نئون

ايمر جنگ پليئرز ايشيا ڪپ ايندڙ سال پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ايمرجنگ ايشيا ڪپ ايندڙ سال پاڪستان ۾ ڪرايو ويندو.  PCB جي چيئرمين سري لنڪا ٽيم جي ڏيهه اچڻ کي به ساراهيو. هن چيو ته 8 سال اڳ جنهن ملڪ جي ٽيم اسان جي ملڪ مان عالمي ڪرڪيٽ کي پاڻ سانن گڏ کڻي وئي هئي، اڄ اها ئي  ٽيم ڪرڪيٽ کي ڏيهه ۾ واپس وٺي آئي آهي . هن وڌيڪ چيو ته ايمرجنگ ايشيا ڪپ جون تمام ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون جنهن لاءِ ٻين ملڪن جي ٽيمن کي به اچڻ لاءِ چيو آهي . ان بعد PCB چيئرمين سڄي دنيا کي مخاطب ٿيندي  چيو ته  هي سڄي دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان هاڻي راندين لاءِ هڪ محفوظ ملڪ آهي.