بلاگ

سنڌو دريا پاڪستان جو معاشي مرڪز نازش ماروي

اقتصادي مرڪز (حب) جو مطلب آهي هڪ موثر معاشي سرگرمي يا علائقو. پاڪستان جي معيشت ۾ خوراڪ جي پيداواري جي سرگرمي سنڌو دريا کان شروع ٿئي ٿي. سنڌو دريا فصلن، ٻيلن ۽ مڇين کي پاڻي مهيا ڪرڻ جو اهم مرڪز آهي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي معيشت زرعي شين جي استعمال ۽ برآمد تي ٻڌل آهي. واضح طور تي پاڪستان جي معيشت جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو وڏو سبب سنڌو دريا آهي. پاڪستان جو عوام جنهن مسئلي ۾ مبتلا آهي اهو غربت آهي. وسيلا نه هئڻ سبب ماڻهو مناسب غذا نٿا کائي سگهن. پاڪستان ۾ غربت جو سڀ کان وڏو مثال ٿرپارڪر آهي. ٿرپارڪر ۾ ڏڪر جو اهم ۽ واحد سبب پاڻي جي ڪمي آهي. غير صحتمند غذا ماءُ ۽ ٻارن جي موت جي پويان اهم سبب آهي. اها ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته پاڪستان جي 17 سيڪڙو آبادي سنڌو دريا جي پاڻي کان محروم آهي. ٻئي طرف اهو تجزيو ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي ته ملڪ کي هر سال ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هر سال سرڪاري اختيارين کي پاڻي جي سخت وهڪري سبب فصلن جي تباهي ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. ڪڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ڪري ۽ ڪڏهن تيز برساتن جي سبب. هڪ ٻيو وڏو سبب ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيري (Dam) ۾ اوور فلو آهي.

ملڪ ۾ سنڌو دريا جي وهڪري تي مناسب ضابطو نه هئڻ جي ڪري اڳ ۾ ئي فصل اثر انداز ٿين ٿا. ملڪ جا ٻيلا ختم ٿيڻ جي طرف وڃي رهيا آهن. ٻيلن مان ملندڙ قيمتي ماکي، وڻ، جانور توڙي پکي پکڻ ضايع ٿي رهيا آهن. اڃان حڪومت ان نقصان جنهن کي Opportunity Cost چيو ويندو آهي صحيح جائزو نه وٺي سگهي آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ ايندڙ ٻوڏ ۽ ڳوٺن کي لڳندڙ گهارا زرعي معيشت تباهه ڪن ٿا. ان ڪري سنڌو دريا پاڪستان جي معيشت جو حب هجڻ جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جاگرافيائي طور تي سنڌو دريا دنيا جي سڀ کان وڏي جبل واري حد هماليه کان شروع ٿئي ٿو ۽ عربي سمنڊ تي ختم ٿئي ٿو. سنڌو دريا ۾ وهڪرو عام طور تي نومبر کان وچ اپريل جي عرصي ۾ گهٽ رهي ٿو. ان دوران نه صرف هماليه تي برف پگهرڻ ۾ واڌارو اچي ٿو، پر برساتون پڻ ٿين ٿيون ته پوءِ جولاءِ کان آگسٽ ۾ سنڌ دريا ڀرجي وهي ٿو. ان ڪري دريا جي وهڪري تي ضابطو رکڻ ضروري آهي.

پاڪستان جي معيشت 20.67 سيڪڙو کاڌي جي شين تي مشتمل آهي. ملڪ ۾ دال چانور ۽ ڪڻڪ ٻين ملڪن مان درآمد (Import) ڪيا وڃن ٿا. فصلن جي گهٽ پيداوار جو اهم سبب پاڻي جي ڪمي آهي. اگر صحيح جائزو وٺجي ته سنڌو دريا ۾ سڄو سال پاڻي جي ڪمي ڪونهي، پر غير مناسب انتظام پاڻي جي وهڪري کي اثر انداز ڪري ٿو.

پاڻي جي ضرورت جي وقت دريا خشڪ رکيو وڃي ٿو، جنهن سبب فصل نٿا ٿين. ملڪ کي کاڌ خوراڪ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن کي ڏسڻو پوي ٿو. مهانگي اگهه تي خريد ڪري وري ملڪ ۾ وڪرو ڪرڻ غريب کي اڃان مجبور ۽ غريب ڪري ٿو.

جيڪڏهن دريا خشڪ رهي ٿو ته اهو يقينن پيداوار تي اثر ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ سنڌو دريا ملڪ ۾ کاڌي جي پيداوار جو اهم ذريعو آهي ۽ ان جي سنڀال اهم سوال آهي. سنڌو دريا جو مناسب انتظام نه صرف کاڌي جي پيداوار وڌائيندو، پر گڏوگڏ برآمد (Export) به ممڪن بڻائيندو. اهو هڪ اهم رستو آهي پاڪستان جي بنيادي مسئلي غربت کي ختم ڪرڻ جو. ڇو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ماڻهن جو اهم مسئلو کاڌو آهي ان ڪري ضروري آهي اهم مسئلي کي سمجهڻ. اڄ تائين افسوس سان چوڻو ٿو پوي، پر سنڌو دريا کي فقط پاڻي مهيا ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويو آهي. پاڪستان ۾ غربت جي مسئلي جو اصل روح ڪنهن سمجهيو ئي ناهي.  پاڪستان ۾ کاڌي جو مسئلو ڪنهن موٽروي جي منصوبي، پيٽرول جي قيمتن، ٿر ۾ فلٽر پلانٽ ۽ حڪومتي مالي مدد پروگرام سان حل نه ٿيندو. پاڪستان جا ماڻهو گهڻو ڪري روزگار لاءِ زراعت تي ڀاڙين ٿا. هڪ ڳوٺاڻي جي زمين ۾ ٻج پوکڻ کان شهر ۾ اٽي، ڪڻڪ، مڇي، ماکي، چانور، ڪپهه، ڪپڙو ۽ ڪاٺي سڀ زراعت تي مشتمل آهن. زراعت جو بهتر ٿيڻ سنڌو دريا جي مناسب وهڪري جي ذريعي ممڪن آهي. افسوس آهي ته سنڌو دريا جي وهڪري سان گڏوگڏ ان جي صفائي جو به ڪو خاص خيال نٿو رکيو وڃي. پاڪستان جي کاڌي فراهمي جي اهم مرڪز تي نظرثاني هجڻ گهرجي. ضروري آهي ته حڪومت دريا جي انتظامن کي بهتر بڻائي ۽ سمجهي ته غربت جي خاتمي جو اهم مرڪز سنڌو دريا نظر انداز ٿي رهيو آهي. جنهن کي سنڀالڻ نهايت اهم آهي. اهو نه صرف کاڌو مهيا ڪندو، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي معيشت به مضبوط ڪندو.