فرانس پاران غير يورپي ملڪن لاءِ سرحدون بند ڪرڻ جو اعلان
فرانس ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي روڪٿام لاءِ غير يورپي ملڪن لاءِ پنهنجون سرحدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي صدر جين ڪاسٽڪس جو چوڻ آهي ته برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا کان منتقل ٿيندڙ ڪورونا وائرس جو نئون قسم خطرناڪ آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي روڪٿام اڻ يورپي يونين جي ملڪن لاءِ سرحدون بند ڪيون وينديون، صرف ضروري سفر جي اجازت هوندي. جين ڪاسٽڪس جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس خلاف سخت قدم جي ڪري ٽئين ملگير لاڪ ڊائون کان بچي سگهجي ٿو. ٻئي طرف سعودي عرب جي گهرو وزارت پنهنجن شهرين مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ واري تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، سفري پابنديون ختم ڪرڻ جي تاريخ 31 مارچ مان وڌائي 17 مئي تائين ڪئي وئي آهي.

