ڪراچي برسات: مختلف علائقن ۾ ڇتيون ڪرڻ سبب چئن ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت.

ڪراچي ۾ برسات جي نتيجي ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب چئن ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ چوماسي جي پهرين برسات ئي انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ڪورنگي، ابراهيم حيدري ۾ ٻن مختلف هنڌن تي ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 3 مزدور ۽ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا. ملير شمسي سوسائٽي جي ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 سالن جي ٻارڙي عيشا فوت ٿي وئي. طوفاني هوائن سبب آرٽس ڪائونسل، چورنگي ۽ ٻين هنڌن تي ڪيترائي وڻ ڪري پيا. پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي ۾ برسات جي پهرين بوند پوڻ کانپوءِ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. برسات سبب نڪاسي آب جو نظام به مفلوج ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. برسات پوڻ سبب ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، لياقت آباد، اورنگي ٽائون، لياري، بلديه، ڪياماڙي، ڪورنگي ۽ لانڍي جي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments