اسان کانسواءِ ڪابه “چوائس” ناهي: وزيراعظم عمران خان.
حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر دوران خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هر صبح جو خبر ملندي آهي ته مان وڃان پيو، مان سڀاڻي ڇڏي رهيو آهيان، پر اسان کانسواءِ ٻيو ڪوبه انتخاب ناهي. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان پاران ڏنل ڊنر ۾ وفاقي وزيرن، مشيرن، خاص مددگارن ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اهم عهديدارن، ايم ڪيو ايم سميت راجا رياض ۽ نور عالم خان شرڪت ڪئي. حڪمران اتحاد بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ شاهه زين بگٽي پڻ ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ق. ليگ، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي مينگل) ۽ شيخ رشيد حصو نه ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم سمورن حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن کي بجيٽ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ بهترين بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي نه ئي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا ۽ نه ئي ماڻهن تي اضافي بار مسلط ڪيو ويو، پر عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جو اهم حصو آهن سندن خدشا ختم ڪيا ويندا اتحاد قائم رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن کي قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سڀ حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي ميمبر سڀاڻي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. بجيٽ جي منظوري کانپوءِ اتحادين سان ٿيل معاهدن تي عمل ڪيو ويندو. ڊنر دوران خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته کنڊ رپورٽ جي حوالي سان تمام گهڻو دٻاءُ هو، پرويز مشرف دٻاءُ ۾ آيو ۽ ٻه دفعا کنڊ رپورٽ کي روڪيو، پي آءِ اي جي رپورٽ تي به دٻاءُ هو، مان به چاهيان ها ته گهڻو ڪجهه لڪائي سگهيس پئي

