پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

چوري ٿيل سمارٽ فون جي رڪوري لاءِ ايپ تيار

لاهور پوليس سمارٽ فون کي چوري کان بچائڻ لاءِ ايپ تيار ڪري ورتي آهي. خبرن مطابق لاهور پوليس پي آءِ ٽي بي (پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ) سان ملي ڪري E-gadget Monitory System ايپ تيار ڪري ورتي آهي، جنهن کي پلي اسٽور مان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. هن ايپ ۾ موبائل فون وڪڻندڙ ۽ خريد ڪندڙ جو ڊيٽا محفوظ رکيو ويندو ساڳيو ڊيٽا پوليس وٽ به محفوظ رهندو ۽ جيڪو به هن اهڙي فون کي چوري ٿيڻ بعد استعمال ڪندو ته ان ماڻهو کي خبر پئجي ويندي ته فون چوري ٿيل آهي. لاهور پوليس پاران تيار ڪرايل هن ايپ کي موبائل جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن پاران به ساراهيو ويو آهي. ايپ جي لانچنگ جي موقعي تي پوليس جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته هن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه نظام نه هو جنهن ۾ چوري ٿيل سمورين فونن جو رڪارڊ موجود هجي جنهن سبب چوري ٿيل فون آساني سان وڪامجي وينديون هيون ۽ هن ايپ ذريعي 60 کان 70 سيڪڙو موبائل چوري روڪي سگهبي.