چهرا نه نظام تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي december 2021

20 ۽ 21 نومبر 2021 تي لاهور آواري هوٽل ۾ عاصمه جهانگير فائونڊيشن ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي گڏيل سهڪار سان هڪ غير معمولي ڪانفرنس ٿي گذري. ڇو ته ان ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به خطاب ڪيو جيڪو هينئر ملڪ کان ٻاهر آهي. جنهن تي حڪومت سخت ڪاوڙيل آهي. پاڪستان ۾ 74 سالن کان هڪ طويل عرصي تائين مارشل لا جو سايو رهيو آهي ۽ جيترو به وقت جمهوري حڪومتون آيون آهن، اهي حڪومتون ڪنٽرولڊ جمهوريت کي منهن ڏينديون رهيون آهن.

گذريل دور جي جمهوري حڪومتن جو جيڪڏهن هلندڙ حڪومت سان مقابلو ڪيو وڃي ته محسوس ٿيندو ته اها جمهوريت جي نالي تي هڪ غير جمهوري حڪومت آهي، جنهن کي صرف جمهوريت جي کل پاتل آهي، باقي ان حڪومت ۾ جمهوري قدرن جي جهڙيءَ ريت پامالي ٿي رهي آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. اهڙي وقت ۾ جتي پارليامينٽ پنهنجي وقعت وڃائي چڪي هجي، سينيٽ جي ڪابه حيثيت نه رهي هجي، عدليه تان عوام جو ويساهه کڄي چڪو هجي ۽ نيب جهڙا ادرا سياسي انتقام جي ٽارچر سيل جو ڪم ڪري رهيا هجن، اسٽيبلشمينٽ تي عدليه سوال اٿاريندي هجي، جتي حڪمران روز واعدا ڪري ڦري وڃن، ڪوڙ ڳالهائين، سرڪاري ايراضين تي قبضن ۾ حڪمران طبقي جا عملدار ملوث هجن ۽ عوام مهانگائي ۽ حڪومتي لاتعلقيءَ سبب حيران ۽ پريشان هجي، اتي هن ڪانفرنس جو منعقد ٿيڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ واقعو ٿو لڳي. ڇو ته عاصمه جهانگير پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪمزور ۽ جبر جو شڪار ٿيل طبقي جو آواز بڻجي رهي ۽ هن جهان مان وڃڻ کانپوءِ سندس نالي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ به ساڳيو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ڪانفرنس ۾ چئن صوبن کان زندگيءَ جي مختلف حصن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن حصو ورتو. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار حسين سان گڏ بار ڪائونسل جي ميمبرن، وڪيلن، ترقي پسند دانشورن، صحافين، عورت اڳواڻن، پشتون رهنمائن، شاگرد تنظيم جي رهنمائن حصو ورتو.

هيءَ ڪانفرنس ٻن ڏينهن تائين هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻيل رهي جتي ڳالهائيندڙن تمام بهادريءَ سان دل کولي سچ ڳالهايو. پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي اصل چئلينجن جي ڳالهه ڪئي. لاهور اهو شهر آهي جتي قرارداد پاڪستان جي منظوري جو تاريخي واقعو ٿيو ۽ هي شهر ترقي پسند تحريڪ جو، ادب ۽ فن جو مرڪز آهي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ مسئلا جيڪي پراڻا آهن ۽ حل طلب آهن، انهن جو کليل اظهار ٿيو. 20، 21 نومبر 2021 جا ڏينهن پاڪستان جي تاريخ لاءِ هڪ تاريخي موڙ ۽ صحتمند بنياد جو ڪم ڏيندا. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي اهم ڳالهيون ٿيون آهن تن جو سڌو سنئون تعلق پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي بنيادي حقن ۽ مسئلن سان آهي ۽ انهن دانشورن جي ڳالهه سڌو عوام تائين پهتي آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ مقررن ۾ پاڪستاني عوام ۽ قوميتن جا حقيقي نمائندا هڪ ئي وقت موجود هئا. مسئلا جي پراڻي ناسور جيان آهن تن جو علاج هاڻي وقت جي ضرورت آهي.

هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ مقررن ۽ عوام جي نمائندن اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته رياستِ پاڪستان کي ان فرسوده نظام تحت هلائي نٿو سگهجي، جتي تبديلي صرف چهرن جي صورت ۾ اچي ٿي ۽ اها تبديلي جيڪا عوام ۽ غريب طبقي جو خواب آهي ان جو ڪٿي به ذڪر نٿو ٿئي ۽ نه ئي نظر اچي ٿي. نه رڳو ايترو پر عوام لاءِ حالتون ويتر خطرناڪ ٿينديون وڃن ٿيون، وفاق کي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ڪيو پيو وڃي. ماضيءَ جي تلخ تجربن کان ڪوبه سبق حاصل نه ڪيو ويو آهي. طاقت جي ڊوڙ ۾ طاقتور ئي اڳڀرو نظر اچي ٿو، صحافت کي ڊيڄاريو ويو آهي، اهڙيءَ صورتحال ۾ رياست کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هٿرادو نظام آڻي ان کي جمهوري نظام طور هلائڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي. ملڪ کي هلائڻ لاءِ ادارن کي انهن جا آئيني حق ڏيڻا پوندا ۽ هر اداري کي چاهي اهو ننڍو هجي يا وڏو پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ جو ذميوار ٿيڻو پوندو. هن ڪانفرنس ڪيترن ئي طاقتور ادارن کي تنبيهه ڪئي آهي ته هاڻي چهره تبديل ڪرڻ سان ڪم نه هلندو نظام کي پنهنجي آئيني ۽ اصولي ڍانچي مطابق هلائبو ته ملڪ بچي سگهي ٿو نه ته انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments