خاصشاعري

#نظم #غزل

نظم

امداد حسيني

آءُ اَڇوُت سهي

پيار ته ناهه اَڇوت

انگ ڀڀوُت سهي

روح ته ناهه ڀڀوت

آءُ اَڄاڻ سهي

سچُ ته ناهه اَڄاڻ

آءُ اچان نه اچان

اچڻو آهه سُڀاڻ

آءُ غلام سهي

ٻارُ ته ناهه غلام

آءُ اَنام سهي

سِنڌ ته ناهه اَنام!

……………….

غزل

خيال سنڌي

گهاو هن جا مڃيوسين ته زياده هيا،

پر اسان جا به سينا ڪشادا هيا.

لوڻ لڙڪن ۾ ويو مون کان پئجي گهڻو،

ٽهڪ هن ڀي رڌيا بي سوادا هيا.

توکي لالچ وئي هئي کڻي ڪار ۾،

پيار منهنجا پرين اڄ به پيادا هيا.

گهوٽ آئون هوندس ڪنوار هوندينءَ تون،

ڇا ته واعدا هيا ڇا ارادا هيا.

جڳ جي چالاڪين جو ذڪر هو مگر،

“خيال” منهنجا شعر پوءِ به سادا هيا.

………………

غزل

سجاد مهر

دَردُ جي ڪنهن جو ڄاڻنِ ماڻهو،

پوءِ ڪيئن خوشيون ماڻنِ ماڻهو!

شَمشانن مان شورُ اچي ٿو،

ماڻهو ڇو ٿا ساڙنِ ماڻهو؟

جيونَ جي ڄڻ خالي کٽ ۾،

پنهنجو وقت ٿا واڻنِ ماڻهو.

پاڻَ ڪمائڻ کان پاسيرا

ٻين تي ويٺا ڀاڙنِ ماڻهو

ويچارا ٿي واڳونءَ وانگر،

ڳوڙها ڀي ٿا ڳاڙنِ ماڻهو.

مظلومن ۽  مسڪينن سان،

سينا ڇو ٿا تاڻنِ ماڻهو؟

نفرت خاطر ايڏي فرصت،

يارَ! ڪٿان ٿا آڻنِ ماڻهو؟

……………..

خوشبو

غلام اصغر مغل

 بس تون موٽي آ

بَهار مند وَري آ، تون بس موٽي آ،

سچو پيار آ تنهنجو، دنيا بس کوٽي آ.

ڪاري ڪين آهي، هيءَ ڀيڻ آهي تنهنجي،

ڌيءَ بچائڻ خاطر، امڙ لاٿي پوتي آ.

ڪاري ڇوڪري تَو پُٽ چار پئسن لاءِ،

امڙ مارڻ خاطر، هٿن ۾ ڪاتي آ.

غريب سادا ماڻهو، سادو سندن کاڌو،

هڪ گلاس پاڻي، ۽ سادي روٽي آ.

نيڻ تنهنجا آلا، جڏهن به ٿيا آهن،

وهندڙ نير تنهنجا، هڪ هڪ موتي آ.

سدائين رهيا هون، سادي گهرن ۾،

نه محل ماڙيون آهن، نه ڪائي ڪوٺي آ.

جدائي ٿي ماري، هاڻي پَل پَل اسان کي،

توکي کٽڻ خاطر، هيءَ جنگ جوٽي آ.

جڏهن کان ٻڌو آ، تون هاڻي اچين ٿي،

“خوشبو” لڙڪ لاري، مون هر گهٽي ڌوتي آ.

…………………

غزل

طارق امر

اٺي جي هوا سان گهليا نيڻ منهنجا،

پرينءَ جي شهر ۾ رليا نيڻ منهنجا.

گهٽيءَ ۾ گهٽيءَ جان کڙو ئي رهيس مان،

سڄڻ سان سفر ۾ جليا نيڻ منهنجا.

نه توکي پتو پيو نه منهنجي شهر کي،

هجر جي قبر ۾ ڇليا نيڻ منهنجا.

جڏهن هو جوانيءَ ۾ ڀريل گلاس،

ڪري پيو هٿن مان، کليا نيڻ منهنجا.

………………..

 

 

 

 

محبت                                         سومجي ڌاراڻي

توکي جيڪر ڀلايان ته مون لا موت آ بهتر.

توکان نظر ڦيرايان ته مون لا موت آ بهتر.

تنهنجو نالو نقش ڪريان پنهنجي دل تي.

اگر ڪجهه مٽايان ته مون لا موت آ بهتر.

تون مون لا ڪيڏي نه پاڪ دامن ۽ مقدس آهين.

تنهنجي عبادت نه ڪريان ته مون لا موت آ بهتر.

ان کان مرڻ سٺو جي تو تي الزام هڻان.

دنيا تو تان کلايان ته مون لا موت آ بهتر.

ڪڏهن رسي پوين پيار پيار ۾ جيڪر.

سرچائي نه سگھان توکي مون لا موت آ بهتر.

رکندس بار بار ٻاري ديپ پريم جي يادن جا “سومجي”.

جيڪڏهن انهن کي وسايان ته مون لا موت آ بهتر.

………………

غزل

اطهر منگي

وَقت جي بَدليو، يارَ ڀي بَدلِيا!

واعِدا ۽ اِقرار ڀي بَدلِيا!

هَرِڪو پَنهنجيءَ، هَڻُ وَٺُ ۾ آ،

پيارن جا، پِرڪارَ ڀي بَدلِيا!

ڪيرُ ٿو، ڪنهن جي پويان، ڊوڙي،

ماڻهن جا وِيچار ڀي بَدلِيا!

پيارَ ڪهاڻي، گهڻي پُراڻي،

قُربَتَ جا، ڪِردار ڀي بَدلِيا!

رِشتا، رُوپ ۽ رنگ، نرالا،

مَحبت جا، معيار ڀي بَدلِيا!

اَطَهَرَ!جِيون، جَنگ ڊِگهي آ،

جَنهِن ۾ اَڄُ، هَٿِيار ڀي بَدلِيا!

………………….

 

 

 

 

 

 

غزل

سيما عباسي

شاعري منهنجي مٿان الهام وانگر ٿي لهي،

هجر جي ڳوڙهن ڀنل ڪنهن شام وانگر ٿي لهي.

ڪنهن جي يادن جي گهٽا سڙٻاٽ ٿي مون ۾ ڪري،

ڄڻ ته سِيتا جي اندر ۾ رام وانگر ٿي لهي.

هڪ ته تنهنجي بيرخي قاتل بڻجي آهي سدا،

ديد ڀي تنهنجي سدائين دام وانگر ٿي لهي.

ڪيترا مخمور ٿي احساس ٿا مون وٽ اچن،

ياد ڪنهن جي ميڪدي جي جام وانگر ٿي لهي.

ڪنهن جي پيرن مان جڏهن ٿي ٻيڙيون ٽٽندي ڏسان،

مرڪ مون ۾ درد جي انجام وانگر ٿي لهي.

………………..

غزل

مسرور پيرزادو

هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو!

ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو!

ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واس هيس، ڇا انگ هُيس!

هُو شخص به ڪو گلزار هيو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!

مون عشق نشي ۾ ڪين ڏٺو، ۽ يار سندي هان پار پُڳو،

درياهه به تارئون تار هيو ۽ تار به ڪو اهڙو تهڙو!

مضبوط عمارت جيئن هئي، هيءَ پنهنجي محبت ووءِ مٺي!

بس شڪ جو ان ۾ ڏار پيو ۽ ڏار به ڪو اهڙو تهڙو!

مان دشمن جو ڪو وار سَهي، ها ڪين پَيس ڪڏهين به ڊَهي،

پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو!

مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي،

پر دنيا ڪوئي ڄار هيو ۽ ڄار به ڪو اهڙو تهڙو!

……………..

غزل

حميرا شمس

اکيون دربدر ٿي ويون!

سوچون منتشر ٿي ويون

هن جون دوستيون هاڻي

مون کان معتبه ٿي ويون

جيڪي گڏ هيون ڪالهه تائين

سي به اڄ بي خبر ٿي ويون

حسرتون من منجهان نڪري

قاتلن جي نظر ٿي ويون

آخري ڪوششون لڳي ٿو ته

هن مٿان بي اثر ٿي ويون

جيتريون به چاهه ۾ گهاريم

گهڙيون سي زهر ٿي ويون

ناهي پهچ خوشبوءَ جي ڏسو

هو ته شمس و قمر ٿي ويون.

…………………

غزل

محمد خان بروهي

سنڌ جي لوئي لڄائي ڪير ٿو

ڌارين سان پيچ پائي ڪير ٿو

جي هي صوبيدار ايماندار آ

رشوتن جا گهر اڏائي ڪير ٿو

واپڊا وارو ڪمينو جي نه آ

تور تي تارون کپائي ڪير ٿو

ڪڻڪ کي اسٽاڪ ڪر، گڏ کائبو

ٻول ڊي سي کي ٻڌائي ڪير ٿو

اي بروهي سنڌ ڌرتي ماءُ آ

ماء جي عظمت مٽائي ڪير ٿو.

…………..

 

 

 

 

غزل

جبار“تاثير” سومرو

دل ۾ تنهنجي تات لڇي ٿي.

سوڳ ۾ هر ڪا رات لڇي ٿي.

اکڙين مينهن وسايو آهي،

ڳَلڙن تي برسات لڇي ٿي.

رات انڌيري طوفانن ۾،

پرهه سان گڏ پرڀات لڇي ٿي.

گيت غزل ٿي زخمي پيا هن،

وائي ڪنهن جي وات لڇي ٿي.

سرءُ جو آيو گل ڇڻي پيا،

ڪوئل واري لات لڇي ٿي.

وسوسا ۽ ڳڻتيون ڳارا،

ڪيئن سهان! جذبات لڇي ٿي.

پاپ نگر ۾ سچا ماڻهون،

ڏاهن واري ڏات لڇي ٿي.

ڀاءُ جو دشمن ڀاءُ ٿي پيو آ،

حيرت ۾ هر ذات لڇي ٿي.

“تاثير” هٿان جا ملندي هئي پئي،

سکن جي سوغات لڇي ٿي.

……………….

غزل

ساگر امتياز سولنگي

هي وفائون تو لئه منتظر آهن،

هي ادائون تو لئه منتظر آهن.

ڏئي پيار تون هليو وئين پيارا،

هي نگاهون تو لئه منتظر آهن.

منهنجون خوشيون توکي مبارڪ هجن،

هي دعائون تو لئه منتظر آهن.

برسات جي موسم آهي هلي آ پيارا،

هي ٻانهون تو لئه منتظر آهن.

هاڻي موٽي ڪڏهن ايندي “ساگر” لئه،

هي راهون تو لئه منتظر آهن.

…………………..

 

 

 

 

 

 

 

آزاد نظم

شڪايت

جي. ايم لاڙڪ

چنڊ ۾ تنهنجي صورت ڏسندو آھيان

ستارن ۾

تنهنجي گج جي سونهن ڏسندو آھيان

ڪارن ڪڪرن ۾

تنهنجا چيلھ تي پوندڙ وار ڏسندو آھيان

پوء به توکي شڪايت آھي

تون مونکي ياد ناهين.

………………….

غزل

غلام رسول “گل”

ٿر جو ٻار اُڃارو آ

ڄڻ سنسار اُڃارو آ

سوناري آ ٺاهيو جو

سونو هار اُڃارو آ

چاري ڌڻ ٿو ٻڪرين جو

ڏس ٻڪرار اُڃارو آ

چوڪي ڏيندڙ بنگلي جو

چوڪيدار اُڃارو آ

پاڻي هوندي شاخ مٿان

ڪپ تي نار اُڃارو آ

مالهي هوندي “گل” ڦل لئه

رڻ ۾ پيار اُڃارو آ.

………………

غزل       

منور علي “منور” ڪيهر

پيار ڪيو، نه پاپُ ڪيو، قِصو ڪل ايترو آهي،

ڪيو آ شوُر هرهڪ، غُصو ڪل ايترو آهي.

خدا ڄاڻي نه آ دل ۾، نه ڪا ڪاوڙ ڪيم ڪائي،

رُٺَل رَوِيو رکي راڻو، رُٺو ڪل ايترو آهي.

وڏيري بيدخل هڪدم ڪيو، جو مون چيو ان کي،

ڪيو ليکو ڪمند وارو حِصو ڪل ايترو آهي.

رهي مدهوش، ڪائي ڪَلَ نه آ، ان کي ڪَلُورنِ جي،

اها مدهوش ڪرسي آ، نَشو ڪل ايترو آهي.

سڄڻ منور سنڌو سانولُ سٺي گُفتارَ وارو آ،

مِٺي ٻولي مِثِلِ ماکي، مِٺَو ڪل ايترو آهي.