خاص

وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي ملاقات

پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد سان ملاقات ٿي آهي. گهرو وزير وزيراعظم کي اپوزيشن جي احتجاج ۽ امن امان جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ٻئي طرف گهرو وزير شيخ رشيد اليڪشن ڪميشن جي آڏو اپوزيشن جي احتجاج جي صورتحال پاڻ مانيٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد ان بابت چيو ته شهر ۾ امن امان بحال رکڻ جي لاءِ هر شيءِ تي نظر رکي ويندي. ڪيمرن ذريعي اسلام آباد جي اچڻ وڃڻ وارن رستن جي سخت نگراني ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته پرامن احتجاج جي اجازت آهي اميد آهي ته پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج کي پرامن رکندي. ياد رهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. جڏهن ته اڄ پي ڊي ايم اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.