ايڊيٽوريل

سنڌ سرڪار جي 16 ساله حڪومت جو پوتاميل

سنڌ صوبي ۾ حڪومت مسلسل 16 سالن کان هڪ پارٽيءَ جي آهي، انهيءَ پارٽي جو نعرو آهي “جمهوريت بهتر انتقام آهي” ڇا اهو انتقام سنڌ جي عوام کان ورتو پيو وڃي؟ ڇو ته سندن قصور اهو آهي ته هو 16 سالن کان انهيءَ پارٽيءَ کي ووٽ ڏيئي هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪندا رهيا آهن. هڪ طرف ڏسون ٿا ته سنڌ سرڪار ۾ ويٺل وزير پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪن ٿا ته سنڌ صوبو ملڪ جي ٽنهي صوبن کان وڌيڪ تعليم يافته، ترقي يافته، صحت جي حوالي سان بهتر سهولتون ڏيندڙ، امن امان ۽ روزگار جو بندوبست ڪندڙ آهي. ٻئي طرف ڏسون ٿا ته پوري سنڌ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک آهن. ٿر جي واري پوري سنڌ تي وسي رهي آهي، سنڌوءَ ۾ پڻ واريءَ جا وسڪارا ٿي رهيا آهن. پاڻي نه هوندو ته پوءِ درياءَ ۾ واريءَ کانسواءِ ٻيو ڇا هوندو.
هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 29 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، فصل سڪي رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت ارسا کان پنهنجي حصي جو پاڻي وٺڻ ۾ ناڪام آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت سي جي لنڪ تڪراري ڪئنال کي زبردستي پاڻي ڏيئي وهائي رهي آهي، جنهن جو مقدار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هن وقت اهو ڪئنال 12 هزار 500 ڪيوسڪ سنڌوءَ مان پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جو وات ڇو بند آهي، پنهنجي آئيني حق تي خاموش ڇو آهي. صحت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت چوندي رهي ٿي ته پوري پاڪستان جا مريض صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جو رخ ڪن ٿا. هن وقت سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جون 6 هزار جايون خالي پيل آهن. اسپيشلسٽ ڊاڪٽر بجاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪريون وٺڻ جي خانگي اسپتالن ۾ نوڪريون وٺڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڇو ته انهن کي اتي پئڪيج بهتر ملي ٿو. ايئن به ناهي ته سرڪاري بجيٽ مان هڪ ڳري رقم صحت لاءِ نٿي رکي وڃي. گذريل پنجن سالن دوران سنڌ صوبي اندر صحت جي لاءِ 900 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، پر “دوا جي باوجود مرض وڌي رهيو آهي” وارو قصو ٿي رهيو آهي. سواءِ چند اسپتالن جي پوري صوبي جي اسپتالن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. 5 ڪروڙ 80 لک ماڻهن جي لاءِ صرف 14 هزار ڊاڪٽر ۽ هڪ هزار ايمبولينسون آهن، جن مان اڪثر ڊاڪٽر ويزا تي ويل هوندا آهن ۽ اڌ کان وڌيڪ ايمبولينس ناڪارا بڻجي اسپتال جي ڪنڊ پاسي ۾ سرن تي بيٺل نظر اينديون آهن. سنڌ جي ترقياتي ڪمن جي ڳالهه جو روئڻ ڪنهن سان روئجي. اهڙا ڪيترائي ترقياتي منصوبا آهن جن تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، پر اهي منصوبا اڄ تائين مڪمل نه ٿيا آهن، بلڪه ناڪارا ٿي چڪا آهن. حيدرآباد، ڄامشورو، ٿرپارڪر، سانگهڙ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اسٽيڊيم ٺاهڻ وارا منصوبا اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود اڻپورا آهن، فشريز کاتي به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. مختلف ضلعن ۾ شروع ٿيندڙ 78 ڪروڙ وارو منصوبو جنهن تي هن وقت تائين 71 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن پڻ رولڙي جو شڪار آهي. قومي شاهراهن تي پيٽرولنگ جي لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ لاءِ 80 ڪروڙ خرچ ۾ ڏيکاريا ويا آهن عملي طور تي هڪ به پيٽرولنگ پوسٽ جو وجود ناهي. تعليم کاتي به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. پنجن ضلعن ۾ منظور ٿيل پبلڪ اسڪول مڪمل ٿي نه سگهيا آهن، جن کي ٺهندي 17 سال گذري چڪا آهن. روڊن رستن جو حال به ساڳيو ئي آهي بس ڪاغذن ۾ ٺهن ٿا ۽ بارش پوڻ سان لڙهي وڃن ٿا اهي پئسا جيڪي سنڌ جي عوام جي ٽيڪس مان گڏ ٿين ٿا انهن جو پڇاڻو سنڌ سرڪار کان ڪريون ٿا ته سرڪار جا ڪامورا ۽ حڪمران ناراض ٿين ٿا. ڇو ته ان بدديانتي جو پيرو کڻجي ٿو ته پيرو سندن محلاتن جي اندر گم ٿي رهيو آهي، اها آهي اسان جي صوبي جي ترقيءَ جي هڪ ننڍي تصوير.
ايندڙ هفتي بجيٽ جا انگ اکر پيش ڪري ماڻهن کي منجهايو ويندو، انهن کي ترقيءَ جا خواب ڏيکاريا ويندا، پر عملي طور اهو ئي ٿيندو جيڪو گذريل 16 سالن کان ٿي رهيو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عوام ڪڏهن ٿو سرڪار کان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري.