ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ ٽيونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 53 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 258 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ته 53 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 97 هزار 497 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب 13 هزار 377 فوتگيون ٿيون آهن. جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 66 هزار 492 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 42 هزار 164 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ ۾ 2 لک 60 هزار 406، پنجاب هڪ لک 80 هزار 944 ڪيس، خيبر پختونخواهه 74 هزار 722، بلوچستان ۾ 19 هزار 157، اسلام آباد 46 هزار 576، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 10 هزار 730 ٿي ويو آهي.

