نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اسان جي غلطي هئي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کي پنهنجي حڪومت جي غلطي قرار ڏيئي ڇڏيو. هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان جو چوڻ هو ته ان وقت حالتون ٻڌائين پيون ته نواز شريف شايد لنڊن به نه پهچي سگهي. جيڪڏهن ميڊيڪل بورڊ سفارش نه ڪري ها ته نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت نه ڏيون ها. عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف هتي بيمار هو پر لنڊن پهچندي ئي سياست شروع ڪري ڇڏيائين، نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي افسوس آهي، کيس ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اسان جي غلطي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پنهنجن ٻارن وانگر ٻاهرين ملڪ جائيدادن جا ثبوت پيش نٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ تي تنقيد ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ ٻنهي جماعتن هڪٻئي تي ڪيس مڙهيا، اپوزيشن جو نيب تي جانبداري جو الزام لڳائڻ کل جوڳو آهي. عمران خان چيو ته اپوزيشن هر موڙ تي حڪومت کي بليڪ ميل ڪيو، اپوزيشن ان لاءِ بليڪ ميل ڪيو ته کيس ڪو اين آر او ملي وڃي، پر ڪجهه به ٿي پوي احتساب کان ڪنهن به صورت ۾ پٺيان نه هٽندس. سينيٽ مان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جو بل رد ٿيڻ تي عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي دور ۾ ايف اي ٽي ايف گري لسٽ ۾ ويو، ايف اي ٽي ايف بل جو مقصد مني لانڊرنگ کي روڪڻ آهي. ايف اي ٽي ايف ۾ بليڪ لسٽ ٿيڻ سان معيشت تباهه ٿي سگهي ٿي. پاڪستان بليڪ لسٽ ۾ ويو ته ايران جهڙيون معاشي حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون.

