ڊائري جا ورق غلام علي کوساڻي

غلام علي کوساڻي

31 ڊسمبر 1989

موت کان ڊپ ٿو ٿئي

خاص طور تي پنهنجي پياري ننڍي ڀاءُ حسن علي جي اچانڪ انتقال کان پوءِ مون کي پنهنجي زندگيءَ تي ڪوبه ڀروسو نه رهيو آهي. هر ماڻهو جيان مان به جلد مرڻ ڪونه ٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته اڃان ته مون ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي، اڃان ته مون کي ڪيئي ڪم ڪرڻا آهن، اڃان ته مان پنهنجي ملڪ، قوم ۽ عوام جي لاءِ اهڙو ڪم ڪرڻ ٿو گهران جنهن سان هن ڌرتي جو قرض لهي ۽ مرڻ وقت ڪجهه اطمينان ٿئي.

اڃان ته مان گهڻو ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان اهو سڀ ڪجهه جيڪو منهنجي اندر ۾ باهه وانگر پيو ڀڙڪي، اندر منجهه آنڌ مانڌ لايو بيٺو آهي.

اڃان ته مون پنهنجن ٻارن لاءِ به ڪجهه ڪونه ڪيو آهي، نه گهر آهي، نه ڌنڌو آهي، نه اجهو آهي نه اٽو آهي ۽ نه ئي ڪو آسرو آهي، گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر ائين پيو لڳي ته وقت تمام گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو.

***

04 اپريل 1990ع

سهڻي جو شيخ اياز نمبر پڙهي ختم ڪيم اياز واقعي عظيم شاعر آهي… ڀٽائي کانپوءِ آئنده صدين تائين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن ۽ شاعراڻي روايت کي جياري ڇڏڻ وارو شاعر.

***

01 سيپٽمبر 1990ع

انسانيت، سچائي، نيڪي، محبت، امن ۽ برابري

اهي ڪيڏا نه عظيم اوصاف آهن، جن هن ڪائنات ۾ انسان ذات کي اشرف المخلوقات جي عظيم مرتبي تي پهچايو آهي. انسانن تمام تيز رفتار ترقي گذريل هڪ صديءَ کان اختيار ڪئي آهي. مٿين عظيم وصفن جي حاصلات لاءِ انسان قربانيون ته صدين کان ڏنيون آهن، پر گذريل صديءَ ۾ انسان ظلم ۽ جبر، برائي ۽ جنگين خلاف وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. خاص طور تي گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ته هڪ سئو سالن جي تجربن ۽ قربانين جي نچوڙ جي ڪري مڪمل انساني آزادي امن ۽ برابري جي حاصلات ماڻي رهيو آهي. سوويت روس جو ٽٽڻ، ديوار برلن جو ڊهڻ، مشرقي يورپ جي عوام جا سمنڊ جن ظلم ۽ جبر کي هٽائي آزادي، جمهوريت ۽ انساني حق حاصل ڪيا آهن. اها تحريڪ تمام سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهي آهي. آزادي جي اها جديد پرجوش اثر انگيز لهر ايشيا، آفريقا ۾ به پهچي چڪي آهي. جتي ڪٿي انساني سجاڳي محبت ۽ ٻڌيءَ جا جذبا پيدا ٿي رهيا آهن.

***

01 جنوري 1991ع

1990 جو سال به ويو ختم ٿي زندگيءَ جو هڪ سال ٻيو به پورو ٿيو ايئن سالن مٿان سال گذرندا پيا وڃن زندگيءَ جو سفر به پنهنجي پڄاڻي طرف روان دوان آهي. هر گذرندڙ سال سان اهو احساس به شدت اختيار ڪندو ويندو آهي ته هيل به اميدون، آسرا ۽ خواهشون پوريون ڪونه ٿي سگهيون وقت ويندو ٿو رهي حياتي گهٽجندي پئي وڃي، آرزون ۽ امنگون اهي ئي اڻپوريون رهجيو وڃن.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments