پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ملڪ ۾ مزار ۽ سئنيمائون بند ڪرڻ جو اعلان، تعليم کاتي ۾ سياري جون موڪلون ترت ڪرڻ جي سفارش

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب مزار، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر فوري طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اين سي او جو اجلاس رٿا بندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ تعليم جي شعبي سميت سڄي ملڪ ۾ وبائي مرض جي انگن اکرن ۽ پکيڙ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وڏن عوامي ميڙاڪن تي پابندي جي تجويز ڏني وئي، گڏوگڏ هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ڪورونا پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي. اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا جي ٻي لهر کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي تجويز به ڏني وئي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب وڏي نقصان کان محفوظ رهڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق راءِ جو انتظار آهي، تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ روڪڻ جي ضرورت آهي، 16 نومبر تي تعليم وارو وفاقي وزير صوبائي وزيرن سان گڏ صورتحال جو جائزو وٺندو، جنهن ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سياري جو موڪلون تڪڙي ڪرڻ يا انهن جو مدو وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو. اين سي او سي اجلاس ۾ مزار، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر بنا دير بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته 20 نومبر کان رڳو 5 سئو ماڻهن تائين ٻاهرين سطح تي شادين جي تقريبن جي اجازت هوندي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪيترن ئي مهينن کان هيل تائين مسجدن ۾ ايس او پي تي عمل کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ به مسجدن کي ايس او پيز تي عمل جاري رکڻ جي صلاح ڏني