لسانيات جا لاڙا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لساني ماهرن جي کوٽ جو حل جوکيو جسارت الياس سنڌي April 2021
دنيا جون سڀ ٻوليون پنھنجو وجود رکڻ لاءِ انسانن جي وجود جون محتاج آھن. اھو ضروري به ناھي ته ھر ٻولي “ڳالھائي” وڃي، جيتوڻيڪ، “ٻول” لفظ جو مطلب ته لفظ ڳالھائڻ ئي آھي، پر تنھن ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن اشارن ۾ به ڳالھايو ويندو آھي. جھڙيءَ ريت، ڳالھائڻ جي قوت کان محروم ھڪ ماڻھو ڳالھائي ٿو ته اھو ھٿ، ٻانھن، اک، آڱر، منھن، وات، ڪنڌ، ٽنگ، ٺونٺ يا پيرن جي اشارن سان ڳالھائيندو آھي ۽ سامھون وارو ماڻھو جيڪڏھن ڳالھائي سگھندڙ آھي ته اھو به سمجھي ويندو، پر جيڪڏھن اھڙو ئي ڪو ٻيو “ڳالھائي نه سگھندڙ (گونگو) ماڻھو” ھوندو ته اھو به سندس سڀ اشارا سمجھندو آھي. ان سڄي “بي زبان Silent ڳالهه ٻولھ”Conversation ۾ اڄڪلھ اھڙا انسان به شامل آھن جيڪي خود ڳالھائي سگھڻ باوجود به نٿا ڳالھائي سگھن! جيئن موٽرسائيڪل تي ھلڻ مھل گاڏي ھلائي سامھون ايندڙ ويندڙ ٻه ماڻھو پاڻ ۾ صرف ڪنڌ ھيٺ ڪندا يا ھٿ مٿي ڪندا آھن ته ٻنھي جو پاڻ ۾ سلام ٿي ويندو آھي يا وري گاڏي جي سيٽي وڄائي سلام ڪندا. ڪڏھن ڪڏھن ته اھڙن اشارن ۾ اھڙن ماڻھن وچ ۾ وڌيڪ ڳالھ ٻولھ به ٿي ويندي آھي. ان ڪري ڪابه ٻولي، نه رڳو انسان ذات جي چوڌاري ۽ سماجي واسطن جي لاءِ ھاڪاري ذريعو آھي، پر اھا انسانن جي مختلف جذبن، احساسن ۽ اندر جي اڌمن کي سمجھائڻ جو ذريعو به رھي آھي (ڊاڪٽر احسان دانش). اھوئي سبب آھي ته ٻولي ئي ھميشه کان وٺي انساني شعور جي ماءُ رھي آھي ۽ ٻوليءَ جي تخليق جو سھرو به ان ڪري ھزارين سالن کان وٺي انسانن جي سر تي سونھندو پيو اچي، جن ۾ ھڪڙا ٻوليءَ جا گھڙيندڙ، ٻيا ڳالھائيندڙ، جڏھن ته ٽيان وري ان ٻوليءَ کي محفوظ ڪندڙ پارکو يا لساني ماھر ھوندا آھن، جيڪي ان ٻوليءَ کي سنواريندا، سڌاريندا ۽ ويا ڪرڻ جا قانون، اصول ۽ ضابطا ٺاھي انھن تي عمل ڪرائڻ ۾ اڳڀرا ھوندا آھن.
انسانيت جي ڪري، سڀ انسان پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ گھر جا ڀاتي آھن، پر فرق صرف اھو آھي ته وسيلن کي صحيح استعمال ڪرڻ ڪارڻ، الڳ الڳ مڪانن، خاندانن، لوڙھن، ڳوٺن، ڪالونين، شھرن، تعلقن، ضلعن، صوبن، ملڪن ۽ کنڊن ۾ ورھائجي رھيل آھن. جيئن اھي ورھائجندا ويا ته سندن ٻولين ۾ به واضح فرق ايندا ويا. اھوئي سبب آھي ته دنيا جي تقريبن سڀني ترقي ڪيل يا سڌريل ٻولين، ازل کان ئي هڪٻئي سان لفظن، جملن، پھاڪن ۽ اصطلاحن جي ڏي وٺ پئي ڪئي آهي. ان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب “سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر” ۾ اھا ڳالھ لکي آھي ته ھڪ شاھوڪارRich ٻوليءَ جو فطري ٻولي ھجڻ ضروري آھي مطلب هڪ ملڪ جي ماڻهن جو ٻي مُلڪ ڏانهن لڏپلاڻ، سير ۽ سفر ڪرڻ، مختلف ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري ڳانڍاپا قائم ٿيڻ، هڪ قوم جي کٽڻ يا ھارائڻ ۽ هڪ ئي ملڪ ۾ جدا جدا قومن، مذهبن ۽ مسلڪن جي ماڻهن جو هڪٻئي سان سماجي طور گڏجي رھڻ ڪجھ اھڙا وسيلا آھن جن جي ڪري ھڪ ٻولي، ٻي ٻوليءَ جو اثر قبول ڪري ٿي، جيڪو ھڪ فطري عمل پڻ آھي. ھڪ ٻولي ڳالھائيندڙ مختلف انسانن جو انداز به الڳ ھوندو آھي ته لھجا به جدا ھوندا آھن، ڇاڪاڻ ته اھو ھڪ فطري عمل آھي جو ھر انسان، ھر لفظ ۽ ان جو اچار پنھنجي سولائيءَ خاطر، ڦير ڦار ڪري پُڪاري ته اھا ان جي پنھنجي مرضي ھوندي آھي، جيڪا اڳتي ھلي، ساڳي ٻوليءَ ۾ نئون لھجو به تخليق ڪري ٿي. لسانياتLinguistics ٻوليءَ جي علم کي چوندا آھن جنھن ۾ ڳالھائڻ جي ڍنگ، ڍار ۽ طور طريقي کي لھجو يعنيAccent يا Dieletic چئبو آھي، جيڪي ڪنھن ھڪ ٻوليءَ ۾ مختلف به ٿي سگھن ٿا. جڏھن ته مختلف ٻولين جي اکرن، زباني، ڪلامي لکت، ٻولي جي صوتيات، تنقيدي صورتيات، ان جي تعميري بناوٽ، ٻوليءَ جي ٻين ٻولين سان ڳانڍاپي ۽ اڀياس ۽ مختلف اکري صورتن جي علم کيPhilology چوندا آھن. ٻوليءَ جي لھجن جي تبديلي ۽ انھن وچ ۾ فرق Variety، علائقي يا مفاصلي سان سڌو سنؤن تعلق رکي ٿي، جنھن مطابق سماجي علم جو اھو اڀياس آھي ته گھٽ ۾ گھٽ، ھر 90 ڪلو ميٽرن کانپوءِ ڪنھن ھڪ ٻولي ڳالھائيندڙ جي لھجي ۾ ڦير اچي ٿو، جيڪو ان علائقي جي آبھوا، پاڙيسري ٻولين، فطري ماحول ۽ ثقافت سان گڏوگڏ سماجي واسطن جي عڪاسي ڪري ٿو.
ٻوليءَ جو وجود، انسانن جي يادگيري ۽ ڳالھائڻ جي رواج تي مدار رکي ٿو. جيئن زيب سنڌي 21 فيبروري 2017ع جي ڪاوش ۾ لکيو ته جيڪڏھن ڪي ماڻھو پنھنجي ٻوليءَ کي ڳالھائڻ ڇڏي ڏيندا يا گھٽ ڪندا ته آھستي آھستي اھا ٻولي ۽ ان جا لفظ به ختم ٿي ويندا. نور احمد جھنجي بقول، ٻولين جو علم لسانيات ۽ ان جو مطالعو، انساني زندگيءَ سان سڌو سنئون تعلق رکي ٿو ۽ ڪنھن به ٻوليءَ جي وجود لاءِ جھڙيءَ ريت، لسانيات جي ماھرن جو عملي ميدان ۾ سرگرم ھجڻ ضروري آھي بلڪل اھڙيءَ طرح ان ٻوليءَ کي ڳالھائيندڙ ماڻھن جي مختلف قسمن ۽ انفرادي فرق رکندڙ، فردن (جن جو ڳچ تعداد نبار ڳالھائيندڙ ھجن) جو ھجڻ به تمام ضروري آھي. ٻولي جي علم يعني لسانيات کي سولي سنڌيءَ ۾ اسان واضح ڪنداسين. لسانيات، ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن، بڻ بڻياد، ارتقا، ٻين ٻولين سان ڳانڍاپن ۽ ان جي نتيجن جو سائنسي علم آھي، جنھن مان ان ٻوليءَ جو وجود برقرار رکڻ جو دڳ به ملي ٿو. ٻوليءَ جي سائنسي علم يعني لسانيات جا مختلف ننڍا شعبا آھن، جن تي سڄي دنيا ۾، موجودہ وقت جي سڀني عالمي ٻولين ۾ وڏي پئماني تي ڪم ھلي پيو. اھڙن شعبن ۾ لسانيات بابت مختلف شاخون جھڙوڪ: صَرف يا معنائون ڪڍڻ جو علم (سيمنٽئڪس)Semantics ۽ لفظن جي ترتيب جو مطالعو يعني نحو (سينيٽڪس)، گرامر يا ويا ڪرڻ، ٻولي جو رائجي يا سماجي واھپي جو علم (پرئگميٽڪس) Pragmatics، صوتياتي علم يا فونيٽڪس Phonetics، آواز ٻڌڻ يا اُچارڻ جو علم يا فونولاجي Phonology ۽ ٻيا جديد اڀياس شامل آھن. اھي سڀ لسانياتي علم ڀلي ڪيترو به جديد ٽيڪنالاجي جو سھارو وٺن، پر ان ھوندي به ڪنھن به ٻوليءَ جي نج، نبار ۽ اصلي لفظن، وجود ۽ بقا بابت، اھڙن علمن مان ڪوبه علم، ڪنھن به ٻوليءَ کي بچائي نٿو سگھي. ڇاڪاڻ ته اھو سڄو سماج ئي آھي، جيڪو ڪنھن به ٻوليءَ کي جنم ڏئي، ان ۾ ارتقا يا شاھوڪاري آڻي ٿو. ان ڪري ٻولين جي وجود لاءِ ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي ڀلي کڻي ڪيڏي به ترقي ڏياري، پر ان باوجود ان ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ، ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي قديم ترين تھذيب “سنڌو ماٿري” جي ٻولي ھجڻ ڪري، دنيا جي قديم ٻولي ڪري ليکيو وڃي ٿو، پر جيڪڏھن دنيا جي ٻين قديم ٻولين جھڙوڪ: عربي، ھندي، سنسڪرت، فارسي، انگريزي، لاطيني، جرمن، فرانسيسي، چيني ۽ ٻين ٻولين کي ڏسبو ته جديد دور ۾ انھن ٻولين وٽ نه صرف، جديد ٽيڪنالاجي موجود آھي، پر انھن ٻولين مان ھرھڪ ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن ۾ لسانيات جا ماھر به موجود آھن ته گڏوگڏ، انھن ٻولين کي ھٿي وٺرائڻ ۾ واسطيدار ملڪن جي يونيورسٽين توڙي ٻين ادارن به وڏي خدمت ڪئي آھي. سنڌ ۾ صرف ڪجھ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي، باقي ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبو ئي ناھي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سنڌ مدرستہ الاسلام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شعبي کولڻ لاءِ آخر تائين پتوڙيندو رھيو. مون کيس ھڪ ٻه ٻيون تجويزون ڏنيون، جن بابت چيائين ته ان تي توھان ڪم ڪريو. ان کانپوءِ مون فيس بُڪ تي 2020ع ۾ ھڪ پوسٽ رکي جنھن جو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت نوٽيس وٺي، ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ يقين ڏياريو، منھنجو شڪريو به ادا ڪيو. اصل ۾ سنڌ يونيورسٽي جھڙي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ۽ عظيم مادرِ علمي ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي پڙھائڻ جو صرف ھڪ “ننڍڙو شعبو” آھي، جنھن ۾ صرف ھڪ ئي نالي سان انڊر گريجوئيٽ(BS) ڊگري ڪرائي وڃي ٿي. جڏھن ته ان ئي ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ۾ ٻه الڳ الڳ نالن واريون انڊر گريجوئيٽ(BS) ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي ترقي يافته ھڪ وڏي اداري يعني، “انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر” پاران ڪرايون وڃن ٿيون، جيڪو ھڪ ساراھ جوڳو عمل آھي، پر ان شعبي ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين جا ڄاڻو به ڀرتي ڪري رکيا وڃن ته جيئن ھڪ سٺي لسانياتي جوڙجڪ سان اڀياس ڪري، ٻولين جي ترقي کي ممڪن ڪيو وڃي. ان ڪري سنڌي شعبي کي به ترقي ڏياري، “انسٽيٽيوٽ آف سنڌي لئنگويج اينڊ لٽريچر” بڻايو وڃي، جنھن ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽر ليول تي صرف سنڌي ٻوليءَ جي علم کي پڙھايو وڃي، جنھن ۾ سنڌي ادب کي مڪمل الڳ ڪري، ان ۾ “سنڌي لسانيات” (Sindhi Linguistics) جي ھڪ الڳ ڊگري شروع ڪئي وڃي، ڇوته سنڌ ۾ اديبن جي کوٽ ناھي، پر ٻوليءَ جا ماھر ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي مس ملندا، جن جي سنڌي ٻوليءَ مٿان ڪم ڪرڻ جي شروعات يقينن ھڪ لاڀائتو عمل آھي. ڪجھ دوست شايد اھو چون ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف ادارا جھڙوڪ: سنڌ الاجي ۽ مرزا قليچ بيگ چيئر موجود آھن ته پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌي لئنگويج اينڊ لٽريچر جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ته اھڙن دوستن جي خدمت ۾ واضح ڪندو ھلان ته انھن ادارن پاران، بيچلر سطح تي ڪوبه، ڊگري پروگرام ناھي ڪرايو ويندو، پر انھن مان ھر ھڪ ادارو، سنڌ بابت انيڪ ٻين عنوانن تي ڪم ڪري رھيو آھي. ان ڪري انگريزي وانگر، لسانيات کي سنڌي ادب کان مڪمل الڳ ڪري ھڪ الڳ اڀياس جو سلسلو شروع ڪرڻ جي بيحد ضرورت آھي. ان ڪم ۾ ملڪ جا سرڪاري ادارا جھڙوڪ: ھائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سنڌي ثقافت ۽ سياحت کاتي سان گڏوگڏ اھڙن ٻين ادارن کي پڻ پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کپي. اميد ته سنڌ يونيورسٽي جو نئون وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ان ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ادارن جھڙوڪ: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري وغيرہ جي سھڪار سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪو وقتائتو قدم کڻندو.
ريفرنسز:
- زيب سنڌي، 21 فيبروري 2017، روزاني ڪاوش حيدرآباد
http://www.thekawish.com/beta//images/2017/Feb/21-02-2017/Page4/P4-5.htm
- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب “سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر”
- ڊاڪٽر احسان دانش www.sujo.usindh.edu.pk
ڊاڪٽر احسان دانش، قليچ ريسرچ جرنل 2/2016
- نور احمد جنجھي، ٻولي ۽ ان جو اڀياس، روزاني سنڌ ايڪسپريس 3 فيبروري 2021ع.

