خاص

اسلام آباد انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت لاءِ 39 شرط رکي ڇڏيا

اسلام آباد انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت لاءِ 39 شرط رکي ڇڏيا آھن. اسلام آباد انتظاميه جي شرطن ۾ چيو ويو آھي ته عمران خان حلفي بيان ذريعي يقين ڏياريندو ته اسلام آباد ۾ هٿيارن جي نمائش نه ڪئي ويندي، ڪنهن به جماعت جو جهنڊو نه ساڙيو ويندو، لائوڊ اسپيڪر جو استعمال نه ڪيو ويندو، اسلام آباد انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت لاءِ 39 شرط رکي ڇڏيا آھن. ٻين شرطن ۾ چيو ويو آھي ته مذهب جي حوالي سان ڪابه بيان بازي نه ڪئي ويندي. انتظاميه پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ 4 صفحن تي ٻڌل شرط نامو تيار ڪري ورتو آھي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسٽيج تي ڪير موجود هوندو اهو به ٻڌائڻو پوندو، جلسي جي اجازت هڪ ڏينهن لاءِ هوندي.