بلاگ

پنهنجو قتل ڪندڙ ماڻهو مجيب اوٺو

ان ڏينهن، مون سان هڪ عجيب حادثو ٿي گذريو. مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي گهٻرائجي، پنڊ پهڻ ٿي ويس. محسوس ائين ٿيو ڄڻ مان ڪو خواب ڏسي رهيو هجان. اهڙو خواب جنهن جي صرف خواب هجڻ جي ئي ماڻهو خواهش رکندو آهي، ڇو ته زندگيءَ ۾ ڪو حادثو اهڙو به ٿي ويندو آهي جنهن لاءِ ماڻهو شدت سان چاهيندو آهي ته، ڪاش اهو سڀ ڪجهه ڪو خواب ڪو خيال هجي! پر زندگيءَ ۾ ڪو خيال ڪو خواب اهڙو به هوندو آهي جنهن لاءِ پڻ ماڻهو چاهيندو آهي ته، ڪاش اهو سڀ ڪجهه حقيقت ئي هجي.

اهو حادثو به ائين ئي هو. پهرين مون چاهيو هو ته، ڪاش اهو ڪو خواب هجي… پر بعد ۾ شدت سان چاهيم ته، ڪاش اهو ڪو خواب نه پر حقيقت ئي هجي ها. آسمان خواب زمين حقيقت جي وچ ۾ خلا آهي، ماڻهو خيالن جي خلا ۾ اڏامندو رهي ٿو. ان پل جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ ٻيهر داخل ٿيس ته، خيالن جي خلا ۾ اڏامندو رهجي ويو هئس.

مون کي خبر نه هئي ته، منهنجي ڏورِ ڪنهن جي هٿن ۾ هئي، پر جنهن جي به هٿن ۾ هئي ان پهرين ته، مون کي گهڻو اڏايو ۽ خواب سان ملايو. پر پوءِ هڪدم زمين سان ملائي، حقيقت جو احساس ڏياريو. حقيقت جو اهو احساس اڄ به مون کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي. هونئن به حقيقتون ئي ماڻهوءَ کي حيران ڪري ڇڏينديون آهن، جڏهن ته خواب صرف پريشان ئي ڪندا آهن.

اڪيلي ويٺي، ماضيءَ ۾ دفن ٿي ويل ماڻهن کي سنڀاري رهيو هئس ۽ سگريٽ به پي رهيو هئس.

ان پل سگريٽ دکائي، هڪ اهڙي ماڻهوءَ متعلق سوچڻ لڳو هئس، جيڪو اڌ محفل مان اٿي هليو ويو هجي… ۽ سندس خالَ سڄي محفل کي ٻُسو بڻائي ڇڏيو هجي… ۽ پوءِ ان گهڙيءَ ئي مون کي هڪ اهڙي عورت جو تصور آيو، جيڪا رات جو آسمان ۾ ٽمڪندڙ ڪنهن تاري کي ڏسندي، پنهنجي پٽ کي ٻڌائي ته: “اهو جيڪو تارو ڏسين پيو نه، اهو تنهنجو پيءُ آهي.” نه چاهيندي به ان عورت جي اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري اداس ٿي ويو هئس. سگريٽ جي دونهين کان اداسي گهڻي گهري هئي.

…ائين ان ڏينهن ڪيترن ئي ماڻهن متعلق سوچيو هئم ۽ ڪيترائي سگريٽ پيتا هئم. هر ماڻهو مون کي سگريٽ جيئن محسوس ٿيو هو. دکندڙ… دکي دکي مڪمل سڙي ويندڙ ۽ سڙي سڙي فنا ٿي ويندڙ. ماڻهوءَ جو ڪردار سگريٽ جي فلٽر جيئن آهي، جيڪو باقي رهجي ويندو آهي.

ماڻهو اکين وسيلي دل ۾ منتقل ٿيندا آهن ۽ پوءِ دماغ ۾ رهڻ لڳندا آهن. سندن دماغ ۾ رهڻ ڪڏهن ته مون کي بيحد پريشان ڪندو آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو ٽين جو دٻو ڪنهن ديواني جي هٿ ۾ آهي ۽ ان ۾ ڪجهه ٺڪريون آهن ۽ اهو ديوانو ان دٻي کي لوڏيندو رهي ٿو… ۽ لوڏي لوڏي ٽهڪ ڏيئي نچندو به رهي ٿو. انهن ٺڪرين جي ٺڙڪڻ جو آواز دراصل دماغ ۾ ماڻهن جو لُڙ هوندو آهي، جيڪو مون کي چريو ڪري ڇڏيندو آهي… ۽ مان پنهنجي ڪنن تي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳندو آهيان!

پر ڪڏهن ته، ائين لڳندو آهي ڄڻ مان سمنڊ جو ڪو سنسان ساحل آهيان، جتي ڪنهن پل ڪو پکي ڀٽڪي ايندو آهي ۽ پوءِ وري واپس پنهنجي ڏيهه ڏانهن اڏامي هليو ويندو آهي. ان ڏينهن به مون پاڻ کي سمنڊ جي ڪنهن سنسان ساحل تي محسوس ڪيو هو… ۽ پوءِ جڏهن واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيو هئس ته، کيس ڏسي حيران ٿي ويو هئس.

منهنجي ڪمري ۾ هڪ اجنبي ماڻهو موجود هو. هُو منهنجي ڪمري ۾ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اهو ڪمرو هجي ئي هن جو… جتي هُو سالن کان پنهنجي پاڻ سان رهي رهيو هجي.

پهرين نظر ۾ ته، مان کيس سڃاڻي نه سگهيو هئس پر پوءِ لڳو ته، هُو بلڪل منهنجي پيءُ جهڙو هو. هن جي عمر به ان جيتري ئي هئي… سندس پورو پُنو قد، ويڪرو سينو ۽ گول نراڙ بابا سان گهڻي مشابهت ته رکندڙ هو پر هُو منهنجو پيءُ نه هو.

مون کيس ٻيهر غور سان ڏٺو… بلڪه مان ته کيس مسلسل گهوري رهيو هئس، ائين جيئن سالن کانپوءِ پنهنجو محبوب ڪنهن جاءِ تي نظر اچي وڃي… ۽ ماڻهو کيس اجنبي ٿي ڏسندو رهي. ٻي نظر ۾ هُو مون کي ڪجهه پنهنجي پاڻ جهڙو لڳو هو، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ پهرين نظر ۾ پاڻ جهڙو الائي ڇو ناهي لڳندو.

هُو مون سان ڳالهائڻ لڳو هو. هن اداسيءَ مان چيو: “ڪوبه ماڻهو مڪمل ناهي، هر ماڻهوءَ جي اندر هڪ خال آهي. اهو خال اهو ماڻهو ئي اچي ڀريندو آهي، جنهن سان اسان محبت ڪندا آهيون… ائين بلڪل به ناهي. مون محسوس ڪيو آهي ته، ماڻهو محبت ڪرڻ کانپوءِ به اداس، اوپرو ۽ وڃايل رهندو آهي ۽ سندس اندر موجود خال ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو آهي. وڌي… وڌي گهرو ٿي، هڪ وڏي کاهيءَ ۾ بدلجي ويندو آهي… ۽ پوءِ ڪنهن به وقت ماڻهو ان کاهيءَ ۾ ڪِري پوندو آهي، جتان نڪري سگهڻ گهڻي حد تائين ناممڪن ٿي ويندو آهي، پر جي ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ ملي ويو ته، اندر جو اهو خوفناڪ خال ڀرجي ويندو آهي ۽ ماڻهو مڪمل ٿي ويندو آهي.”

مون کي سندس ڳالهه گهڻي عجيب نه لڳي هئي، پر سندس ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ سوچيو هئم ته: جڏهن ماڻهو مڪمل ٿي ويندو آهي ته مري ويندو آهي، اها ڪيڏي نه فضول ڳالهه آهي. شايد، ماڻهوءَ جي زندگي شروع ئي اتان کان ٿيندي آهي، جتان کان ماڻهو مڪمل ٿيندو آهي.

هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ماڻهن سان ملڻ جا ڪيترائي اتفاق ٿيندا آهن، پر پاڻ سان ملڻ جو هڪ اهم اتفاق اهو آهي ته، اوهان جي اندر جي خوشبو اوهان کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي. هر ماڻهوءَ جي اندر هڪ خوشبودار ٻوٽي جو ٻج موجود هوندو آهي. اوهان ان کي پاڻي ڏيو… اهو ٻج ڦٽڻ شروع ٿي ويندو ۽ جلد ئي هڪ وڏي ٻوٽي جي صورت اختيار ڪري وٺندو. ان کي پاڻي ڏيندا ويندؤ… اهو وڌندو ويندو. ان جي خوشبو اوهان کي معطر ڪري، مدهوش بڻائي ڇڏيندي ۽ جڏهن اوهان پنهنجي اندر جي خوشبو ۾ مڪمل واسجي ويندؤ ته، اوهان جي پنهنجي پاڻ سان ملاقات ٿي ويندي!”

سندس گفتگو فڪر انگيز هئي، اهو اجنبي مون کي فلسفي لڳو هو. اهڙو فلسفي جيڪو پنهنجين سوچن ۾ مون جهڙو ئي هو، پر مان نه هئس. محسوس ٿيو هئم، جهڙوڪر منهنجو مري ويل پٽ هجي.

هُو مون سان پٽ واري لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳو هو: “جيڪڏهن اندر ۾ موجود ان ٻج کي پاڻي ڏيڻ سان اهو اسري نه پيو ته، اوهان کي سمجهڻ گهرجي ته، اوهان پنهنجي اندر جي زمين کي بنجر بڻائي چڪا آهيو ۽ بنجر زمين تي بارشن کانسواءِ ڪي به سَلا اسري ناهن سگهندا.”

سندس ڳالهه ٻڌي، مون محسوس ڪيو ته، بارش مان سندس مراد محبت آهي… ۽ مُڙي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ڏٺو هئم، جتي ڪيترن ئي سالن کان بارش نه وُٺي هئي ۽ من جي ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي چڪي هئي.

مون هڪدم ڏانهنس نهاريو، منهنجي اکين ۾ مڪمل طرح سان فنا ٿي وڃڻ جو الڪو هو. هن منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو: “هاڻي اوهان کي يقين ٿي وڃڻ گهرجي ته، اوهان پنهنجي اندر جي ان ٻ… ٻج کي مڪمل س… سا… ساڙي چڪا آهيو يعني اوهان پ… پنهنجي پاڻ جو ق… قت…قت… قتل ڪري چڪا آهيو.”

ان گهڙيءَ ئي ڇرڪي ڏانهنس ڏٺم. هُو پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساههَ کڻي رهيو هو… ۽ منهنجي هٿ ۾ سگريٽ مڪمل سڙي چڪو هو، جنهن جو فلٽر باقي رهجي ويو هو… ۽ مان ساڳي ڪرسيءَ تي ويٺي ماڻهن جي باري ۾ سوچي رهيو هئس.

***