پاڪستانخاصنيو‍‍ز

گهڻو برداشت ڪيو، سياسي قيادت آرمي چيف جي مقرري ۽ فوج خلاف بيان بازي بند ڪري: ترجمان پاڪ فوج

پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان تازا بيان انتهائي نامناسب آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پشاور ڪور پاڪستان آرمي جي هڪ ممتاز فارميشن آهي، پشاور ڪور ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف قومي جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان اهم ڪور جي قيادت سدائين بهترين پروفيشنل هٿن ۾ سونپي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پشاور ڪور ڪمانڊر جي حوالي سان اهم سينيئر سياستدانن جا تازا بيان انتهائي نامناسب آهن، سينيئر قومي سياسي قيادت مان اميد ڪجي ٿي ته اداري خلاف اهڙن تڪراري بيانن کان پاسو ڪندي. هوڏانهن خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جاري ڪيل بيان ۾ سڀ ڪجهه واضح آهي، سينيئر سياستدانن طرفان مختلف موقعن تي نامناسب بيان ڏنا پيا وڃن، ڪافي عرصي کان برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان گهڙي گهڙي چئي چڪا آهيون ته فوج کي سياست کان پري رکو، ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا گهڻا چئلينجز آهن، اسان جي فوج سرحد ۽ اندروني ملڪ اهم ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي، سمورو فوڪس ذميوارين تي آهي، سياسي صورتحال سان ڪو واسطو ناهي. سندس چوڻ هو ته مان ميڊيا ۽ سياستدانن کي درخواست ٿو ڪريان ته فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکن.