ڪهاڻيون

ڇهه نوڪرGrimm’s Fairy Tales مترجم: خانصاحب مريد علي ڪهاڻي اپريل 2022

قديم زماني ۾، هڪ راڻي هوندي هئي، جا وڏي بدڪار ۽ جادوگر هئي. کيس هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جهڙي دنيا جي تختي تي ٻي ڪابه ڇوڪري حسين ۽ سهڻي ڪانه هئي. هن پوڙهيءَ رن جو فقط هڪڙو ئي مقصد هوندو هو ته ڪهڙيءَ به ريت ماڻهن کي ٺڳي نابود ڪريان ۽ انهيءَ مقصد سان جڏهن به ڪو سندس ڌيءَ جي سڱ جي گهر ڪندو هو ته هوءَ چوندي هيس ته “آئون ڌيءَ جو سڱ ان ماڻهوءَ کي ڏينديس، جيڪو منهنجا شرط پورا ڪندو!” ماڻهو وري هن ڇوڪريءَ جي حُسن ۽ جمال تي اهڙا موهت هئا، جو هن ٻڍيءَ جي دولاب ۾ اٽڪي هن جي اڻ ٿيڻ جهڙن ڪمن ۾ اکيون پوري کڻي هٿ وجهندا هئا… ۽ ناڪام ٿيندا هئا، پر ناڪام ٿيڻ جي سزا اها هئي جو انهيءَ جادوگرڻ جي اڳيان گوڏن ڀر نِمي، گردن جهڪائڻو پوندو هئن. آخر هڪ نوجوان شهزادي، ايڏي حُسن جي هاڪ ٻڌي، پنهنجي پيءُ کي عرض ڪيو ته “مهرباني ڪري مون کي هن ڇوڪريءَ جي ٻانهن جيتڻ جي موڪل ڏيو.”

بادشاهه جواب ڏنس، “هرگز نه! جيڪڏهن تون اوڏانهن ويندين ته ضرور موت جي منهن ۾ ايندين.” اهو ٻڌي، شهزادو اهڙو نراس ٿيو، جو اچي بيمار ٿيو ۽ ست سال ساندهه بستري تي پيو رهيو. انهيءَ عرصي ۾ ڪئين حڪيم آيا، طبيب آيا، پر ڪنهن جو به علاج ڪارگر نه ٿيو. جڏهن بادشاهه ڏٺو ته شهزادي جي حالت بهتر ٿيڻ جي ڪابه اميد نه آهي، تڏهن لاچار ڏک ۾ ڀرجي چيائينس، “جيڪڏهن توکي ايئن ئي  وڻي ٿو ته پوءِ ڀل وڃي پنهنجي قسمت آزمائي! وڌيڪ توکي آئون ڇا چوان!”

انهيءَ تي شهزادو پنهنجي بيماريءَ جي بستري تان ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. هو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي ۽ گهوڙي تي چڙهي، هڪدم سفر تي روانو ٿيو. هلندي، هلندي هڪ ميدان مان اچي لنگهيو، ڪنڌ کڻي جو اڳيان ڏسي ته پري کان هڪ ڍير وانگر ڪا شيءِ نظر آيس. وڌي جڏهن ويجهو آيو ته ڏسي ته هڪڙو بنهه هاٿيءَ جهڙو ٿلهو ماڻهو آهي، جو سنئون سڌو پٺيءَ ڀر ليٽيو پيو آهي.

ٿلهو ماڻهو، گهوڙي سوار کي پريان ايندو ڏسي، اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، “سائين، توهان کي ڪنهن نوڪر جي درڪار هجي ته مون کي ضرور پاڻ سان وٺي هلو!”

شهزادي جواب ڏنس ته “تو ڍير جهڙي کي، آئون نوڪر رکي ڇا ڪندس؟” ٿلهي ماڻهوءَ جواب ڏنس، “حضور، هن ٿولهه جو ڪجهه فڪر نه ڪريو! اوهان کي نوڪري کپندي سا هر حال ۾ آئون اوهان جي مرضيءَ موجب ڏيندس! باقي هيءَ منهنجي ٿولهه سا منهنجي هٿ ۾ آهي، مرضي پويم ته هوند هن کان به هزار ڀيرا وڌيڪ ٿلهو ٿي سگهان ٿو!”

شهزادي وراڻيس، جيڪڏهن ايئن آهي ته هل مون سان، ضرور ڪنهن نه ڪنهن ڪم اچي ويندين!” پوءِ شهزادو وڌيو اڳتي ۽ ٿلهو ماڻهو به اٿي سندس پٺيان لڳو. ٿورو پنڌ ڪيائون ته ڏسن ته هڪڙو ماڻهو آهي جو ڇٻر تي ليٽيو پيو آهي ۽ ڪن زمين سان ايئن لايو پيو آهي جو ڄڻ ته ڪجهه ٻڌي رهيو آهي!

شهزادي پڇيس ته “ميان، اهو ڇا پيو ڪرين؟” هن جواب ڏنو ته “آئون ٻڌان ويٺو.” شهزادي وري سوال ڪيس ته “ڇا ويٺو هيتري ڌيان سان ٻڌين؟” هن جواب ڏنو ته “جيڪي به جهان ۾ ٿئي پيو، اهو ويٺو ٻڌان! منهنجا ڪن اهڙا ته سرلا آهن، جو ڪنهن به شيءِ ذري جيتري به ڪٿي ڪا چرپر ڪئي ته هڪدم جهٽي ٿا وٺن- رڳو گاهه جو وڌي ٿو ته ان جو اهو ننڊاکرو خاموش آواز به ٻڌي ٿو سگهان!” شهزادي چيو، “چڱو ٻڌائي ته هوءَ جا پوڙهي راڻي آهي جنهن جي ڌيءَ جو حُسن ملڪان ملڪ مشهور آهي، تنهن جي درٻار ۾ هن وقت ڇا پيو وهي واپري؟ ڏسون ته ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهين!”

هن جواب ڏنو، “پوڙهي راڻيءَ جي درٻار ۾، هڪ غريب عاشق جي سسي وڍجڻ واسطي ترار تيز پئي ٿئي، آئون ان جا گِهڪا ٻڌي رهيو آهيان!” تنهن تي شهزادي کي اچرج وٺي ويو ۽ چيائينس ته “هل مون سان، تون ضرور مون کي ڪم ايندين!” پوءِ هي ٽيئي پنهنجو رستو وٺي هليا، تان جو پري کان گوڏن تائين ٻه پير ڏسڻ ۾ آين ماڻهوءَ ٽنگن جو ۽ بدن جو باقي ٻيو حصو، هنن جي نظرن کان غائب هو. ڪافي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ آخر هو ان ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۽ مٿي تائين اچي پهتا. شهزادي کي حيرت وٺي ويئي، چيائين: “الله اڪبر! انسان ۽ ايڏو ڊگهو!” تنهن تي هن ماڻهوءَ جواب ڏنو، “هائو، پر آئون جيڪڏهن پنهنجن عضون کي ڪنهن ريت ڊگهي ڪرڻ تي اچان ته هوند هن کان به هزارين ڀيرا وڌيڪ ڊگهو ٿي سگهان ٿو. سڄيءَ دنيا ۾ اتانهين کان اتانهين جبل کان به اوچو ٿي سگهان ٿو. جيڪڏهن مون کي نوڪري ۾ رکندا ته آئون اوهان جي تمام چڱي خدمت ڪندس.” شهزادي چيس، “هليو آءُ تون به شايد ڪم جو ٿينم.”

اهڙيءَ ريت هو چارئي رستو وٺي اٿي هليا، تان جو رستي تي هڪڙو ماڻهو ويٺل ڏٺائون جنهن جي اکين تي پٽي ٻڌي پئي هئي! شهزادي وڌي ان کان پڇيو، “تنهنجون اکيون ڪمزور آهن ڇا، جو روشني سهي نٿو سگهين؟” ان ماڻهوءَ جواب ڏنو، “ايئن نه آهي، منهنجي نظر ته پاڻ اهڙي تيز آهي جو مون کي اکين تي پٽي ٻڌڻي ٿي پوي نه ته جنهن به شيءِ تي منهنجي نظر پوندي سان ڀڄي، ڀُري، پرزا پرزا ٿي ويندي! جيڪڏهن اهو گڻ اوهان جي خدمت ۾ ڪم اچي سگهي ته مون کي پاڻ سان وٺي هلو!” شهزادي چيس، “هليو اچ، تون به شايد ڪم اچي سگهين!”

پوءِ سڀئي وڌيا اڳتي. هليا وڃن، هليا وڃن ته ڏسن ته هڪڙو ماڻهو آهي جو نٽهڻ اس ۾ ليٽيو پيو آهي ۽ سڄو بُت اس ۾ ايئن پيو ڏڪيس ڄڻ سرديءَ ۾ ڄمي برف ٿي ويو اٿس! سندس بُت جو هڪڙو عضوو به اهڙو ڪونه هو، جنهن کي ڏڪڻيءَ نه ورتو هجي.

شهزادي پڇيس، “سج جي تپش ايتري قدر سخت آهي ته به تون سيءَ ۾ پيو ڏڪين! سبب ڇا آهي؟”

هن ماڻهوءَ جواب ڏنو، “آبهوا جي بنسبت منهنجي طبيعت ٻين انسانن جي ابتڙ آهي، يعني جيتري قدر گرمي گهڻي هوندي، ايتري قدر مون کي سردي زياده لڳندي آهي ۽ آئون زياده گرميءَ ۾ ڏڪندو آهيان ۽ جڏهن سردي گهڻي هوندي آهي ته مون کي اچي گرمي وٺندي آهي. ايتري قدر جو برف ۾ کڻي بيهندس ته گرميءَ جي شدت کان ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پوندو اٿم! وري هڪ ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ مون کي اهڙو ٺار لڳندو آهي جو خبر نه پوندي اٿم ته ڇا ڪريان!”

شهزادي اهو حال ٻڌي چيس ته “تون بيشڪ هڪ عجيب انسان آهين. جيڪڏهن مون وٽ نوڪري ڪرڻ گهرين ته هليو آءُ.” پوءِ هو سڀئي گڏجي اٿي اڳتي وڌيا. هلندي هلندي اڳيان هڪ ٻيو ماڻهو ڏٺائون، جنهن جي ڳچي ايتري ڊگهي هئي جو هن سڀني اتانهن جبلن جي پرينءَ ڀر پئي هيڏي هوڏي نهاريو. شهزادي هن کي ڏسي پڇيو، “تون اهڙي ڌيان سان ڇا کي پيو نهارين؟”

هن جواب ڏنو، “منهنجون اکيون اهڙيون تکيون، اهڙيون روشن ۽ تيز آهن جو آئون انهن ٻيلن، ٻنين، جبلن ۽ ماٿرين جي پويان دنيا جي آخري حد تائين به ڏسي سگهان ٿو!” شهزادي چيس ته “چڱو، هل مون سان! تو جهڙي ڪارائتي ماڻهوءَ کي ڪو هٿان وڃائبو!”

ايئن هي شهزادو هنن پنهنجن ڇهن ئي عجيب ۽ غريب نوڪرن سميت هلندي هلندي اچي ان شهر ۾ پهتو، جنهن ۾ اها ڪراڙي راڻي رهندي هئي. ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا- “ته آئون ڪير آهيان.” هن راڻيءَ کي چيو، “جيڪڏهن تون مون کي ڌيءَ جو سڱ ڏيندينءَ ته جيڪو به سخت ڪم مون تي رکندينءَ، سو آئون پورو ڪري ايندس.” جادوگرڻ جڏهن ڏٺو ته هڪڙو ٻيو اڻ ڄاڻ، ڏٽو مٽو نوجوان، ڄار ۾ اچي ڦاٿو آهي، تڏهن خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي ۽ چيائينس ته ”منهنجا ٽي شرط آهن، اهي جيڪڏهن تون پورا ڪندين ته پوءِ توکي پنهنجي ڌيءَ جو مڙس ۽ خاوند بڻائينديس!” شهزادي پڇيس، “پهريون شرط ڪهڙو آهي؟” راڻيءَ چيس ته “مون پنهنجي آڱر جي منڊي “ڳاڙهي سمنڊ” ۾ ڪنهن هنڌ ڪيرائي ڇڏي آهي، اها مون کي لهي آڻي ڏي!”

شهزادو ويو پنهنجي جاءِ تي نوڪرن وٽ ۽ انهن سان وڃي حقيقت ڪيائين ته “پهريون شرط پورو ڪرڻ مشڪل آهي! چي، “ڳاڙهي سمنڊ مان منڊي ڳولي اچ!” سو اهو شرط ڪهڙيءَ ريت پورو ٿي سگهندو؟” تکين اکين واري نوڪر چيو، “آئون ٿو نهاري ٻڌايانوَ ته منڊي ڪهڙي هنڌ پئي آهي!” پوءِ هن سمنڊ ۾ نهاري چيو ته “او، اها نوڪدار پٿر ۾، هُتي لٽڪي پئي آهي!” تنهن تي قد جي ڊگهي نوڪر چيو، “هڪ ڀيرو مون کي اها رڳو ڏسڻ ۾ اچي ته هوند جهٽ ۾ کڻي اچان.” اتي ڍڳ جهڙي ٿلهي ماڻهوءَ چيو ته “جي ڳالهه رڳو ايتري آهي ته پوءِ الڪو نه ڪيو. آئون ٿو اها مشڪلات دور ڪريان.” ايئن چئي هن ڇا ڪيو جو نِوڙي، پنهنجو انود ڪاسائيءَ جي کڏ جيڏو وات سمنڊ ۾ وجهي، کڻي جو کوليائين ته سمنڊ جو پاڻي جيئن نه ڪنهن غار اندر گڙ گڙ ڪري گهڙي پوي، تيئن گڙ گاٽ ڪري هن جي وات ۾ گهڙي پيو، تان جو سڄو سمنڊ ايئن وهي وهي، سڪي وڃي پٽ ٿيو. بس پوءِ ته هن ڊگهي نوڪر ٿورو ئي نِوڙي هڪڙي ئي هٿ سان گهڙيءَ ۾ منڊي کڻي ورتي.”

شهزادو ڏسو ته خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي! دل جو دل ۾ کلندو ٽهڪ ڏيندو، اها منڊي هٿ ۾ کڻي هڪدم جادوگرڻ وٽ ويو. جادوگرڻ منڊيءَ کي ڏسي عبرت ۾ پئجي وئي، چيائينس ته “منڊي برابر اها ئي آهي- پهريون شرط تو پورو ڪيو، هاڻي ٻئي شرط جو وارو آهي: هن منهنجي قلعي جي سامهون، ٻيلي ۾ ٽي سئو ٿلها متارا ڍڳا پيا چرن، انهن سڀني ڍڳن کي وارن، سنڱن ۽ هڏن سوڌو کائي وڃ ۽ پوءِ منهنجي هن محلات جي تهه خاني ۾ ٽي سئو شراب سان ڀريل مٽ پيا آهن، اهي به پي وڃ، جيئن هڪ ڦڙو به ان شراب مان نه بچي! پر جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهئين ته تنهنجي سسي لاهي توکي قلعي کان هيٺ اڇلارائي ڇڏينديس!” شهزادي پڇيو ته “ڪو هڪ اڌ مهمان ڀلا پاڻ سان هن دعوت ۾ شريڪ ڪريان؟ گڏجي کائڻ ۾ مزو آهي، اڪيلي کائڻ ۾ بک ئي مريو وڃي!”

اهو ٻڌي ڪراڙي جادوگرڻ کلي ڏنو ۽ ٽوڪ طور چوڻ لڳي، “ڀلي، ڀلي، هڪڙو مهمان سدا پاڻ سان آڻج، پر خبردار جي هڪ کان وڌيڪ ٻيو مهمان پاڻ سان آندو اٿئي!” شهزادو موٽي پنهنجن نوڪرن وٽ آيو ۽ ٿلهي ماڻهوءَ کي چيائين ته تون اڄ منهنجو مهمان آهين- هڪ دفعو ته اڄ خوب پيٽ ڀري ڍئو ڪجانءِ!” تنهن تي هن ٿلهي ماڻهوءَ پنهنجو ڪمربند ڇوڙي ڇڏيو ۽ هڪدم وڌي وڌي اڳي کان به هزار ڀيرا وڌيڪ ڦوڪجي ٿلهو ٿي پيو. پوءِ جڏهن ويٺو مفت جي دعوت کائڻ ته ٽي سئو ڍڳا کائي وڃڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿيس ۽ اٽلو پڇاڙيءَ وارو هڏو ڳڙڪائي چوڻ لڳو ته “آهي ڪو اڃان به ٻئي قسم جو طعام، جو کائجي؟” تنهن کانپوءِ هن مٽن مان سڀ شراب پي ڇڏيو ۽ انهن جي ترن ۾ هڪ ڦڙو به نه ڇڏيائين. اهڙيءَ ريت جڏهن شهزادي جڏهن ٻئي شرط جي به پورائي ڪئي ته ڪراڙي رن کان رڙ نڪري وئي ۽ چيائين ته “هن وقت تائين ڪوبه ماڻهو، جيڪي تو ڪيو آهي، سو نه ڪري سگهيو آهي، پر هاڻي ٽئين شرط جو وارو آهي جو سڀني کان ڏکيو آهي ۽ يقينن ان جي بجاءِ آڻڻ ۾ تون پنهنجو سِر وڃائيندين!”

پوءِ چيائين “سانجهيءَ جو آئون پنهنجي ڌيءَ کي تنهنجي ڪمري ۾ وٺي اينديس ۽ اتي تو وٽ ڇڏي وينديسانس. توکي موڪل آهي ته پنهنجي ٻانهن ۾ هن کي سوگهو جهلي ويهي رهج، پر سمورو وقت سجاڳ رهج! آئون وري پوري ٻارهين وڳي تو وٽ اينديس. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ ڪيڏانهن گم ٿي وئي ته پوءِ تنهنجي سِر جو خير نه آهي!” شهزادي خيال ڪيو- “واهه! هي ڪم ته بلڪل سکيو سهنجو آهي، اهڙين حالتن ۾ آخر ڪٿان ٿي اکين ۾ ننڊ اچي! هي به شرط رکڻ جي ڳالهه آهي!” تنهن هوندي هن پنهنجن نوڪرن کي سڏي، کين ڪراڙي جادوگرڻ جي ڳالهه سربستي سڻائي ۽ پوءِ چيائين، “خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته هن شرط اندر ڪهڙي حرفت رکيل آهي! تنهنڪري اڄ رات جيڪا به خبرداري ڪجي، سا ٿوري آهي. انهيءَ لاءِ اوهين بلڪل سجاڳ رهجو، متان شهزادي ڪنهن کيڏ سان سڀني جي اکين ۾ سرمو پائي ڀڄي وڃي.”

پوءِ جڏهن رات ٿي ته ڀوپي جادوگرڻ ڌيءَ کي پاڻ سان وٺي آئي ۽ شهزادي کي سندس ٻانهن ڏيئي چپ چاپ هلي ويئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ، انگاس جيڏي ڊگهي نوڪر، پاڻ کي ويڙهي سيڙهي، هنن ٻنهي جي چوڌاري هڪڙو گول دائرو کڻي ٻڌو ۽ ٿلهو ماڻهو وري دروازي جي اڳيان ايئن ٿي بيهي رهيو جيئن ڪنهن به صورت ۾ ٻيو ڪو ماڻهو اندر گهڙي نه سگهي. شهزادو ۽ ڇوڪري خاموش ويٺا رهيا ۽ هڪ لفظ به منجهائن ڪنهن ڪونه ڳالهايو. دريءَ مان چنڊ جي روشني ڇوڪريءَ جي منهن تي پئي ٿي، تنهن ان کي پاڻ وڌيڪ من موهيندڙ پئي بڻايو. شهزادي جي اکين ۾ ٿڪ اصل ڪونه ٿي ٿيو، ڇو ته سواءِ شهزاديءَ جي حُسن ۽ جمال ڏانهن پنهنجي ڪمال محبت ۽ خوشيءَ وچان ويهي نهارڻ جي، سندس اکين کي ٻيو ڪم به ڪهڙو هو؟

اها حالت يارهين وڳي تائين رهي ۽ ان وقت هن ڏيهان تڙيل جادوگرڻ شهزادي ۽ سندس ماڻهن تي اهڙو اثر وڌو، جو گهڙيءَ ۾ سڀئي گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا ۽ انهيءَ ئي مهل اها ڇوڪري سندن هٿن مان کڄي ويئي! هو ويچارا ننڊ ۾ اهڙا ته غلطان ٿي پيا هئا، جو پوڻين ٻارهين وڳي تائين يڪي سندن اها حالت رهي- اکيون ڏسون ته اکيون نه کلن! پر پوءِ جڏهن مٿانئن اهو جادوءَ جو اثر گهٽيو، تڏهن هو جاڳيا ۽ جاڳي ڏسن جو کڻي ته هٿن تي پرتا- ڇوڪري ٺهي ئي ڪانه! اها حالت ڏسي، شهزادي وٺي پنهنجن نصيبن تي “ووءِ! ووءِ! ڪئي ۽ چيائين: “هاڻي بازي هٿان ويئي ۽ منهنجو خير ڪونهي.”

هن جا وفادار نوڪر به افسوس جا هٿ مهٽڻ لڳا، پر سرلن ڪنن واري چيو ته توهين چپ چاپ ڪري ويهو ته آئون ملڪ جو واءُ سواءُ جهٽيان ته ڇا ٿي رهيو آهي! پوءِ هن هڪ پل، پوري ڌيان سان ڪن ڏيئي، ٻڌي بيان ڪيو ته ڇوڪري هن جاءِ کان ٽن سئو ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي ۽ هڪ جبل جي غار ۾ ويٺي پنهنجي بدبختيءَ تي ماتم ڪري. ايئن چئي، هن انگاس جهڙي ڊگهي ساٿيءَ ڏي نهاري چيو ته “فقط تون ئي هن مشڪلات ۾ مدد ڪري سگهندين. تون ڏهه ويهه وکون کڻندين ته اتي وڃي پهچندين.” ڊگهي قد واري همراهه چيو ته “بيشڪ، مگر هو تيز نظر وارو به هلي، جو ضرورت پوي ته پنهنجي تيز نظر سان جبلن کي ڀڃي ڇيهون ڇيهون ڪري، اسان لاءِ رستو ته صاف ڪندو هلي!” پوءِ ڊگهو ماڻهو پنهنجي ٻئي ساٿيءَ سان، جنهن جي اکين تي پٽيون ٻڌل هيون، بنهه اک ڇنڀ ۾ هن جادوءَ جي جبل وٽ وڃي رسيو. ڊگهي همراهه يڪدم پنهنجي ساٿيءَ جي اکين تان پٽيون لاٿيون ۽ هن جي نظر پوڻ سان سامهون وارو جبل ڇيهون ڇيهون ٿي ويو. پوءِ هن ڊگهي غلام ڇا ڪيو جو جهٽ هڻي ڇوڪريءَ کي کڻي هڪ پل ۾ آڻي شهزادي وٽ پهچايو ۽ پوءِ موٽي وڃي پنهنجي همراهه کي کڻي آيو. اهڙيءَ طرح جڏهن پورا ٻارهن لڳا ته هو سڀئي، جيئن جادوءَ جي اثر کان اڳي هئا، بنهه تيئن اتي بنيا ٺنيا ويٺا رهيا. ڪراڙي جادوگرڻ چپ چاپ حقارت سان مرڪندي پوري وقت تي شهزادي ڏانهن ايئن اچي رهي هئي ۽ پاڻ کي ڄڻ ايئن چوندي ايندي هجي ته “هاڻي ته هيءُ شڪار منهنجي بنهه ڄار ۾ اچي پيو آهي. منهنجي ڌيءَ ته سوين ميل پري جو ويٺي آهي!” پر جڏهن ويجهو آئي ۽ ڌيءَ کي شهزادي جي ڀاڪر ۾ ڏٺائين، تڏهن ڄڻ ڪا شيءِ هٿ مان ڪري پيس. ڀڻ ڀڻ ڪري چيائين ته “هي ماڻهو ته منهنجو به ڪو استاد لڳي، ڪهڙا نه عبرت جهڙا ڪم ٿو ڪري!”

هاڻي ڇوڪريءَ کي شهزادي جي حوالي ڪرڻ ڌاران هن ڀوپيءَ لاءِ ٻيو چارو ئي ڪونه هو، پر تنهن هوندي به آخري ڌڪ هڻڻ لاءِ ڌيءَ کي ڪن ۾ چئي ورتائين ته “حيف اٿئي جو خسيس ماڻهو زوريءَ کڻيو ٿو وڃيئي! توکان ته ڪنهن پڇيو به ڪونهي، ڪيترو نه بهتر ٿئي ها، جو تون پاڻ ڳولي پنهنجي پسند موجب ڪو گهوٽ ڪرين ها!” هن اڻ ڄاڻ مغرور ڇوڪريءَ جي دل ۾ اچانڪ ڌڪار ۽ دشمنيءَ جا جذبا اڀري آيا ۽ هن وير وٺڻ ۽ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جون تدبيرون سوچڻ شروع ڪري ڏنيون.

ٻئي ڏينهن صبح ساڻ هن حڪم ڏنو ته “ٽي سئو ڀريون ٻارڻ جون ڪاٺيون هڪ هنڌ گڏ ٿين.” جڏهن ڪاٺيون گڏ ٿي چڪيون، تڏهن وٺي کڻي انهن کي باهه ڏياريائين ۽ پڌرو ڪيائين ته “جيتوڻيڪ اڳيان ٽيئي شرط پورا ٿيا ته به آئون شهزادي سان تيسين شادي نه ڪنديس جيسين هن جي ساٿين مان هڪڙو همراهه هن آڙاهه جي وچ ۾ نه ويهندو. هن جو خيال هو ته ڪنهن به نوڪر کي کٽي ڪانه کڻندي جو شهزادي خاطر پاڻ کي باهه ۾ ساڙي ناس ڪري، تنهنڪري شهزادو پاڻ ئي سندس سڪ ۾ باهه جي مچ ۾ گهڙي پوندو ۽ سڙي مرندو. اهڙيءَ طرح هوءَ هن کان هميشه لاءِ ڇٽي پوندي.

اهي ڳالهيون ٻڌي نوڪرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ۽ چيائون ته سواءِ گرميءَ ۾ سيءَ کان ٿڙڪندڙ همراهه جي، اسان سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت بجاءِ آندي آهي. هاڻي آهي هن جو وارو! ايئن سڀني گڏجي، پنهنجي انهيءَ ساٿيءَ کي باهه جي کوريءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ هو مزي سان وڃي منجهس ويهي رهيو. پوءِ ته اها باهه ٽي ڏينهن لاڳيتا پئي ٻري. جڏهن باهه جا شعلا ڪجهه جهڪا ٿيا ته ڏسن ته اهو ماڻهو ٽانڊن تي بيٺو سرديءَ جي وگهي اهڙو ڏڪي جهڙو سرءُ جي موسم ۾ وڻ تي رهجي ويل پن هوا جي زور تي لڏندو آهي. هن جي چمڙيءَ جو رنگ ئي ٿڌ سبب ڦري نيرو ٿي ويو هو ۽ گدڙ وانگر سيءَ ۾ وات ڦاڙيو اوناڙيون پيو ڪري ۽ چوي پيو ته “توبهه! توبهه! اهڙي ٿڌ مون ڪڏهن نه ڏٺي ۽ نه ٻڌي، جي ٿورو وقت وڌيڪ هلي ها ته هوند اتي جو اتي ڄمي برف ٿي مري وڃان ها!” هاڻي ته ڪراڙي جادوگرڻ جي حسين ڇوڪريءَ جي ڇٽڻ جي ڪا واهه ئي نه رهي، سو مجبور ٿي هن اچرج جهڙي دلچسپ جوان سان شادي ڪرڻ قبوليائين، پر جڏهن شهزادو پنهنجي ڪنوار کي ديول ڏانهن نڪاح واسطي وٺي پئي ويو، تڏهن سندس ٻانڀ جهڙي ماءُ سوچيو ته هيءَ خواري مان ڪيئن سهي سگهنديس!” سو هڪدم پنهنجن سپاهين کي ديول ڏانهن موڪلي حڪم ڏنائين ته “وڃو” ۽ وڃي منهنجي ڌيءَ کي موٽائي وٺي اچو!”

تنهن تي سرلي ڪنن واري پنهنجا ڪن کڙا ڪيا ۽ جيڪي هن ڪراڙيءَ رن پنهنجن سپاهين کي مخفي طور پئي چيو سو ٻڌي پنهنجي ٿلهي همراهه کان پڇيائين ته “هاڻي ڇا ڪريون؟”

ٿلهي وٽ ته انهيءَ ماجرا جو تدارڪ هڪيو تڪيو رکيو هو. هن جيڪو سمنڊ جو پاڻي پيتو هو، سو پنهنجو وات کولي ان مان وٺي کڻي پاڻيءَ جي پلٽان پلٽ ڪيائين ته پوڙهيءَ ڏائڻ جا مڙيئي هٿياربند گهوڙي سوار جيڪي ديول جي طرف پئي آيا، سي سڀ اتي جو اتي ٻڏي ويا. جڏهن جادوگرڻ کي اها خبر پهتي ته هن هڪ تنهان ئي وڏو مددي لشڪر روانو ڪيو، پر انهن جو به اهڙو ئي حال ٿيو. تکين اکين واري ڇا ڪيو جو هڪدم اکين تان پٽيون لاهي وٺي کڻي جو ان لشڪر ڏانهن نهاريائين ته سڀ سپاهي شيشي وانگر ڀڄي ٽٽي چڪنا چور ٿي ويا. هاڻي ته نڪاح جي رسم بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شروع ٿي. جڏهن اها پڙهجي پوري ٿئي ته ديول جي دروازي وٽ ڇهن ئي نوڪرن وڌي اچي شهزادي کان رخصت گهري ۽ چيائونس اي شهزاده! هاڻي تنهنجون سڀ مرادون پوريون ٿيون ۽ وڌيڪ اسان جي خدمت جي توکي ضرورت نه آهي تنهنڪري اسين هاڻي پئون ٿا پنڌ، اوهان ٻئي خدا کي پرتئو! اسان جي خدمت اسان سان!” شهزادو جڏهن ڪنوار کي وٺي پنهنجي محلات کان اڌ ڪلاڪ کن جي پنڌ تي آيو تڏهن هڪڙي ڳوٺ جي ڀرسان ترسي پيو، پريان هڪڙي سوئرن جي ڌنار سوئر بيٺي چاريا اتي شهزادي پنهنجي زال کان پڇيو ته “توکي خبر آهي ته منهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ آئون ڪو شهزادو ڪونه آهيان. آئون ته هن ماڻهوءَ وانگر هڪڙو سوئر چاريندڙ آهيان ۽ هو منهنجو پيءُ آهي. هاڻي توتي ۽ مون تي لازم آهي ته پنهنجي پيءُ کي سوئرن چارڻ ۾ واهر ڪريون!” ايئن چئي شهزادو ۽ سندس زال ڳوٺ جي مسافر خاني ۾ لهي پيا. هن رات جو پنهنجي زال جو شاهي لباس گم ڪرائي ڇڏيو ۽ ان جي بدران صبح جو مسافر خاني جي مالڪياڻيءَ شهزاديءَ کي هڪڙي ڏاس جي جورابن جي جوڙي ۽ هڪ پراڻو زنانو ڪڙتو پهرڻ لاءِ آڻي ڏنو. صبح جو جڏهن شهزادي ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ هيءَ حالت ڏٺائين تڏهن دل ۾ چيائين: “ٿي ته جُٺ! مون کي پنهنجي هٺ ۽ وڏائيءَ جي جوڳي سزا ملي آهي!” پوءِ پنهنجي مڙس کي سچ پچ سوئرن جو ڌنار سمجهي، صبح جو ساڻس گڏجي سوئرن جي ڌڻ کي چارڻ لاءِ جهنگ ۾ نڪري ويئي. اها حالت اٺ ڏينهن هلي، مگر انهيءَ عرصي ۾ هن ويچاريءَ نازڪ بدن شهزاديءَ جا پير ڦٽجي رتو ڇاڻ ٿي پيا. هن کي ڳڻتي وٺي ويئي ته “هيءَ حالت، آخر ڪيترو وقت سهي سگهنديس!”

هڪ ڏينهن ڪي ماڻهو شهزاديءَ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون ته “توکي خبر آهي ته تنهنجو مرد سچ پچ ڪير آهي؟” هن نماڻا نيڻ کڻي جواب ڏنو ته “هو… سوئرن جو ڌنار آهي ۽ هينئر شهر ڏي ڪنهن شيءِ شڪل وٺڻ لاءِ ويو آهي!” هنن وري کيس چيو “اسان سان گڏجي هل ته توکي وٽس وٺي هلون!”

پوءِ اهي ماڻهو شهزاديءَ کي شهر جي قلعي وٽ وٺي آيا جتي سندس مڙس محلات جي اڳئين ايوان جي در وٽ شاهي لباس پهريو سندس استقبال واسطي بيٺو هو. اول ته هن شهزادي کي سڃاتو ئي ڪونه، پر جڏهن شهزادي وڌي هن کي هٿ مان وٺي ڀاڪر پاتو ۽ چميون ڏيئي چيائينس ته “مون ته تنهنجي خاطر گهڻا ئي ڏک ڏکڙا سٺا، پر تو به منهنجي واسطي ڪافي تڪليف ڏٺي!” تڏهن هڪٻئي کي سڃاتائون ۽ ڏاڍو خوش ٿيا. پوءِ ته هنن ٻنهي جي شادي وڏي ڌوم ڌام سان ٿي. دل ٿي چوي ته جيڪر توهين ۽ اسين به ان شاديءَ ۾ هجون ها.

***