بلاگنئون

تحريڪ انصاف پاران آئي ايم ايف کي لکيل خط جو اثر ڇا ٿيندو؟

تحريڪ انصاف آئي ايم ايف کي هڪ دفعو وري ملڪ جي سياسي معاملن ۾ ڌڪي کڻي آئي آهي، اهو حيران ڪندڙ عمل آهي. تحريڪ انصاف هڪ خط جي صورت ۾ آئي ايم ايف کي ملڪ جي 8 فيبروري 2024 جي ٿيل چونڊن جي نتيجن ۾ بي ضابطگين کي دور ڪرڻ تائين پنهنجي قرض روڪڻ جي درخواست ڪئي آهي.
اهو پهريون دفعو ناهي، پر گذريل پي ڊي ايم سرڪار جي زماني ۾ به تحريڪ انصاف اها ڪوشش ڪئي ته ٻن صوبن يعني پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وزير خزانه جي معرفت آئي ايم ايف تي دٻاءُ وجهجي ته اهو ادارو پاڪستان لاءِ پنهنجي بيل آئوٽ پيڪيج کي روڪي. نئين چونڊن جي نتيجي ۾ ملڪ جي نامزد وزيراعظم ميان شهباز شريف پي ٽي آئي جي آئي ايم ايف کي لکيل خط کي سائفر کانپوءِ هڪ وڌيڪ ملڪ دشمني وارو عمل قرار ڏنو آهي. اتحادي جماعتن جي نامزد وزيراعظم مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي هدايت تي بين الاقوامي ۽ مالياتي فنڊ کي هاڻي ٿيندڙ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي حوالي سان لکيل خط تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته اها سائفر کانپوءِ هڪ وڌيڪ ملڪ دشمني جو ثبوت آهي. هن ته ايستائين به چيو ته انهيءَ عمل کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه ٿو رهي ته عمران خان اهو چاهي ٿو ته خدا نه خواسته پاڪستان مڪمل تباهي جو شڪار ٿي وڃي. تحريڪ انصاف جي انهي پاليسي تي ته جيڪڏهن پارٽي ۽ انهيءَ جو اڳواڻ اقتدار ۾ ناهن ته پوءِ ملڪ هلي نه هلي، نه انهي جي پرواهه تحريڪ انصاف کي آهي نه ان جي اڳواڻ کي. اهو انتهائي افسوسناڪ قدم آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي.
ملڪ جو عوام به اهو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان پنهنجي معاشي ۽ مالياتي ڏکيائن واري دور مان گذري رهيو آهي. تڏهن اسان کي نه صرف بهتر خارجه پاليسي گهرجي ۽ عالمي مالياتي ادارن جو تعاون به گهرجي. ٿيو ائين آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ سائفر جو ڊرامو ڪيو ۽ ملڪ جي خارجه پاليسي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو. ٻئي طرف اسانجا عالمي مالياتي ادارن سان جيڪي تعلقات آهن. انهن کي به اها جماعت ۽ ان جو اڳواڻ متاثر ڪندو رهيو آهي ته اهي پاڪستان جي مدد نه ڪن. جنهن جو ثبوت تازو لکيل خط آهي. جنهن ۾ آئي ايم ايف کي ڄڻ ملڪ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت جي دعوت ڏني وئي آهي، پر اسين اهڙيون سڀ سياسي جماعتون جيڪي پنهنجي ذاتي اقتدار لاءِ ملڪ ۽ انهيءَ جي عوام جي مستقبل کي اونداهو ڪن، انهن جي اهڙن سڀني عملن کي غلط سمجهون ٿا. سائفر کان وٺي عالمي مالياتي فنڊ کي لکيل هن خط تائين تحريڪ انصاف اها ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ هڪ طرح سان بيهي رهي ۽ انهي جي خارجه پاليسي متاثر ٿئي ۽ مالياتي ادارن سان اسانجي ساک بهتر نه رهي، پر اسين اها حقيقت ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته تحريڪ انصاف جا اهي عمل ملڪ جي خارجه پاليسي ۽ مالي پاليسي تي ڪوبه اثر نه وجهي سگهندا. ايترو ضرور آهي ته پي ٽي آئي ۽ انهي جي اڳواڻ جو اصل چهرو ملڪ جي عوام جي اڳيان اچي ويو آهي. تازو چين ملڪ جو 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪيو آهي. ملڪ ۽ انهن جي خارجه پاليسي ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻ جي خواهشن تي ڪونه هلندي آهي. معاشي ماهرن کان جڏهن راءِ گهري وئي ته پي ٽي آئي جي انهيءَ خط جو ڪهڙو اثر ٿيندو. تڏهن سابق وزير خزانه مفتاح اسماعيل چيو ته آئي ايم ايف کي خط لکڻ سان معاهدي تي ڪو اثر نه پوندو. عالمي مالياتي فنڊ معاشي اصلاحات کي ڏسندو آهي نه اندروني سياست کي. جڏهن سڀ معاشي ماهر ۽ سياستدان اهو ڄاڻن ٿا ته ان قسم جي مهم جو ڪو اثر نه ٿو نڪري پوءِ خبر ناهي ڇو پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجو پاڻ کي عالمي راءِ عامه ۽ ملڪ جي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪيرائي ٿي.
اسين تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن کي اهو چئون ٿا ته اهي ملڪ جي وڏي سياسي جماعت جا اڳواڻ آهن تڏهن انهن تي فرض ٿو ٿئي ته اهي پنهنجون پاليسيون ملڪ جي حق ۾ جوڙين ۽ ملڪ جي ترقيءَ ڏانهن سفر ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين.