خاص

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال پنهنجي مڙس جي خلاف ڌمڪين تي ٻڌل وڊيو آڌار تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

 آغا افتخارالدين مرزا جي نالي سان هڪ شخص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو ڪجهه سياسي شخصيتن ۽ ٽي وي اينڪرن سان گڏ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. اربع تي جسٽس فائز عيسيٰ جي زال پوليس کي ٻڌايو ته هن جي گهرڀاتين جي زندگي خطري ۾ آهي، سندس مڙس کي خوفناڪ ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن پوليس کي درخواست ڏيندي چيو ته سندس گهرواري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. هن درخواست ۾ چيو ته هوءَ مسٽر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ جو جج آهي ۽ جنهن کي موت جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. هن پنهنجي شڪايت ۾ چيو ته هڪ وڊيو ۾ هڪ شخص چيو آهي ته هن جو مڙس عوام اڳيان چوڪ تي شوٽ ٿيڻ گھرجي. هن درخواست سان گڏ يو ايس بي پڻ جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ خطرناڪ وڊيو پيغام پڻ شامل آهي. هن پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته ڪيترائي طاقتور ماڻهو سندس مڙس مان خوش نه آهن ۽ کيس شڪ آهي ته سندس مڙس جي زندگي خطري ۾ آهي. جسٽس عيسيٰ جي زال چيو ته سندس پيءُ هن وقت سخت بيمار آهي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس کي به وڃائڻ نٿي چاهي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي جج کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي بدترين قسم جي دهشتگردي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي طاقتور ماڻهو جسٽس عيسيٰ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهو پوليس جو فرض آهي ته هو ان جي ڳولا ڪري انهن کي گرفتار ڪن.