ڪورونا وائرس سنڌ ۾ تيزي سان وڌڻ لڳو، تعليم کاتي عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي
ڪراچي ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب سنڌ جي تعليم کاتي عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هڪ ڏينهن دوران صرف 10 سائلين جي فرياد ٻڌي ويندي. تعليم کاتي پاران سنڌ جي سمورن ملازمن کي ماسڪ لازمي پائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ تعليم کاتي جي مختلف آفيسن ۾ صرف هڪ ملازم کي ئي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 7 هزار 21 ٿي ويو آهي.