ڊيمن جي تعمير ضروري ناهي رياض ابڙو
دنيا ۾ توانائي جا اسرندڙ ذريعا ۽ تيز ترقي اهو واضح ڏسُ ٿا ڏين ته جيڪي شيون بجلي، تيل ۽ پيٽرول تي هلائبيون هيون اهي توانائيءَ جي ٻين ذريعن سان به هلائي سگهجن ٿيون، جيڪي ذريعا وري گهڻا آهن يا ٿيندا ٿا وڃن، وري جيڪڏهن ڊيمن جي تعمير جو اڪيلو مقصد جي بجلي پيدا ڪرڻ آهي ته موجوده پيش منظر ۾ اهو سراسر غلط آهي. ڇو ته ڊيمن جي لاءِ اوچائي تي پاڻي روڪڻ ۽ گهڻي عرصي تائين اسٽوريج ڪرڻ يا وري رڳو پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ (پنجاب ته اهو سمورو پاڻي رڳو پنهنجن زمينن جي لاءِ روڪي روڪي استعمال ڪندو ٿو رهي ۽ جيستائين سانوڻي جون برساتون پاڻي جو زور نٿيون وڌائين تيستائين ڊيمن جو اهو پاڻي روڪيل ٿو رهي) جنهن جي ڪري اهڙو روڪيل پاڻي ”گرين هائوس گئس“ پيدا ڪندو ٿو رهي، جنهن ۾ ميٿين ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙيون خطرناڪ گئسون پيدا ٿينديون ٿيون رهن جيڪي ماحول جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون ۽ اهي رهائشي اسڪيمن جي لاءِ به زهرِ قاتل آهن جو اهي آڪسيجن ڳهي ٿيون وڃن يا وري اهو به آهي ته جي اهو ڊيمن جو رڪيل پاڻي رڳو هائيڊل طريقي سان بجلي پيدا ڪندو رهندو ته هاڻي موجوده تناظر ۾ اهو به غلط ۽ فرسوده انفرا اسٽرڪچر آهي. ڇو ته سڄي دنيا (خاص ڪري ترقي يافته ملڪ) هاڻي جي صورتحال ۾ اهڙا ڊيم ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ اهڙو پاڻي ڊائون اسٽريم، دريائن ۽ ڪينالن ۾ وهائي ٿا ڇڏين ته جيئن گرين هائوس گئسن کان به بچي سگهجي ۽ ڊائون اسٽريم پاڻيءَ جي ورڇ کي برابر ڪري سگهجي ۽ بجلي وري سولر پينل جي ذريعي، گند ڪچري کي ساڙي، گئس جي ذريعي، پيٽرول ۽ ڊيزل، فرنس آئل، سامونڊي لهرن جي ذريعي ۽ هوا جي ذريعي به پيدا ڪجي (۽ دنيا جا وڏا ملڪ آهستي آهستي سولر پينل جي ذريعي بجلي جا وڏا پروجيڪٽ به هڻن ٿا). ڇو ته انهن ذريعن سان جيڪا بجلي پيدا ٿئي ٿي اها گهڻي سستي آهي ۽ خاص ڪري سولر پينلن تي ٺاهيل بجلي ته ماحول جي لاءِ سازگار به ثابت ٿي آهي، جنهن ۾ نه دونهون، نه گئس جي ڌپ ۽ نه ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج آهي جنهن جي گهڻائي ماحول جي لاءِ خطرناڪ آهي، جن جي استعمال ۽ پيداوار جي ڪري سڄي دنيا ۾ گرمي جو پد نسبتن 2 ڊگري وڌي چڪو آهي، جنهن جو روڪڻ صرف ان صورت ممڪن آهي ته گرين هائوس گئس گهٽ يا ختم ڪجي، دونهون ۽ دونهين واريون گاڏيون گهٽ يا ختم ڪجن. جن جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهڻائي وڏي پيماني تي گهٽائي سگهجي ٿي، جنهن سان ماحول سازگار ٿي پوندو.
حقيقت ۾ اهڙن ڊيمن ٺاهڻ جي راڳ ته ڀارت کي به چيڙائي رکيو آهي. معنيٰ جي اهڙا پروجيڪٽ جن جي فنڊنگ ٻاهريان ملڪ يا تنظيمون ڪنديون هجن ۽ اهي جي متنازعه هجن ته پوءِ ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف يا دنيا جون ٻيون امدادي قوتون پئسا ناهن ڏينديون، جيستائين اهو تنازعو حل ناهي ٿيندو تيستائين اها امداد به بند رهندي آهي. اهڙيءَ طرح ديامير ڀاشا ڊيم جيڪو چائنا بارڊر کان 320 ڪلو ميٽر اتر طرف آهي جنهن تي صوبائي ڌريون راضي ٿي ويون آهن، اهو ڊيم يا ڊيم واري جاءِ زمين کان 272 ڪلو ميٽر مٿانهين واري هنڌ تي واقع آهي، جيڪو هڪ بهترين آپشن به آهي ته اتي ڊيم ٺهڻ گهرجي ۽ جيڪو پاڻي جي بهترين اسٽوريج به ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڻي جي اهڙي اسٽوريج جي ڪري ٻوڏ کي روڪڻ جي لاءِ بهترين انتظام ۽ بجلي ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ڏيندو، پر ڊيم جڏهن ته ماحول جي لاءِ آهن ئي خطرناڪ، اهي گرين هائوس گئس پيدا ڪندا ٿا رهن. پاڻي جي روڪ جيڪا وري ڊائون اسٽريم وهڪرن جي لاءِ هاڃيڪار آهي ته پوءِ ڊيم ڇو؟ پاڪستان ته ان ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي هئي جو هنن ورلڊ بينڪ جو در کڙڪايو. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کي درخواست ڪئي، مغربي دنيا کي الڳ التجائون ڪيون، پر ڀارتي اعتراضن جي ڪري يا متنازعه هجڻ جي ڪري هن پروجيڪٽ جي لاءِ هنن کي پئسا ۽ خاطر خواھ امداد نه ملي سگهي آهي (يا مورڳو نه ملي) ڇو ته ڀارت جو اهو اعتراض آهي ته اهو هنڌ ڪشمير جي اهڙي جاءِ تي آهي جيڪا پاڪستان جي سرحدن ۾ ناهي ۽ ڪشمير جي تنازعي واري هنڌ پاڪستان ڪوبه ڊيم نٿو ٺاهي سگهي جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي، پر اسان جي اعليٰ اختيارين اهڙا انگل ۽ حڪم ناما پڻ جاري ڪيا آهن ته اتي ڊيم ٺاهيو وڃي. جولاءِ 2020 ۾ ان پروجيڪٽ جي لاءِ 12 بلين رپيا جمع به ٿي ويا هئا، جيڪي گهربل 14 بلين کان ڪجھ گھٽ هئا. ڇو ته ماڻهن پاڪستان جي عشق ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري دل ۽ خزانا کولي مدد ڪئي هئي.
ڀارت ان ڳالھ تان قطعي پوئتي نه ٿيندو، پر حڪمرانن جي ڏاڍائي جي ڪري هن سال جي شروع ۾ اهو پروجيڪٽ چين جي مدد سان ”پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني“ ۽ ”ايف ڊبليو او“ ڪجھ ڪم به شروع ڪيو هو، پر چين جي راضپي ۽ گهربل پئسن جي اچڻ سان اهو ڪم مڪمل ٿي سگهي ٿو. چين ڀلي مدد ڪري، پر پروجيڪٽ جي متنازعه هجڻ سان ڀارت ان کي روڪي ڇڏيندو (۽ هن وقت ڪم بيهي ويو آهي). ڇو ته هي پروجيڪٽ ايترو ته متضاد آهي جو هڪ ته هن پروجيڪٽ جي لاءِ گهربل بجيٽ ناهي، ٻيو ته پروجيڪٽ تي ڪٿيل پئسا ملي ناهن سگهيا. وري ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ اهي ڪٿيل پئسا 14 ارب هئا، پر شروع ڪرڻ سان اهي 1406 ارب تي وڃي بيٺا آهن. ڇو ته پاڪستاني ڪرنسي جي لاھ چاڙھ به هن جي خرچن جي ڪاٿي جي مد ۾ وڏي رڪاوٽ پڻ آهي، جيڪو هاڻي 37 سيڪڙو جي لاٿ سان وڃي بيٺو آهي، جي واپڊا پنهنجي حرفتن ۽ چالاڪين سان ڪجھ گهٽائي سگهي آهي، پر ٿيندو ڪجهه به نه، وري اهو به سمجھڻ گهرجي ته هن سال جي بجيٽ ۾ هنن 2.6 ارب جي لڳ ڀڳ پئسا مس رکيا هئا، وري ٻاهرين ملڪن مان ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پر هي لوڪل بجيٽ ۽ ملڪي پئسا هرو ڀرو سيڙائي رڳو پنهنجا ڀڀ ٿا ڀرين. ڇو ته اهو پروجيڪٽ هلڻ ڏکيو آهي ۽ ڀارت ان کي هلڻ نه ڏيندو ۽ اها ڳالھ به واضح آهي ته چين جي شراڪتداري رڳو پاڪستاني ادارن، اڏن، زمينن ۽ سرڪاري جاين تي قبضي ڪرڻ جي آهي، جيڪا ڳالھ شايد پاڪستاني حڪمرانن کي سمجھ ۾ اچي، پر ڀارت کي اها پنهنجي خطي تي قبضي جي پلاننگ ٿي لڳي. آهستي آهستي چين جيئن پاڪستاني بندر گاهون، هوائي اڏا، سرڪاري جايون هٿ ڪندو ٿو وڃي، تيئن ئي اهو هن خطي ۾ پنهنجا پير قانوني طريقي سان ڄمائيندو به ٿو وڃي ۽ ڀارت چين جي اهڙي چال کي سمجھي ٿو، ان ڪري به هو هن پروجيڪٽ جي مخالفت ڪندو رهندو. ٽيون ته هن ڊيم جي ڪري گلگت بلتستان جي ماڻهن کي وڏو اعتراض به آهي ته اهي اتان لڏايا ويندا، انهن جون زمينون کسجي ۽ کسڪي وينديون، ان ڪري اهي چاهين ئي نٿا ته اتي ڊيم ٺهي ۽ ڊيم جي ٺهڻ سان انهن وٽ ڊيم جي اٿلڻ جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
اتان جي ماڻهن جي اها ڊمانڊ پڻ آهي ته انهن کي انهن جي زمينن جي عيوض معاوضو ڏنو وڃي جيڪو 15 بلين جي ويجهو ٿو ٿئي، جيڪو رياست ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اتان جي حربان، ڪوشان ۽ ٿور قبيلي جي ماڻهن جو مطالبو اهو به آهي ته انهن جي زمين ڊيم جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. وري ٻڌ قبيلي جي ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ آبادين ۾ جيڪي به عبادت گاهون، بت خانا، رهائشون، مذهبي جايون ۽ جڳهيون آهن اهي ڊهڻ نه ڏيندا، جيڪي انهن جي مذهبي عقيدت جو بنياد پڻ آهن. ان ڪري ان خطي جي ماڻهن کي دربدر نٿو ڪري سگهجي. هڪ ته انهن جي عبادت گاهن جي تاريخي حيثيت، وابستگي ۽ مذهبي انسيت نظر انداز نٿي ڪري سگهجي، ان ڪري هيل تائين جيڪي به اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن سي بغير ڪنهن داد فرياد جي ڄڻ پاڻي ۾ لڙهي ويا. وري ملڪي معيشت جو اهڙو برو حال آهي جو ماڻهن کي کائڻ جي لاءِ ڪجھ ناهي اتي هيءَ سرڪار وري اهڙن منصوبن ۾ پئسا ڦاسائي عوام ۽ ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ جي پٺيان لڳي پئي آهي ۽ ان بهاني 78 بلين رپيا ڏيئي به چڪي آهي، پر ان پروجيڪٽ تي ماڻهن جو اعتراض صحيح آهي. ڇو ته تاريخي، مذهبي ۽ پراڻين جاين ۽ جڳهين کي ڊاهڻ مقامي ماڻهن سان ناانصافي پڻ هوندي، جنهن جو ازالو هنن جو پئسو نٿو ڪري سگهي. ان ڪري فزيبلٽي رپورٽون سڄو ڊرامو هونديون آهن جنهن ۾ هي گھڻي ڀاڱي عوامي مفاد ناهن ڏسندا ۽ رڳو عوام کي ڦري فقير ڪرڻو هوندو اٿن ۽ عسڪري ادارن جي آشيرواد يا مورڳو ئي انهن جي مفاد ۾ ڪم ڪندڙ ايف ڊبليو او کي رياست سڄي پاڪستان جا ٺيڪا، ڪم، صفايون، شهري روڊ رستا، ناڪن جا محصول ۽ گھڻو ڪجھ ڏيئي پاڻ ۾ لئي مٽي ڪريو ويٺا آهن. عوام پئي وڃي کڏ ۾، پر اتي هڪڙي شيءِ ضرور ڏسجي ته ملڪ کي رڳو صنعتن، فيڪٽرين، ادارن ۽ فرمن جي ضرورت آهي جنهن تي پئسو سيڙائجي ته بهتر آهي. ڇو ته ملڪ اڳي ئي ڏيوالي واري صورتحال مان گذري رهيو آهي، پر اتي هنن چائنا، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض کڻي کڻي ملڪ کي ڄڻ گروي رکي ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ سرڪار اچڻ کان اڳ ڏھ ڀيرا سوچيندي ته هاڻي جي سرڪار جي کنيل قرض پکن ملڪ جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن ته پوءِ هي اهڙي کڏ ۾ ڪِرڻ پسند ڪندا. اتي اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ ملڪي کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪرڻ به وڏي ڳالھ هوندي، باقي ٻيا اهڙا پروجيڪٽ پون کڏ ۾.
***