پي ٽي آءِ فضل الرحمان جي ڀاءُ جي طعيناتي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا سول سروس جي آفيسر ضياءُ الرحمان جي ڪراچي ۾ مقرري خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان جو ڀاءُ ڪراچي جي مرڪزي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو هو، کيس خيبر پختونخواهه مان درآمد ڪيو ويو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي آفيسرن سان زيادتي ڪئي وئي آهي ڇا سنڌ جا آفيسر ناڪاره ٿي چڪا آهن سنڌ جي سر زمين بنجر ٿي وئي آهي يا سنڌ جي آفيسرن يک اتان نيڪالي ڏيئي ڇڏجي. حليم عادل شيخ چيو ته هو پي ٽي سي ايل جو انجنيئر رهي چڪو آهي ۽ هڪ جعلي آفيسر طور هتي مطئين ڪيو ويو آهي. پوري سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن جي گونج آهي اصل ۾ جعلي ڊوميسائلن کانپوءِ جعلي ڊي سي به آيا آهن ضياءُالرحمان جي مقرري سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف آهي. حليم عادل شيخ مطالبو ڪيو ته ڪي پي حڪومت مولانا جي ڀاءُ کي واپس گهرائي نه ته اسان ان جي خلاف عدالت وينداسين، سنڌ حڪومت حڪومت جو وهنوار غير آئيني طريقي سان هلائي رهي آهي.

