پاڪستانخاصنيو‍‍ز

لاهور انتظاميا پاران تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت

لاهور انتظاميا تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدليه ۽ ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ تي پابندي هوندي. پي ٽي آءِ پاران اڄ لبرٽي چوڪ کان ناصر باغ تائين ريلي ڪڍي ويندي، انتظاميا پاران جاري ڪيل اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ريلي ۾ شرڪت لاءِ پوليس سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي حوالي سان قدم کڻندي. ڊي سي لاهور رافعه حيدر پي ٽي آءِ کان شرطن تي عملدرآمد جو حلف وٺڻ بعد اجازت نامو جاري ڪيو، اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ريلي شام 4 وڳي تائين ٿيندي ۽ آجياڻي واريون ڪيمپس نه لڳايون وينديون، ريلي دوران ڪٿي به ڪاروبار بند ڪرائڻ جي اجازت نه هوندي.