وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ڪابينه اپوزيشن جي تحريڪ ۽ حڪومت مخالف جلسن جو به جائزو وٺندي. ڪابينه کي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد جي حوالي سان تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو. جڏهن ته مهانگائي جي خاتمي جي حوالي سان به حڪومتي قدمن ۽ ان جي نتيجن جو به جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم عمران خان ڪابينا کي ٽائيگر فورس جي ذميوارين تي به اعتماد ۾ وٺندو ۽ ڪابينا کي ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي صورتحال ۽ قدمن تي به بريفنگ ڏيندو.

