ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان جا ايٽمي اثاثا ختم نٿو ڪري سگهي: شازيه مري
پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي ختم نٿو ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي مسلمان دنيا جو پهريون ايٽمي ملڪ بڻايو ۽ پاڪستاني قوم ايٽمي طاقت بڻجڻ جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو عمران خان کي سيڪيورٽي رسڪ نه چوي ته ٻيو ڇا چئي؟ عمران خان جو وس هلي ته هو ملڪ جا ايٽمي اثاثا مودي کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي پر ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان جا ايٽمي اثاثا ختم نٿو ڪري سگهي. شازيه مري چيو ته فواد چوڌري، فرخ حبيب پنهنجي اڳواڻ جي ذهني ڪيفيت تي ماتم ڪن. تحريڪ انصاف وارن جون رڙيون ٻڌائي رهيون آهن ته عمران خان ٻڏي چڪو آهي ۽ بلاول اڀري رهيو آهي.

