ادب

ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي June 2021

28 مئي 1995

منهنجي زندگي جو اهم خوشين ڀريل ڏينهن آهي جو اڄ منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي لاءِ خوشين جو پيغام کڻي آيو آهي. منهنجي زمين جا اٺ ايڪڙن جو سودو ٿي ويو آهي. اها خراب ڪلراٺي زمين جا تمام سٺا پئسا مليا آهن. هاڻ گذر سفر جا فڪر سڀ لهي ويا آهن. ڪيئي سالن کان اها دعا پئي گهري سين ته زمين جو سودو ٿئي. ڇاڪاڻ ته اسان جي زمين هاڻ شهر اندر اچي وئي هئي، ان ڪري ان جي ماليت به لکن ۾ ٿي هئي. ان ڪري وڪڻي زبردست فائدو حاصل ٿئي پيو. سو نيٺ دعائون قبول پيون.

مون اعلان ڪيو ته پنهنجين ٻنهي نياڻين کي هڪ هڪ لک رپيا ڏيندس. اهو ٻڌي ٻئي ڏاڍيون خوش ٿيون آهن. خاص طور تي سنڌو ته ڏاڍي خوش ٿي آهي.

***

10 آگسٽ 1995

ڪائنات، دنيا، ڌرتي، عجائبات، فطرت، زندگي، رنگا رنگ حيات جا هزارين روپ ۽ سڀ کان وڌيڪ سُروپ انسان جو آهي. انسان جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي. فطرت جا مظهر ڪيڏا نه حسين و جميل عجيب آهن، ڪيڏي نه سونهن، ڪيڏي نه سچائي، ڪيڏي نه وحدت آهي هن ڪائنات ۾، ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ ۾ ۽ خود انسان جي عظمت ۾ ۽ ان جي سونهن ۽ سچائيءَ ۾.

***

22 سيپٽمبر 1995

مراد علي مرزا صاحب، صاحب طرز انسان، پيار سچ سونهن سان، عمل ۾ اعليٰ، هر اداري ۾ اوچي شان سان رهيو.

مراد صاحب تازو سنڌي ادبي بورڊ جو نئون سيڪريٽري جنرل مقرر ٿي آيو آهي. مون پڇيو ته سائين اداري جي خبر ڏيو، توهان کي ڪافي تڪليف ۽ پريشاني هوندي هن تباهه ٿيل اداري کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾.

مراد صاحب چيو ته حالتون واقعي تمام خراب هيون، هر شيءِ تباهه برباد ۽ ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، ان لاءِ مون کي ٿوري محنت ڪرڻي پوي پئي باقي مان پريشان اصل ڪونه ٿو ٿيان، بلڪه مان هتي انهن سڀني حرامي ڪرپٽ ڪم چور ۽ نااهل ماڻهن کي اهڙو ته اچي پريشان ڪيو اٿم جو سڀني تي سختي ڪئي اٿم جو اصل ساهه ٿو نڪرين. مراد صاحب چيو، انهن منهنجي خلاف ڏاڍا جلسا جلوس احتجاج ڪيا، نعرا هنيائون وڏو گوڙ ڪيائون، پر مون هڪ به نه ٻڌي مان ۽ نه جهڪيس بلڪه ڇڪي رکيو مان. مراد صاحب چيو اسان ڪميٽيڊ ماڻهو آهيون، ڪابه غير اصولي زيادتي ۽ نا انصافي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ڪن وڏن بورڊ جي ميمبرن جي اجائي خرچن، هوٽلن جي رهائش ۽ دعوتن جا بل ڏيڻ کان انڪار ڪيم ته هو منهنجا دشمن ٿي پيا آهن، پر مون کي پرواهه ناهي مان ڪنهن کان به نه ڊڄندس، صرف پنهنجو فرض ۽ ڪم ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان ڪندس جيستائين موقعو مليو. سنڌي علم ادب ۽ تاريخ ترويج ترقي ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪندس…

مراد صاحب جيڪو عظيم سنڌي دانشور، عالم، اديب، نقاد، وڏو مترجم ۽ ڪامياب ايماندار منتظم پڻ آهي. ڪيئي ڪهاڻيون افسانه لکيائين، ڪيئي ناول ۽ ڪتاب ترجما ڪيائين. بينظير ڀٽو جو ڪتاب “ڊاٽر آف ايسٽ” جو شاندار سنڌي ترجمو پورب ڄائي جي نالي سان ڪيائين. ويهه سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ رهي شاندار روايتون قائم ڪيائين.

اڄ محترم مراد علي مرزا سان سٺي ڪچهري ٿي. شام جو ڇهين وڳي محترم نور احمد، مون سان خاص قرب ڪري فون ڪئي ته تون اچ مراد صاحب به ايندو. حالانڪه نور احمد جو مراد صاحب سان ڪوبه پروگرام ٺهيل ڪونه هو، پر هن کي ايئن ئي خيال آيو ۽ مون کي چئي ڇڏيائين، پر پوءِ واقع ئي مراد صاحب اچي نڪتو. اها ڳالهه نور احمد مراد صاحب کي به ٻڌائي ته ڪيئن پروڻ پوڻ تي هن جي اچڻ جو احساس ٿيو. مراد صاحب به انهيءَ ذهني ۽ اندروني انساني پيغام رساني جي طاقت جو تفصيل ٻڌايو ته اصل ۾ انسان اندر ڪيڏيون نه عظيم الشان صلاحيتون آهن. مراد صاحب چيو پر افسوس جو انسانن پنهنجين انهن صلاحيتن کي فطرت سان ڳنڍي اڳيان وڌائڻ جي، فطرت جي خلاف جنگ جوٽي بيهي رهيو آهي. نتيجي ۾ بجاءِ انساني عظمت ۽ حقيقي امن آسودگي محبت ۽ نيڪي جي گذريل ٻه صديون جنگ و جدل، موتمار ايٽمي هٿيار ايجاد ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ فطرت جي خلاف مصنوعي طريقن سان ترقي ۽ جديديت جي نالي ۾، خود فطرت سان ۽ پاڻ سان به ظلم ڪيو آهي.

مثال طور: ٺاٺ، مصنوعيت ۽ حوس انسان کي وڌ ۾ وڌ محتاج بڻائي ڇڏيو آهي. فطري شين ۽ اصلي قدرتي لوازمات کي تياڳي، نيچر کان ڪٽي جدا ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ انساني فطري صلاحيتون ۽ طاقتون به محدود ٿي ويون آهن… مراد صاحب چيو گذريل صدين ۽ دورن ۾ اسان جا عالم، فلاسافر هر فن مولا هوندا هئا، پر پوءِ جديد دور ۾ هر موضوع ۽ کاتي کي جدا جدا ڪيو ويو، نتيجي ۾ جيڪا ترقي ٿي اها صرف هڪ رخي هئي. پوءِ ثابت ٿيو ته ڪيئي ايجادون عارضي فائدو يا آرام ته ڏين ٿيون، پر هنن جا دور رس نتيجا انسان ماحول ۽ ڌرتي لاءِ تباهه ڪن آهن. اهوئي سبب آهي جو هاڻ سائنس ۽ فلسفو گڏ گڏ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

***

13 آڪٽوبر 1995

ساجن! منهنجو پٽ شام کان ٻه ڀيرا اچيو مون کي پيار ڪري، ڀاڪر پائي، خوشيءَ مان چميون ڏي. ساجن اڪثر ايئن ڪندو آهي. چيائين بابا مون کي فڪر ۽ پريشاني اها آهي ته ڪيئن آئون باقائدي اسڪول وڃي، محنت سان پڙهي سٺو نمبر کڻي سگهندس يا نه. وري چيائين بابا آئون چاهيان ٿو، توهان کي خوشيون ڏيان، توهان جو چوڻ ڪري پڙهائي ۾ ڪامياب ٿيان، بس مون کي رڳو اهو فڪر آهي، بلڪه هاڻ ته هر وقت اهو ئي خيال هوندو آهي… مون چيومانس پٽ اها ته پاڻ هڪ تمام سٺي ۽ ڪارائتي سوچ آهي ته تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي خواهش جو احترام ٿو ڪرين ۽ فڪر رکي ان جي تڪميل ٿو ڪرين، اها تمام سٺي سوچ آهي، پر پٽ ڪنهن به ڳالهه يا ڪنهن به مسئلي يا ڪم کي پنهنجي دل ۽ دماغ تي حاوي ڪري پريشان نه ٿيڻ گهرجي، بلڪه هر مسئلي کي سهڻي نموني ترتيب ۽ عملي محنت سان حل ڪجي.

***