#ڪهاڻي برف جو وَٽو
ڪهاڻي
برف جو وَٽو
انور شيخ
گرميءَ جي مند ۾ جمعي جي ڏينهن نم جي وڻ هيٺان کٽ تي ويٺي ڌڻي بخش نم جو ڏندڻ پئي ڪيو. هٿ ۾ ڏندڻ جهلي زال کي چيائين:
“امان کي بابا اوڻٽيهه سَوَن ۾ ورتو هو ۽ پوءِ بابا کي هڪ مان ڄائس ۽ ٽي ڌيئرون ٿيس. وڏي ڌيءَ کي ٽَڪن تي ڏئي جاءِ ٺهرايائين، ٻي به ٽَڪن تي ڏنيسين جنهن مان منهنجي شاديءَ جو ڏاج ڏيوڻ ۽ سڄو ڪاڄ ٿيو ۽ باقي هڪ سا تنهنجي عيوضي ۾ وئي. پوءِ ڀلا اهو سڀ ڪرڻ ۾ بابا ڪو گهٽ ٿيو هو ڇا؟”
ڌڻي بخش ڳالهه پوري ڪري زال ڏي تڪيو جيڪا ٻي کٽ تي ويٺي پاڻ کي وِنجڻو هڻي رهي هئي.
“نه ڪو ان ۾ گهٽتائي ڇاجي؟ ڪو ڀلا پنهنجا ننگ، نياڻيون مفت ۾ ڏيندو ڇا؟”
ڌڻي بخش جي زال زليخان نڪ کي موڙو ڏيندي چيو. ڌڻي بخش نم جي ڏندڻ جا ٻه ٽي گهڪا ساڄي ۽ کاٻي واڇن ۾ هڻندي وري چيو:
“ڳالهه ٻڌ تو وارا پُٽَ مون کان اٿئي زور. انهن جون شاديون ڪرائي پنهنجي ڳچيءَ ۾ گنگڻ ڪونه وجهندس. نه ڪمائين نه ڪرتن، گهر ايندا رڳو ماني کائڻ ۽ خرچيون وٺڻ ڪتا ڪنهن جاءِ جا.”
ڌڻي بخش ڪاوڙ ۾ ڪَوُڙي ٿُڪ پَٽَ تي پيرن وٽ ڦٽي ڪئي.
“سئو دفعا چيو اٿمانءِ ته اهي ڳالهيون نه ڪندو ڪر. ساڳيون ڳالهيون ورجائڻ مان ملندو ڇا ٿَئي. پاڻ کي جڏهن آين سَمَڪ ۽ گهر گهاٽ جو سوچيائون ته پاڻ ئي پنهنجو بلو ڪندا. تون اهي ڳالهيون سوچي پاڻ کي ۽ مون کي هلاک ڇو ڪندو آن؟”
زليخان وِنجڻو تيز هڻندي ڪاوڙ مان چيو:
“ڦاپل کي ڏيندو مانءِ ٽَڪن تي، مزوري ڪڏهن آهي ڪڏهن ڪونهي. هاڻي عضون ۾ به اهو دم ناهي رهيو. ڪم ڪندي سران گهٽ سينو وڌيڪ ٿو کڙڪي. شابس آهي مستري منظور کي جو مڙئي ساڻ کنيو ٿو وتي. ڀلا پنهنجو به ڪو پڇاڙيءَ جو بلو ڪرڻو آهي يا نه؟ تو واري پُٽَن جو ته ڪو آسرو ئي ڪونهي ته پيريءَ ۾ ڪو گرهه کارائيندا.”
ڌڻي بخش ڳالهه پوري ڪري وات پٽي سامهون واري ڏندن ۾ ڏندڻ مهٽڻ لڳو. زليخان وِنجڻو هڻڻ بند ڪري مڙس کي چيو:
“هن گهر ۾ منهنجي ڪڏهن هلي آهي؟ جو هاڻي هلندي. ڪندين ته اهو جيڪو تون چاهيندي. جهڙي نياڻي منهنجي آهي تهڙي تنهنجي. بس ايترو ضرور ڪجانءِ ته جنهن گهر ۾ به ڏئين اهڙي ۾ ڏجانءِ جتي ڪو سکيو گرهه مليس.”
ڪجهه گهڙين جي خاموشي کانپوءِ زليخان گوڏن تي هٿ مهٽيندي چيو:
“جڏهن کان هي ماريو گوڏن جو سور اچي جيءَ سان جڙيو آ ۽ صاحب جي گهر جو ڪم ڇڏيو آ تڏهن کان چڱو چوکو کائڻ ته ڇڏ پر ٿڌي پاڻيءَ کان به سڪي مئا آهيون.”
“اڳ ته صاحب جي گهران ايندو هو مفت ۾ “برف جو وٽو” هاڻي ڏهين رپين جي برف وٺ ته ٻه گلاس به پاڻيءَ جا ڪونه ٿا نڪرن. ڪچي برف هٿن ۾ ئي ڳري ٿي وڃي ۽ تون ڏوگهيندي آهين لوٽن جا لوٽا منهنجو پيءُ پوندو پورو؟ مزوري اها ڏيڍ نه ٻه سئو! کائون يا پيئون؟ تو وارا ڪتا پٽ ماني به کائين ته ڏهه پندرهن رپيا به وڙهي وٺي وڃن آخر ڪهڙي پورت ڪري ڪهڙي ڪيان؟”
ڌڻي بخش ڪاوڙ مان ڏندڻ ڦٽي ڪيو ۽ اٿي نلڪو گيڙي گرڙيون ڪرڻ لڳو. ننڍي ڪچي گهر جي آڳر تي تار تان انگوشو لاهيندي وات اگهيائين نم جي پاڙ وٽ پوسل تي ستل ڪٻري ڪتي منهن مٿي ڪري ڏٺس، ڊنل جهرڪي چانورن جو داڻو کڻي ڀڙڪو ڏئي اُڏري وئي. ڌڻي بخش انگوشو واپس تار تي ٽنگيو ۽ وري اچي زال جي ڀرسان ويٺو. نرم لهجو اختيار ڪندي زال کي چيائين:
“ڦاپل کي پنهنجي بدران صاحب جي گهر ڇو نٿي موڪلين؟ صبح جو پاروٿا چانور به کڻي ڏيندس ۽ “برف جو وٽو” به ملندس. روزانو ڏهه رپيا خرچي ۽ مهيني ۾ به ٻه هزار کن ته ضرور ڏيندس.”
زليخان ڪوبه جواب نه ڏيندي ڪنڌ ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ته ڌڻي بخش ٻانهن کان وٺي لوڏو ڏئي چيس:
“پاروٿا چانور تئي تي سيڪي ٻٽالن جي تَرَ سان ڏيندين آهين ته ڏاڍو وڻندا آهن ۽ سڄو سارو ويلو به ٽري ويندو آهي.”
”ڦاپل ته اسڪول ويندي آ”
“بَلي تون پڙهينءَ، ماڻي پڙهي، تو واري ناني به پڙهيل هئي. هاڻي ڦاپل پڙهي ڪندي اڪ ڪارا ۽ ٿيندي ڊاڪٽرياڻي.”
ڪجهه دير ٻنهي طرفن کان خاموشيءَ بعد ڌڻي بخش پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي زال کي چيو:
“مان صاحب سان ڳالهايان ٿو تون به رڙِهي وڃجانءِ ميڊم ڏي. ڇوريءَ کي بيهاري اچ پنهنجي جاءِ تي. جڏهن تون ٺيڪ ٿئين تڏهن ڏسنداسون.”
ڌڻي بخش کٽ تان اٿي تار تان انگوڇو لاٿو، ڪپڙا لاهي انگوڇو ٻڌي نلڪي تان تڙ ڪري ڪوٺيءَ ۾ وڃي ڌوتل ڪپڙا پائي جمعي نماز پڙهڻ لاءِ هليو ويو.
رات جو زليخان ڦاپل جا سليٽ ۽ ڪتاب پيتيءَ ۾ ڳوڙهن هاڻين اکين سان سانڍي رکيا ۽ صبح جو ڦاپل ننڍڙن نازڪ هٿن سان صاحب جي وڏي گهر جو پوچو ڏيڻ لڳي.
“آهيو ته ڪم چور مايون، جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءَ. اصل سَنَڌن ۾ ته ساهه ئي ڪونه اٿئو. فرش تي ته ساڳيا ئي داغ پيا آهن باقي پوچو ڇاکي ڏنو ٿئي؟”
ميڊم جا ڪلمات ڪنن تي ۽ چپاٽ ڪنڌ تي واڪا ڪري اچي لڳيس. ڦاپل جنهن جي عمر مشڪل سان اٺ سال هوندي سا گوڏن ڀر اچي ٽائلس تي ڪري، ٻي چپاٽ جي اُلر کانپوءِ ڦاپل مشيني انداز ۾ فرش کي تيزيءَ سان پوچو ڏيڻ لڳي. پوچي کانپوءِ ڳوڙها وهائيندي ڪچن ۾ ٿانوَ ڌوئڻ جي ڊيوٽي ڪرڻ مهل هن جي ننڍڙي ذهن ۾ عجيب سوال چڀڻ لڳا.
“صاحب جي گهر جو فرش ايڏو چمڪيلو ۽ وڏو ڇو آهي؟ اسان جو گهر ڪچو ۽ آڳر ننڍو ڇو؟ بابا منهنجي وڪڻڻ جون ڳالهيون ڇو ڪندو آهي ۽ منهنجي ڀائرن کي ڇو نٿو وڪڻي.”
هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ٽيچر ٻڌايو هو ته:
“سڀني کي روزي الله سائين ڏيندو آهي. الله سائين کي ٻار ڏاڍا پيارا هوندا آهن هو انهن جون دعائون قبول ڪندو آهي.”
هن ارادو ڪيو ته گهر وڃي رات جو الله سائين کي ميڊم جي ٿڦ جي باري ۾ ٻڌائيندي ۽ کيس چوندي:
“ميڊم سڄو ڏينهن ڪم ڪرائي ٿي ۽ ماري به ٿي.”
هن سوچيو رات جو کٽ تي سمهي مٿي تڪي هٿ ٻڌي الله کي چوندي:
“الله سائين، بابا کي چئو ته مون کي هتي نه موڪلي ۽ وڪڻي به نه”
پهريان هن سوچيو هو ته بابا منهنجي ڀائرن کي ڇو نٿو وڪڻي پر پوءِ هن سوچيو ته الله کي چوندي ته:
“الله سائين، بابا منهنجي ڀائرن کي به نه وڪڻي، ڪنهن کي به نه وڪڻي.”
اهڙيون ڳالهيون سوچيندي هن جا هٿ تيزي سان هلڻ لڳا. خيالن ئي خيالن ۾ ڪافي سارا ٿانوَ ڌوئي وئي ننڍڙي جا ڪپڙا ڌوئيندي هن ميڊم کي ڏٺو جيڪا ڪرسيءَ تي ويٺي ڪو رسالو پڙهي رهي هئي هن سوچيو:
“ميڊم کي امان وانگر گوڏن ۾ سور به ڪونهي پوءِ پاڻ ڪم ڇو نٿي ڪري؟ مون کان ڇو ٿي ڪرائي، مان ته ننڍڙي آهيان، امان منهنجا ڪتاب کسي مون کي هتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڇو موڪليو آهي؟”
وري يڪدم ٻيو خيال آيس ته:
“امان مون کي هتي برف جي وٽي ۽ پاروٿن چانورن لاءِ موڪليو آهي. ميڊم ڪم ان ڪري نٿي ڪري جو ان وٽ “برف جو وٽو” ۽ پاروٿا چانور آهن. جيڪا هوءَ اسان کي ڏيندي آهي ۽ اسان وري هن جو ڪم ڪندا آهيون.”
ميڊم ڏي چور نظرن سان نهاريائين جنهن جو ڪنڌ هيٺ رسالي ۾ هو هن ميڊم ڏي ڏسندي سوچيو:
“رات جو الله سائين کي چوندم ته اسان جا پاروٿا چانور ۽ “برف جو وٽو” اسان جي گهر سڌو موڪلي ڏي ميڊم انهن لاءِ گهڻو ڪم ڪرائي ٿي ۽ ماري به ٿي.”
هن کي خيال آيو ته الله سائين ٻارن جون دعائون قبول ڪندو آهي ۽ پوءِ جڏهن مان صبح جو اٿنديس ته کٽ جي هيٺان “برف جو وٽو” ۽ پاروٿا چانور پيا هوندا. مان کڻي بابا کي ڏيندم ته اهو مون کي ڪم تي نه موڪليندو ۽ پوءِ ميڊم پاڻ ڪم ڪندي.
خيالن ئي خيالن ۾ هن ميڊم کي ٿانوَ مليندي ۽ پوچو ڏيندي ڏٺو، مسڪراهٽ سڄي منهن تي ڦهلجي ويس ۽ هڪ اميد اندر ۾ ڪَر موڙڻ لڳس.
ڪجهه دير بعد زليخان به سور جون دانهون ڪندي گوڏا مهٽيندي آڳر ۾ ڀت جي ڀرسان ڇانوَ تي رکيل صندل مٿان اچي ويٺي.
“مائي بيماريءَ ۾ ڳري ته ذرو به ناهين، ويتر گهر ويهي ڌچري ٿي وئي آن. رڳو ڪوڙ جا بهانا ٿي ڪرين، هاڻي هن ٻار کان هيڏي گهر جو ڪم ٿيندو؟ سڄو ڪم ڪار مون کي ساڳيو پاڻ کي ئي ٿو ڪرڻو پوي.”
ميڊم، زليخان کي ڏسندي چيو ته زليخان خوشامد ڪندي چيس:
“ميڊم، منهنجا ڪراڙا هڏ هاڻي ڪاٿي رهيا آهن ڪم جا. ڦاپل ڪم جي تکي اٿئي، مان توکي ڏئي ڇڏي جيستائين پنهنجي گهر جي ٿئي تيستائين تنهنجي پئي خدمت ڪندي. بس هن جي پارت اٿئي ٻن ٽن ڏينهن جي توکي تڪليف ٿيندي پوءِ پاڻ ئي ڏسجانءِ سڄي گهر جو ڪم سنڀالي وٺندي.”
زليخان عاجزانه انداز ۾ چيو ته ميڊم جي منهن جو موڇو به ڪجهه گهٽ ٿيو.
ميڊم سفيد ٽائلس جي چمڪندڙ فرش مٿان سائي پلاسٽڪ ڪرسيءَ تي زليخان جي سامهون ويٺي هئي. زليخان گوڏن تي هٿ مهٽيندي چيو:
“گوڏن جي سور ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي. ڪالهه کان وٺي ته گوريءَ لاءِ به گهر ۾ ڪجهه ڪونهي سوچيم ٻيو آسرو ته آهي ڪونه اها هڪ ئي ته آهي اسان جي پاڙي ۾ سڀ جي سارَ ۽ پرگهور لهڻ واري سو وڃي ٿي دعائون ڪيانس.”
ميڊم زليخان جي من جي منشا سمجهندي پنجاهه رپيا ننڍڙي پرس مان ڪڍي ڏنس ۽ ڦاپل کي چئي بورچي خاني مان راتوڪا بچيل چانور ۽ بيسڻ جون ٽڪيون ڏنائينس. “برف جو وٽو” گهرڻ تي چيائينس:
“بجليون آهن؟ جو برفان ڄمن؟ راتوڪو رکيل پاڻي اڃان وٽن ۾ هلڪو گهاٽو مس ٿيو آ ڦاپل اچڻ مهل کنيو ايندئي.”
زليخان جي وڃڻ کانپوءِ ڦاپل ننڍڙي جا ڪپڙا ڌوئي پورا ڪيا ته وري ميڊم ميرا ٽوال ڏنس. ٽوال ڌوئڻ کانپوءِ صوفن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪيائين. ٽيليويزن ۽ شيشي جون ٽيبلون صاف ڪيائين، ٽماٽا ۽ بصر ڪٽي فرج ۾ رکيائين اهي سڀ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ميڊم چيس:
“چلهي تي چانهه رکي اٿمانءِ ٻه ٽي اوٻارا اچنس ته ڇاڻي ڪوپ ۾ وجهي اچجانءِ.”
ڦاپل چلهي تي وڃي بيٺي چانهه اوٻارا کائي پتيلي مان ٻاهر نڪتي ته اڻ ڄاڻ ڦاپل پتيلو کڻي هٿ سان لاٿو. گرم پتيلي ٻنهي هٿن کي ساڙي وڌس. پهريون ته هلڪو ساڙ محسوس ڪيائين پر جڏهن هٿن تي ڦلوڪڻا نڪتس ته اکين مان پاڻي وهڻ لڳس.
ميڊم چانهه پيئڻ کانپوءِ “برف جو وٽو” ڏنس. برف جو ٿڌو وٽو هٿ ۾ آيس ته ڪجهه قرار محسوس ڪيائين. هٿن جي ساڙ ۾ گهٽتائي آيس. رستي ۾ گهر ڏانهن ايندي واري واري سان ٻنهي هٿن کي برف تي رکندي پئي آئي ۽ منهن مٿي ڪري آسمان ۾ نهاريندي چيائين:
“الله سائين، منهنجا ته هٿ دعا گهرڻ کان اڳ ئي سڙي پيا.”

