ڊي اين اي ٽيسٽ جو نئون طريقو

1753 Shares

ڊي اين اي تي ڪيل نئين تحقيق موجب هن سان نيورو لوجيڪل بيمارين جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، جڏهن ته نيورو مسڪيولر جينٽڪ بيمارين جو فوري طور تي صحيح طريقي سان پتو لڳائي سگهجي ٿو. هن تحقيق موجب انهن بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ موجود سهولتن جي ڀيٽ ۾ نئون طريقو تيز ۽ مڪمل طور تي صحيح ٿي سگهي ٿو. هي تحقيق آسٽريليا جي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ جي محققن ڪئي آهي. هن ٽيسٽ سان جن بيمارين جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي انهن جو واسطو پنجاهه کان وڌيڪ بيمارين جي هڪ ڪلاس سان هوندو ۽ هن وقت جيڪو طريقو لاڳو آهي ان ۾ پتو لڳائڻ ۾ دير ٿيندي آهي. جرنل سائنس ايڊوانس ريسرچز ۾ ڇپيل مضمون موجب محققن جو چوڻ آهي ته انسان جي جين ۾ هڪ جهڙو تسلسل هوندو آهي ۽ شارٽ ٽينڊم رپيٽ ايڪسپينشن ڊس آرڊر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هن ڊس آرڊرز يا مرضن ۾ هٽنگٽن ڊيزز، فرجائل ايڪسري سينڊروم، هيريڊيٽي سريبيالر اٽاڪسياسي، مايوٽونڪ ڊائسٽروفيز، مايوڪلونڪ ايپي ليپسيز اينڊ موٽر نيورون ڊيزز شامل آهن. هن نئين ٽيسٽ ۾ رت جا نمونا وٺي ان جو تجزيو ڪري بيمارين جي ٻيهر پکڙجڻ جي تسلسل جو جائزو وٺي سڃاڻ ڪئي وڃي ٿي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments