊاڪيومينٽريون هڪ واري ماڻهو کي ان دور ۾ وٺي وڃن ٿيون، جڏهن البانيا ۾ بربريت جو راڄ هو. هن ميوزيم کي پسندي آئون هڪ وار سوچڻ لڳان ٿو ته ڇا پاڻ کي اشرف المخلوقات سڏائيندڙ انسان ايترو به ڪميڻو ٿي سگهي ٿو جو هو پنهنجي ڪڙم سان ايتري بدسلوڪي ۽ سفاڪي ڪري جيتري ڪو جانور به ٻئي جانور سان نه ڪندو آهي!؟ اها ڪيفيت وڌيڪ پريشان نه ڪري سو آئون نڪري آيو آهيان بنڪ آرٽ-1 کان ٻاهر کليل ماحول ۾. ڪجهه دير اتي لڳل باغات ۾ تازي هوا اندر ۾ اوتيندي هاڻ پنهنجي گاڏي رخ ڪيو آهي بنڪ آرٽ-2 ميوزيم ڏانهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments