ڊائري جا ورق خواجا غلام علي کوساڻي | # فيبروي 2022
20 اپريل2001 طريقا بورڊ جي معرفت ٻارن لاءِ تعليم ۽ تربيت جي هلندڙ پروگرامن جي سلسلي جو ستن ڏينهن وارو پهريون پروگرام اڄ علي آباد ۾ شروع ٿيو. ابتدائي، تعارفي ۽ مقصدن جي ڄاڻ لاءِ مون ڳالهايو. ڏهه منٽ ڏنل وقت ۾ مون مختصر تعارف پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان اسماعيلي ڪيڏا نه خوش قسمت آهيون. اسين اسماعيلي مسلمان منظم، متحد، تعليم يافته، ترقي يافته ۽ خوشحال ڪميونٽي آهيون. اسان جو امام اسان جي ڀلائي لاءِ، اسان جي ترقي لاءِ، اسانجي صحت لاءِ، تعليم ۽ تربيت لاءِ ۽ هاڻ اسان جي آئنده نسلن لاءِ به ڪيڏو عظيم ڪم ڪري رهيا آهن. هي اسان جو پروگرام، پئرنٽ ٽو پئرنٽ به اسان جي امام جي خواهش ۽ هدايتن مطابق سڄي ملڪ ۽ هر هنڌ شروع ڪيو ويو آهي. هن پروگرام جو سڀ کان اهم مقصد اهو آهي ته اسان مائٽ، ماءُ ۽ پيءُ پنهنجن ٻارن جي اعليٰ مستقبل جي لاءِ، پنهنجن معصوم ٻارن جي آئنده ڪامياب زندگين جي لاءِ، هنن جي صحت، تعليم ۽ تربيت لاءِ. سڀ کان اول اسان مائٽ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري اهم فيصلو ڪريون ۽ پروگرام تيار ڪريون ته هاڻ اڄ کانپوءِ اسان کي پنهنجن پيارن ٻارن لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪيئن ۽ ڪهڙين ڳالهين ۽ شين جي ضرورت آهي، اسان کي ڪهڙي طرح عمل ڪرڻو آهي، ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻو آهي، ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، اهو سڀ اسان ماءُ پيءُ کي ڪرڻو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان هڪٻئي کان سکنداسين ۽ سيکارينداسين. سڀ کان اول اسان ماءُ پيءُ کي فيصلو ڪري تياري سان پنهنجي اولاد لاءِ ڪوشش ڪرڻي آهي. اسان سڀ مائٽ پنهنجن ٻارن سان پيار ٿا ڪريون ۽ هنن جي لاءِ ڪامياب مستقبل ٿا ڏسڻ چاهيون ۽ اهو سڀ اسان جو محترم امام به ڏسڻ ٿو چاهي.
***
31 جولاءِ 2001
سڀاڻ صبح جو مان، رضيه، سارنگ ۽ ساجن اسلام آباد ۾ آمريڪن ويزا لاءِ سفارتخاني ۾ انٽرويو ڏيڻ جيڪو 3 آگسٽ تي آهي روانا ٿينداسين باءِ ٽرين. اي سي پارلر ۾ واپسي ٽڪيٽ به بڪ ڪرائي آهي، ويزا ملڻ جي اميد گهٽ آهي، پر مولا ڪريم جي ٻاجهه، اسان جي اوليائن، پيرن ۽ مومنن جي دعائن، بزرگن، مائٽن ۽ سڄڻن جون دعائون پڻ شامل آهن. اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيندو. بهرحال جيڪو رب کي منظور هوندو اهو ٿيندو ۽ اهو ئي اسان لاءِ بهتر آهي.
***
05 آگسٽ 2001
رات ٻارهين وڳي واپس حيدرآباد پهتاسين حسب توقع، آمريڪا جي ويزا کانسواءِ. حالانڪه اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اها اميد هئي ته مون کي ۽ رضيه کي ويزا ڏين، پر ڪنهن کي به ڪونه ڏنائون ۽ اسان به صرف گهمي ڦري واپس آياسين.
اعتماد اهو آهي ته رضيه جيڪا گذريل ڪجهه مهينا گهر مان نٿي نڪتي، اها لاهور، اسلام آباد هلي ۽ خير سان واپس به اچي ويئي. ان چڪر سان رضيه جو زياده تر ڊپ لهي ويو آهي. نفسياتي طور تي هوءَ ڊنل هئي، ان چڪر سان هوءَ بهتر ٿي آهي.
***
27 آگسٽ 2001
نور محمد رات آيو، بابل به آيو سٺي ڪچهري ڪئي سين. اسان ٽي دوست اڃان گڏ آهيون. ٻيا ڪي ڪٿي ڪي ڪيڏانهن. حيدرآباد ۾ اسان ٽنهي کي هڪ ٻئي سان زماني جي ميجڪ اهڙو جوڙي ڇڏيو آهي جو هاڻ جدا رهي نٿا سگهون، ملڻ، حال احوال اورڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون. هفتو کن مس ٿيندو ته ملڻ جي ڇڪ ٿيندي، اڃان ڏينهن ٻه گذرندا ته باقائدا ٻاڙ لڳندي، بيچيني ٿيندي، ڪيئي نوان پراڻا موضوع ٽيڪا ٽپڻي لاءِ آتا هوندا. پوءِ سڄي دنيا جا ڪرنٽ مسئلا موجود، حالتون، سياسي سماجي حالتون، دنيا ۾ ٿيندڙ ظلم و ستم، انسانن مٿان ٿيندڙ انسانيت سوز تشدد، انساني حقن جي اگهاڙي لتاڙ، اسان کي بيچين ڪندي آهي. سياست سان گڏ علم، ادب ۽ سائنس جا موضوع، راندين جا موضوع مطلب ته وسيع پسمنظر ۾ رهاڻ ٿيندي آهي، پوءِ جڏهن دنيا ۾ ۽ هتي ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ انسانيت سوز تشدد تي نور محمد صاحب ڏاڍا شاندار تجزيا ڪندو آهي.
***
2 سيپٽمبر 2001
شديد خواهش آهي ته پنهنجي آتم ڪٿا لکان، جنهن لاءِ مواد به موجود آهي، ڪيئي ڊائريون آهن. انهن کانسواءِ زندگيءَ جا ڪجهه واقعا مون تحرير به ڪيا آهن. ضرورت آهي ته ان سڄي مواد کي سهيڙي ترتيب سان ڪجهه تفصيل سان لکان. اميد ته جلد ان ڪم کي شروع ڪندس، انشاءَ الله. ايئن لڳندو آهي ته هاڻي وقت ٿورو آهي، اڌ صدي حيات ماڻي آهي. هاڻ ان کي سهيڙڻو آهي. اهو ڪم ٿي وڃي ته وڏي ڳالهه آهي.
***
12 سيپٽمبر 2001
ڪالهه آمريڪا جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو دهشتگرد حملو ٿيو آهي. آمريڪي وقت مطابق صبح جو ساڍي نوين وڳي آمريڪا جي شهرن مان چار ڊوميسٽڪ هوائي جهاز ٻه ڪلاڪ اڳ اغوا ڪيا ويا ۽ نيو يارڪ جي ٽريڊ سينٽر سان هڪ هڪ جهاز کي ٽڪرايو ويو، جنهن سان ٻئي جاڙيون عمارتون ڊهي پٽ ٿي پيون، جنهن ۾ ويهه هزار ماڻهو ڪم ڪندا هئا. ٽيو اغوا ڪيل جهاز واشنگٽن ۾ آمريڪن فلائي تحقيق مرڪز پينٽاگون مٿان ڪيرايو ويو جتي به وڏي تباهي ۽ بربادي ٿي آهي.
هن اوچتي زبردست حملي کي آمريڪي صدر دهشتگردي سڏيو آهي ۽ شروعاتي الزام دهشتگردن تي لڳايو آهي، جن ۾ اسامه بن لادن، صدر صدام حسين ۽ فلسطيني اڳواڻن تي به شڪ پيا ڏيکارين. طالبان ترديد ڪئي آهي، ياسر عرفات به ان کان انڪار ڪيو آهي، اڃان ڪنهن به ذميواري ڪانه قبولي آهي. آمريڪا هن حملي کي کليل جنگ جو اعلان تصور ڪيو آهي. آمريڪا سرحدون بند ڪيون آهن ته ڪوبه جهاز ملڪ اندر داخل ٿي نٿو سگهي.
***