ادب

ڊائري جا ورق : سرمد کوسو

اڄ جو انسان اِن سوچ جو ٿي ويو آهي، جو چاهي ٿو ته جيڪو ڪم ڪريان يا چوان، تيئن ٻيا ڪن. جيئن آئون سوچيان تيئن ٻيا سوچين.

اهڙن ماڻهن جي سوچ جو محور، اِهو ئي هوندو آهي ته جيڪو منهنجي ها ۾ ها ٿو ملائي، سو سُٺو آهي، ٻيا خراب آهن.

سوچ تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.

اهو ضروري ناهي ته آئون تنهنجي هر ڳالهه سان متفق هُجان.

گهڻا ماڻهو ڪيترين ئي خوشفهمين ۽ غلط فهمين ۾ ورتل آهن.

مون اِهو سوچيو هو ته تون منهنجي خاموشي کي سمجهي ويندين، پر اڄ مجبورن مون کي پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پئي.

منهنجا لفظ تنهنجي چهري جي تاثرات تي صاف ظاهر ٿي پيا هُئا.

منهنجي لفظن کانپوءِ توکي مون ۾ دنيا جون سڀ خاميون ڏسڻ ۾ پئي آيون.

ڪڏهن ڪڏهن، ڪي ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهندي به اُها ڳالهه توهان جي زبان مان ٻُڌڻ چاهيندا آهن.

ڪاش، تون منهنجي خاموشي کي سمجهي سگھين ها!

سياري جي موسم جون انيڪ حُسناڪيون آهن. خاموشي، تنهائي، سُڪون جو احساس به هن مند جو ثمر آهي. دل لڀائيندڙ صبح، سرمئي شامون، ڊگهيون اداس راتيون! سيارو، ڀرپور تخليقي ماحول مهيا ڪري ڏي ٿو. سوچ جي سفر کي نوان رستا ملن ٿا. سيارو وڇوڙي جي به موسم آهي ته پنهنجو پاڻ کي ايندڙ موسم لاءِ تيار ڪرڻ جي به موسم آهي.

ڳُڙ واري چانهه، ڳُڙ ۾ رڌيل تاهري ڀت، بُسري جو سواد به هن موسم ۾ ئي وٺبو آهي. باهه جا وڏا وڏا مچ ٻاري، اُن جي چوڌاري ويهي ڪچهريون ڪرڻ واري ريت به هن موسم سان ئي وابسته آهي.

راتين جو جاڳي ڪشور ۽ لتا جا رومانٽڪ دوگانا ٻُڌڻ جو به هن مند ۾ الڳ ئي سُرور آهي.

هن موسم ۾ پکي به مختلف ملڪن مان مهمان ٿي اسان وٽ اچن ٿا. مون کي جاويد اختر صاحب جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي ته ”پکين لاءِ ڪي به سرحدون ناهن هونديون. سرحدون رڳو انسانن لاءِ هونديون آهن.“ اهو ئي انسان انهن مهمان ٿي آيل پکين کي به بخش نٿو ڪري. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان مان گهڻن جو شوق شڪار ڪرڻ آهي. مون ته وڏين وڏين هستين جي انٽرويوز ۾ سندن شوق بابت ڪيل سوال جو جواب پکين جو شڪار پڙهيو آهي. سچ پڇو ته اهو جواب پڙهي، مون کي انسان کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي ٿي. ڪيڏو نه بيرحم آهي اڄ جو انسان جيڪو پکين کي تڙپي تڙپي مرندو ڏسي، خوش ٿئي ٿو. خير! اڄ جي هن ظالم انسان تي ڪهڙي ميار! جيڪو ماڻهو کي به تڙپي تڙپي مرندو ڏسي خوش ٿئي ٿو.

مون کي پکين جي ٻولين کان وڌيڪ مَڌُر موسيقي ناهي لڳندي. پکين جي اُڏام آزادي جي نشاني آهي. آسمان تي اُڏامندڙ پکين جا ولر، اسان کي نظم ضبط سيکارين ٿا. سندن اُڏام ۾ به رِڌم آهي. سندن هر عمل ۾ سبق ئي آهي. شل ڪو اُن مان سِکي.

ڪجهه ڏينهن اڳ انگريزي اخبار ڊان ۾ هڪ رپورٽ پئي پڙهيم ته هِن ملڪ ۾ پکين لاءِ ڌرتي تنگ آهي. اُن ڪري ئي اسان جو سڄو ايڪو سسٽم تباهه ٿي چڪو آهي. شل ڪو جيوَ هُجي، جيڪو اڄ جي انسان جي ظلم کان بچيو هُجي. بس، ظالم زور آهن. اسان ته پنهنجي ڏک جو ئي اظهار ڪري سگهون ٿا.

ڪڏھن ڪڏھن لڙڪ به بيوفا ٿي پوندا آھن، دل روئڻ لاءِ چوندي آھي، پر لڙڪ ساٿ ناھن ڏيندا.لڙڪن جو به ڏوھ ناھي، جڏھن سماج ۾ وک وک تي وحشتون ھجن، اھڙي صورتحال ۾ ماڻھو، انھن سمورين وحشتن جو عادي ٿي، بيحس ھجڻ جي مشق ڪندي نظر ايندو آھي.

لڙڪن کي پنھنجي اندر ئي اندر ۾ پيئڻ جو الڳ سڪون آھي.

پنھنجن پاران ڏنل ڏک، زندگي ڀر ايذائيندو رھندو آھي.

ڪيڏا نه بيرحم آھن اھي ماڻھو، جيڪي پنھنجي ڳالھ ٻئي تي مڙھي، پوءِ چوندا آھن، تنھنجي مرضي.

”تنھنجي مرضي“ جو مطلب آزادي ناھي ھوندو.

”تنھنجي مرضي“، انھن ٻن لفظن ۾ لاتعلقي جو اظھار ئي ھوندو آھي.

مون روين جي تلخين جو پنھنجي خاموشي سان ئي جواب ڏيڻ مناسب سمجھيو آھي.

جنھن ماڻھو زندگي ۾ عزت ئي ڪمائي ھوندي آھي، سو ڪنھن ڪنڊ کي وسائڻ ئي بھتر سمجھندو آھي.

مون جن ماڻھن سان ھر حال ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، انھن ھر ڀيري نئين سبق سان نوازيو آھي.

زندگي جا به ڪيترائي رنگ ۽ روپ آهن.

زندگي ڪڏهن سترنگي آهي ته ڪڏهن بيرنگي آهي.

زندگي ڪڏهن ماکي جهڙي مٺي ته ڪڏهن زهر کان به وڌيڪ ڪڙي آهي.

زندگي ڪڏهن محبوبه جي مُرڪ جهڙي آهي ته ڪڏهن ڪنهن ڀوائتي خواب جهڙي آهي.

زندگي جو هر رنگ ۽ روپ گهڻو ڪجهه ڏيکاري، سيکاري ۽ سمجهائي ويندو آهي.

زندگي جيئن ئي گذرندي ويندي آهي ته اُها سادگي سمجهائيندي ويندي آهي.

اسان عجيب حرڪتون ڪري زندگي کي پيچيده ۽ بي سواد بڻايون ٿا.

زندگي جي موسيقيت کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي.

اسان وٽ اڪثر ماڻهو زندگي گذارين ٿا، زندگي جيئن نٿا.

زندگي پيار آهي ۽ پيار زندگي آهي.