نئون

گهريلو جهيڙن جي اڳواٽ خبر ڏيڻ وارو بريسليٽ تيار

سائنسدانن جي هڪ نئين ۽ حيرت انگيز ايجاد جنهن جي مدد سان هاڻي شادي شده جوڙن کي پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙن کان اڳ ۾ خبردار ڪرڻ جو بندوبست ٿي ويو آهي. سائنسدانن اهڙو بريسليٽ تيار ڪيو آهي، جيڪو ٻانهن تي پائڻ کانپوءِ زال مڙس جي جهيڙي جي اڳواٽ خبر ملي ويندي آهي. هن بريسليٽ ۾ اهڙا سيٽسر لڳل آهن جيڪي پائڻ وارن جي دل جي دڙڪن ۽ پگهر ڳالهائڻ وقت آواز ۾ تبديلي کي نوٽ ڪري سڄي معلومات کي هڪ الگورئم مان گذاري ان مان نڪتل نتيجو ٻڌائي ٿو، جنهن بابت چيو ويو آهي ته اهو 84 سيڪڙو صحيح ثابت ٿي رهيو آهي. ماهرن پاران چيو ويو آهي ته اهو بريسليٽ اهڙي معلومات ڏئي سگهي ٿو جيڪا اک سان ڏسڻ وارا به نٿا ڏئي سگهن.