محمد علي دراني جي شهباز شريف سان جيل ۾ ملاقات، شڪ پيدا ڪري ٿي: شاهد خاقان
اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيل ۾ ملاقات حڪومت جي مرضي کانسواءِ نٿي ٿي سگهي. رپورٽ موجب خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته محمد علي دراني جي شهباز شريف سان ملاقات ڪنهن جي چوڻ ۽ مرضي سان ٿي آهي اها ڳالهه شڪ ۽ وسوسا پيدا ڪري رهي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جيل ۾ ملاقات حڪومت جي مرضي ۽ اجازت کانسواءِ نٿي ٿي سگهي. هن ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) جي سياست تي ڪوبه اثر نه پوندو. هن چيو ته شهباز شريف سمورا فيصلا پنهنجي پارٽي سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندو آهي ۽ سمورا فيصلا پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ئي ٿيندا آهن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽ لکپت جيل ۾ شهباز شريف سان حڪومت جي اتحادي پارٽي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ محمد علي دراني ملاقات ڪئي هئي.

