خاص

ذاتي مفادن لاءِ آئين جي شڪل بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم جي طرفان سينيٽ اليڪشن هڪ مهينو پهرين ڪرائڻ جو اعلان غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به پاڻ ٿيو ويٺو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪو چاهيو ڪري وٺو، حڪومت نه بچندي. پنهنجي ئي پارليامينٽرين تي اعتماد نه رهيو ته انهن کي شو آف هينڊز نظر اچي ويو. هن جو چوڻ هو ته طريقيڪار جي تبديلي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي. آرڊيننس جو مطلب پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻو هوندو. ذاتي مفادن لاءِ آئين جي شڪل بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته اپوزيشن جي استعيفائن تي اليڪشن ڪرائڻ جون ڳالهيون صرف ڌمڪيون آهن. اسان چوڙيون پائي نه ويهنداسين. اسان توهان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جلسي جي دوران هي ڪتن کي کارائي نه رهيو هو بلڪه پنهنجو خوف وساري رهيو هو. اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن جو چوڻ هو ته ان کي گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ان سلسلي ۾ خصوصي فون ڪيو هو. منهنجي ڪوشش هوندي ته آئون ڳڙهي خدا بخش ڀٽو بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀريان.