ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ

بخشل باغي جو ڪتاب “ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ” پڙهي رهيو هئس ته ذهن ۾ اَنيڪ خيال جاڳيا. اسان لفظن جي مايا جا قيدي آهيون. اسان خيالن جي مايا جا قيدي آهيون. اسان وٽ صرف سوال آهن؟ مادي دنيا جو عجيب ڍنگ آهي جيڪو سوال ڪري ٿڪجي پوي ٿو اُهو جواب ۾ تخليق ڪري لفظن ذريعي سوالن جي نوعيت بدلائي ڇڏي ٿو. شايد ڪير اسان کان پنهنجي وجود جي هُئڻ لاءِ ثبوت گُهري ٿو. اُهو ڪير آهي؟ اُهو موت آهي. اُنهيءَ ڪري جڏهن اسان ڪوبه ڪتاب پڙهون ٿا ته لفظن ۾ اَٽڪيل سوچ کي اظهار لاءِ وري سوال اُٿاري ڪتاب لکون ٿا. مطلب لفظ جو جواب لفظ، تخليق جو جواب تخليق، ڪتاب جو جواب ڪتاب. بس ڪائنات ايئن سواليه نشان بڻجي وڃي ٿي. ساختيات ۾ لفظن جي بائنري پکيڙ سوين معنائون سامهون آڻيِ ٿي. ٻولي اُها جيڪا هڪ جُملي ۾ سوين معنائون کڻي اچي. تخليق اُها جيڪا هڪ جُملي ۾ سوين سوال کڻي اچي.

بخشل باغي جو هي ڪتاب پڙهي ڪيترن ڪتابن جو تعارف ٿئي ٿو. بلڪه سنڌ جي ڪيترن ليکڪن جي لکڻين جو تعارف ٿي وڃي ٿو، جيڪي نظرياتي دور جا پڙهندڙ آهن اُنهن لاءِ سڄو دور آئيني وانگر اکين اڳيان ڦري وڃي ٿو. ڇو ته بورس پيستروناڪ، ارنسٽ هيمنگوي، گارشيا مارڪيز، رسول حمز اتوف، البرٽ ڪاميو، ڪافڪا، سارتر، جان ريڊ اُهي سڀ ليکڪ نظرياتي دور جي پڙهندڙن لاٰءِ هڪ ئي قافلي جا هم سفر آهن. هِن ڪتاب ۾ سنڌ جي نظرياتي دور کان وٺي جديد موجوده دور تائين لکندڙن جون لکڻيون سامهون آنديون ويون آهن. بس کوٽ اِها محسوس ٿي ته جيئن سنڌ جي موجوده دور جي ناولن، ڪهاڻين ۽ ٻين ادبي ڪتابن جي پرک ڪئي ويئي آهي. تيئن پرڏيهي ادب ۾ جديديت پُڄاڻان دور جي لکيل ناولن جو به تجزيو موجود هُجي ها! شايد ليکڪ اُنهيءَ ڏانهن به توجهه ڏيئي ۽ آئنده اسان کي اهڙو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ملي.

اندازو ٿئي ٿو ته بخشل باغي پڙهندڙ ماڻهو آهي. نه صرف پڙهندڙ آهي بلڪه پڙهيل هر ڪتاب تي قلم کڻي انهيءَ مُتعلق لکڻ وارو ماڻهو آهي.

گهڻو وقت اڳ اسان کي هڪ  اُستاد ٻُڌايو ته ڪتاب پڙهي جيستائين توهان اُن کي انڊر لائين نٿا ڪريو. تيستائين توهان پڙهڻ جي لذت نٿا پرايو، پر بخشل باغي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ قلم کڻي اُنهيءَ ڪتاب تي ويچار ونڊي ٿو. انڊر لائين جي دنيا پاڻ لاءِ آهي، پر ڪتاب تي لکڻ دنيا لاءِ آهي. هي دور ڊجيٽل ڊڪٽيٽر شپ جو آهي. ڪنهن وٽ به وقت کي صحيح استعمال ڪرڻ جو فارمولو ناهي. زندگي هڪ پلاٽ کان بغير ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ واقعا ۽ ڪردار طئي ٿيل ناهن. تنهنڪري ڪو ويهي تخليقي ادب تي لکي ڏکيو ڪم آهي.

مون اٿارٽي ۾ نوڪري دوران سنڌي ڪتابن جو سروي ڪرايو هو ته سال ۾ ڪيترا ڪتاب ڇپجن ٿا. منهنجو خيال هو ته هر سال جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف ۽ تبصرو به اُنهيءَ ۾ شامل ڪرائيندس، پر ڪرپشن جي دنيا ڪم ڪرڻ ڪٿي ٿي ڏئي، پر مون کي انهيءَ سروي ۾ خبر پئي ته هر سال ٽي سئو کان چار سئو ڪتاب ڇپجن ٿا. ڪتابن جي مارڪيٽ به آهي، پر نئون ريڊر گهٽ پيدا ٿي رهيو آهي. ٻيو ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ختم ٿي رهي آهي. بخشل باغي اُنهيءَ دور ۾ ڪتاب پڙهي اُنهن تي تنقيدي تبصرو لکي ڄڻ پاڻ کي ادبي دنيا جو هيرو ٺاهي ڇڏيو آهي. سندس مضمونن مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب دلچسپي سان پڙهندڙ آهي. بخشل بنيادي طور شاعر آهي. شعر جو تعلق جذبن سان آهي، رُومانس سان آهي، اندر جي اُڌمن سان آهي، ذات جي بيقراري سان آهي، شعور جي اڪيلائي سان آهي، پيار جي اُڇل سان آهي، نِرواڻ سان آهي، پر نثر جو تعلق عقل سان آهي، سوچ ۽ اِدراڪ سان آهي، مُطالعي ۽ زمان و مڪان سان آهي. ٻنهي ۾ مُشترڪ هڪجهڙا ئي اُهي سوال آهن، جيڪي وجود جي بُحران جو درد کڻي در در ڀٽڪن ٿا، پر خال پورو ئي نٿو ٿئي، ماڻهو هارائي وڃي ٿو، پوءِ تخليق اُنهيءَ کي ٻيو جنم ڏئي ٿي، پر هڪ شاعر اڪثر نثر نگار به تمام سُٺو ٿيندو آهي. ڪو سُٺو نثر نگار سُٺو شاعر ٿئي اُهو ورلي ملندو. تنهنڪري بخشل باغي سُٺي نثر نگار ٿيڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

سندس تنقيد جا ٻه رُخ آهن هڪ جديد سنڌي تنقيدي ڪتابن ۽ ناول تي تبصرا ٻيو وجودي فڪر تي لکيل ڪهاڻين تي تبصرا.

اصل ۾ سنڌي قوم جو مَحور عقل جي بجاءِ جذبي تي وڌيڪ رهيو آهي. ڪلاسيڪل ورثي کان وٺي ترقي پسندي تائين اسان وٽ جذبو اهم رهيو آهي. ڇو ته صوفي مَت جو بُنياد جذبي تي رهيو آهي تنهنڪري سنڌي ماڻهو وڌيڪ روماويت پسند رهيو آهي. هِن 1960ع کان وٺي 1990ع تائين مزاحمتي تحريڪ ۽ ترقي پسند تحريڪ ڏانهن جذباتي رويو رکيو. جنهن ڪري موجود ساخت ۾ پيدا ٿيندڙ تحريڪن تي سنڌي ماڻهو نظرياتي ادب جذبي جي بُنياد تي تخليق ڪيو. جڏهن ساخت بدلجي ويئي ته رومانس ٽُٽي ويو. جذباتي لڳاءَ ٻاتاڙجي ويو. اديب وري هڪ دفعو خلا ۾ بولاٽيون کائڻ لڳو. تنهنڪري اڄ جي دور جي ادب ۾ وائڙائپ وڌيڪ آهي. لکندڙ ناولن ۾ يا ڪهاڻين ۾ اُها گهرائپ نٿي ملي. خود دنيا جي ادب ۾ به اها ئي صورتحال آهي. شايد ادب کي انفارميشن ۽ انٽرنيٽ جي رابطا ڪاري ڳيهي رهي آهي. ادب جون فني گُهرجون جديد پُڄاڻان جي دور جون ٻيون آهن. ادب جا سمورا فن ۽ فڪري رُخ بدلجي رهيا آهن. ڇو ته  واپار دنيا کان عارف کسي صارف ڏنا آهن، تنهنڪري اسان فڪري بحران کي مُنهن ڏيئي رهيا آهيون. اسان جو ادب اڃا پُراڻن گسن تي هلي ٿو. شايد اسان ادب جي گاٺ قبول به نه ڪنداسين. اسانtabulation ,meta fiction , pastiche ,magic realism, surrealism کي قبول ڪري نه سگهيا آهيون. ڇو ته اُنهن فنن مان فڪر نڪري ويو آهي صرف مايا جو ڄار آهي. جنهن جي هر تخليق شڪسپيئر جي ڊرامي ميڪبيٿ وانگر زندگي مُتعلق بيان بڻجي ويو آهي ته “زندگي هڪ چَريي جي ٻُڌايل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ رڳو هُل هَنگامو ۽ ڌَمچر ڀَريو پيو آهي پر سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه نٿي اچي.”

بخشل باغي ڪوشش ڪئي آهي ته فڪري بحران جي دور ۾ لکيل ادب جو تعارف اسان تائين پهچائي. بخشل جي لکڻ جو انداز سولو ۽ سادو آهي. مان ته هر پڙهندڙ کي چوندس ته جڏهن به ڪتاب پڙهو ته اُن کي انڊر لائين به ڪريو. اُنهيءَ تي تبصرو به لکو. 1960ع کان 1990ع تائين دنيا ۾ سياست کي ادب جيئدان ڏيندو هو. ادب نعرا ڏيندو هو. ادب سياستدان پيدا ڪندو هو، پر هاڻي سياست دنيا کان ادب کسي ورتو آهي. تنهن ڪري اسان جي نوجوان کي ادب شايد پيزا ۾ وجهي ڏيڻو پوي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments