نئون

بايو ٽيڪنالاجي ۽ مستقبل جي دنيا

ڪومل ارسلان

بايوٽيڪنالاجي بنيادي طور تي حياتيات تي انحصار ڪري ٿي ڇو ته ان ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي شين کي اهڙي نموني سان تيار ڪيوويندو آهي ته جيئن اهي انساني استعمال لاءِ آسان ٿي سگهن. بايو ٽيڪنالاجي صنعت تمام گهڻي احتياط سان پئداواري عمل ذريعي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي.

بايو ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال انسان 6000 سالن کان مختلف ۽ دلچسپ طريقن سان ڪري رهيو آهي. جيئن ته کاڌو ٺاهڻ، چيز ٺاهڻ، ڊيري جي شين جو محفوظ ڪرڻ ۽ بيئر کي خمير جي عمل مان گذارڻ به انهن ۾ شامل آهي. جيتوڻيڪ اسان بايو ٽيڪنالاجيءَ جي اهميت کي اڃان دل سان قبول نه ڪيو آهي پر اها ٽيڪنالاجي اسان جي زندگي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪپڙن پائڻ کان وٺي انهن جا سڀ ذريعا جيڪي ان ۾ استعمال ٿين ٿا. هر قسم جون دوائون جيڪي اسان جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون ۽ جيڪو به ٻارڻ اسان گاڏين ۾ استعمال ڪري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچون ٿا انهن سڀني ۾ بايو ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿي رهيو آهي.

ٻي ڪابه انڊسٽري زندگيءَ جي ايترن وڏن چئلينجز کي جن ۾ آدمشماريءَ جي واڌ، صحت، کاڌ خوراڪ جو تحفظ، ماحوليات جي تبديلي ۽ توانائيءَ جي گهٽتائي. نيون دوائون جيڪي مختلف وبائي مرضن ۽ معمولي مرضن لاءِ تيار ڪيون ٿيون وڃن اهڙين صنعتن ۾ اهڙو ٻارڻ استعمال ڪيو وڃي ٿوجيڪو ري سائيڪل ڪري وري استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪو ماحوليات تي گهٽ کان گهٽ بُرا اثرات ڇڏيندو آهي.

ان قسم جون سڀ ٽيڪنالاجيز ۽ اهي جيڪي اڃان پائپ لائين ۾ آهن، يورپ ۽ سڄي دنيا لاءِ هڪ روشن مستقبل لاءِ اميد آهن.

بايوٽيڪ هيلٿ ڪيئر اوهان جي مدد ڪري ٿو ته جيئن اوهان ڊگهي عرصي تائين صحتمند رهي سگهو. بايوٽيڪ هيلٿ ڪيئر اڳ ۾ ئي 350 ملين مريضن کي سڄي دنيا ۾ مختلف بيمارين ۾ خدمات مهيا ڪري رهي آهي. جهڙوڪ: مختلف دائمي بيماريون جنهن ۾ دل جون بيماريون، اڌ رنگ، جگر جون بيماريون ۽ مختلف قسمن جا انفيڪشن شامل آهن.

بايوٽيڪ هيلٿ ۾ ڪيترن ئي بيروزگار ماڻهن کي روزگار ملي ٿو.

صنعتي بايوٽيڪ اينزائمز ۽ مائڪرو اورگينزم (ننڍڙا جاندار) جي استعمال سان صابڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي پائوڊر جي افاديت کي وڌايو ويو آهي ته جيئن گهٽ گرميءَ پد تي به انهن جي وڌيڪ افاديت حاصل ڪري سگهجي. ان کانسواءِ ڪاغذ ۽ گودو، کاڌي جون شيون، ڪپڙا، ڪيميائي شيون اهڙي طريقي سان تيار ڪيون ٿيون وڃن جو ماحوليات تي انهن جو بُرو اثر به نه ٿئي ۽ پاڻيءَ جو به گهٽ کان گهٽ استعمال ٿئي ۽ توانائيءَ جي به بچت ٿئي.

صنعتي بايو ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو ڪمال اهو آهي ته اها زرعي پئداوار ۽ نامياتي فاضل مواد کي اهڙيءَ طرح متبادل ٻارڻ ۾ تبديل ٿي ڪري جنهن سان ڪچي تيل جي کپت کي گهٽائي سگهجي ٿو جيڪا ماحوليات لاءِ تمام گهڻي مفيد آهي. بايو ٽيڪنالاجي پئداواري عمل دوران توانائيءَ جي بچت ۾ مدد ٿي ڪري ۽ Green House اثرات کي گهٽائي ٿي. WWF وارن جو چوڻ آهي ته 2030 تا ان ٽيڪنالاجيءَ ذريعي 1 ملين کان 205 ملين ٽنن تائين ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي هر سال گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

بايو ٽيڪنالاجي صنعتي ميدان ۾ هڪ محفوظ ۽ متبادل توانائيءَ جو ذريعو فراهم ڪري ٿي جيڪا فطري ٻارڻ جو اهم متبادل آهي.

بايو ٽيڪنالاجيءَ جي صنعت ۾ يورپ هڪ ليڊر جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو.

بايو ٽيڪنالاجيءَ جي صنعت يورپ ۾ 22 ملين ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري رهي آهي جنهن ۾ مختلف شعبا شامل آهن، جن ۾ زراعت، فشريز، کاڌو ٺاهڻ جو شعبو، جنگلات ۽ ڪيميائي ۽ حياتياتي ٻارڻ شامل آهن، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 2 ٽرلين يورو آهي.

زرعي بايو ٽيڪنالاجي اسان کي رسائي ڏئي ٿو محفوظ ۽ متبادل کاڌ خوراڪ تائين، گهٽ زمين تي وڌيڪ خوراڪ پئدا ڪرڻ، گهٽ توانائي جي استعمال، گهٽ پاڻيءَ جي استعمال، گهٽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي پئداوارجي ڪري اسان زرعي بايوٽيڪ جي ذريعي 6 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين پنهنجي پئداوار وڌائي سگهون ٿا. بايوٽيڪ ڪيڙي مار دوائن ۽ انهن جي اثرات کان بچاءُ فراهم ڪري ٿي.

زرعي بايوٽيڪ زرعي زمين جي ڪٽاوء ۽ ڪلر کي روڪڻ جا ذريعا فراهم ڪري ٿي.

بايوٽيڪ ڏڪار واري صورتحال کي روڪڻ لاءِ اپاءُ مهيا ٿي ڪري جنهن سان وڌندڙ آدمشماري جي لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني ٿي بڻائي.