بلاگ

حق سچ ۽ صداقت جي علمبردارصحافين کي سلام …! ساقي ابڙو Aug 2020

صحافت هڪ انتهائي مُعتبر ۽ مُقدس پيشو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ سُرت ۽ ساڃاھ رکندڙ ذهنن کان وٺي عام فھم ماڻهن تائين اسان سڀ جو سڀ صحافت جي اهميت ۽ افاديت کان بخوبي واقف آهيون. ڇو ته صحافت پنهنجي اهميت، افاديت ۽ حيثيت مڃائڻ لاءِ هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي زبردست جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ صحافت کي مقدس ۽ معتبر پيشي سان گڏ انتهائي سگهارو ۽ طاقتور شعبو پڻ تصور ڪيو وڃي ٿو. صحافت کي ڪنهن به ملڪ ۽ رياست جو چوٿون پايو ۽ ٿنڀو تسليم ڪيو وڃي ٿو. صحافت پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪري ايڪيهين صديءَ ۾ پير پائيندي نه صرف تمام گهڻي طاقتور بڻجي وئي آهي، پر جديد دور جي تيز ترين مواصلاتي نظام جي وسيلي تمام گهڻي تيز به ٿي وئي آهي. پرنٽ ميڊيا کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ چئنلن جي عام ٿيڻ جي ڪري به صحافت ۾ جدت آئي آهي جنهن ڪري اها اڃان به وڌيڪ سگهاري بڻجي وئي آهي. صحافت جي سگهاري ۽ طاقتور هجڻ جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ حڪومتن جي خاتمي جو سبب به صحافت ئي بڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو صحافت سدائين رياست جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي چُڀندي رهي آهي، رڳو رياست ئي نه پر صنعت ۽ تجارت سميت هر اهو ادارو ۽ فرد جيڪو انسانن جو استحصال ڪري ٿو، صحافت انهن سڀني جي سرن مٿان ڄڻ ته تلوار بڻجي لڙڪندي رهي آهي. جنهنڪري رياست، ادارا ۽ اهي فرد صحافت مٿان قھري وار ڪندا رهيا آهن، پر ان جي باوجود به صحافت پنهنجي مڪمل آب و تاب سان جلوه افروز ٿيندي رهي آهي. صحافت سان واڳيل اهي فرد جن کي صحافي سڏيو وڃي ٿو اهي به نهايت ئي محترم، معتبر ۽ مانائتا هجن ٿا. مان ته چوندو آهيان صحافي صحافت جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ فرد آهن، جيترا ادارا مقدس هجن ٿا اوترا ئي فرد به محترم هجن ٿا. بقول علامه اقبال جي:

افراد ڪي هاٿون مين هي اقوام ڪِي تقدير

هر فرد هي ملت ڪي مقدر ڪا ستاره

هتي مان هڪ ڳالھه جو ذڪر ڪرڻ به تمام ضروري ٿو سمجهان، ڳالهه اها آهي ته گهڻا دوست چوندا آهن ته صحافت ۽ صحافين جا ٻه قسم ٿيندا آهن هڪ اها صحافت جيڪا پاڪ پوتر، اڇي، اجري ۽  خوبصورت آهي. ٻي زرد صحافت ۽ هڪڙا اُهي صحافي آهن جيڪي چوڏهين جي چنڊ جيان روشن، چٽا ۽ پڌرا ته ٻيا وري گرهڻ لڳل چنڊ وانگر ڪاراٽيل، داغدار ۽ بدصورت، پر مان انهن سڀني ڳالهين کي صرف هڪ مفروضو سمجهندي رد ڪندو آهيان. ڇو ته منهنجي خيال ۾ صحافت يا ته صحافت هوندي آهي  يا صحافت ناهي هوندي اها صحافت جي شڪل ۾ رڳو تجارت هوندي آهي، بلڪل ائين ئي صحافي به يا ته صحافي هوندا آهن يا صحافي ناهن هوندا، اهي به صحافين جي روپ ۾ تاجر هوندا آهن. باقي سچي صحافت ته خلق خدا جو آواز هوندي آهي ۽ صحافي ان آواز جو پڙاڏو هوندا آهن، رهبر لطيف چواڻي ته:

پڙاڏو سو ئي سڏُ، ورُ وائيءَ جو جي لهين

هُئا اڳهين گڏُ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا

سچي صحافت ته حق، سچ ۽ صداقت جو علم هوندي آهي ۽ صحافي حق، سچ ۽ صداقت جي ان علم جا علمبردار هوندا آهن. سچي صحافت ته مظلومن جي طرفدار هوندي آهي ۽ صحافي انهن ظالم، جابر ۽ باطل قوتن جي لاءِ للڪار هوندا آهن.

مون کي پڻ صحافت جو چڱو خاصو تجربو آهي، 20 کان 25 سالن تائين رتيديري جهڙي سرداري ۽ قبائلي نظام واري شھر ۾ صحافت ڪرڻ کان وٺي ادارن ۾ ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ تائين ان ايڏي ساري عرصي ۾ مون صحافت کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي. رتوديرو ۾ ٻين صحافي دوستن خاص طور صدرالدين عمراڻي ۽ عبدالرزاق چني سان گڏجي  رتيديري ۾ رتوديرو پريس ڪلب جو نئين سر کان بنياد وجهڻ ۽ ان کي آئين ڏيڻ ۽ مختلف وقتن تي ضلعي لاڙڪاڻي جي انتهائي پٺتي پيل علائقي وارث ڏنو ماڇي جيڪو سنڌ جي چئن ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور۔ ۽ جيڪب آباد جي وسيلي بلوچستان کي پاڻ ۾ ملائيندڙ آهي ۾ مختلف اخبارن جون اسٽيشنون قائم ڪرائڻ، اتان جي نوجوانن ۾ صحافتي شعور پيدا ڪري کين صحافت جي دنيا ۾ آڻڻ ۽ وارث ڏنو ماڇي پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ سميت مٽياري ضلعي جي اڏيرو لعل اسٽيشن شھر جيڪو منهنجي جنم ڀُومي به آهي ۾ پڻ پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ ۽ اتي صحافت کي فعال ڪرڻ ۽ صحافين کي منظم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز ته آهن ئي، پر انهن سمورن مرحلن دوران جيڪي ڏکيائيون، رنڊڪون، مشڪلاتون ۽ مصيبتون مون کي پيش آيون ۽ مون سان جيڪي مسئلا پيش آيا انهن به منهنجي صحافتي تجربي کي وسعت بخشي آهي ۽ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته صحافت هڪ قسم جي قلمي جنگ آهي، انهيءَ جنگ جي پهرين مورچي جو سپاهي صحافي ئي آهي.

 

سڌائتي سڀڪا، بک مه باسي ڪا

جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جا

موسين هلي سا، جا جيءُ مٺو مه ڪري

صحافين جي زندگي به عجيب هوندي آهي هو سدائين ڄڻ ته جنگي حالتن ۾ هوندا آهن. امن هجي يا جنگ، حالتون نارمل هجن يا ايمرجنسيءَ واريون، هي صحافي چوويھه ڪلاڪ ئي ڄڻ ته ڊيوٽيءَ تي هوندا آهن. تازي ڪورونا جھڙي ڳنڀير صورتحال ۾ جتي سخت لاڪ ڊائون هجي، ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ بند هجن ۽ جتي ٻاهر نڪرڻ موت جي مُنهن ۾ وڃڻ جي برابر هجي اتي هي صحافي حضرات پنهنجن فرضن جي ادائگيءَ لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به ميدان عمل ۾ آهن. اهڙي صورتحال ۾ جتي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊڪل اسٽاف ۽ سول يا آرمڊ فورسز جي محتتن ۽ قربانين کي واکاڻيو پيو وڃي اتي اسان سڀني کي صحافين جي جذبي ۽ ڪم کي به ضرور ساراهڻ گهرجي. ان کان علاوه هنن لاءِ روزانو هڪ نئين جنگ هوندي آهي جيڪا هو وڙهندا آهن، اها جنگ جيڪا هنن جي پنهنجي به ناهي هوندي هو هميشه ٻين جي جنگ لڙندا آهن. مظلومن ۽ محڪومن جي جنگ، بي پھچ ۽ بي سهارا ماڻهن جي جنگ، جن جو آخري سهارو وري به صرف ۽ صرف صحافت ۽ صحافي ئي هوندا آهن. هو ڪڏهن رياست جي رياستي دهشتگرديءَ سان مھاڏو اٽڪائيندا آهن ته ڪڏهن ڪرپٽ ادارن ۽ ڪامورن سان جهيڙيندا آهن، هو ڪڏهن ڪنهن وڏيري جي درندگيءَ سان لڙندا آهن ته ڪڏهن سماج جي ويري عنصرن ۽ عوام دشمن قوتن سان وڙهندا آهن، پر انهيءَ سڄي ويڙهه ۾ تجارتي صحافت ۽ تاجر صحافي ميدان کان ٻاهر هوندا آهن، رڳو ميدان کان ئي ٻاهر نه پر اهي ڪانئر  سچي صحافت ۽ سچن صحافين جي دشمن جا ساٿاري به بڻجي ويندا آهن، سچي صحافت سان واڳيل انهن سچن صحافين جي قلمي جنگ جنهن لاءِ مون پهرين به عرض ڪيو ته هو سدائين ٻين جي لاءِ وڙهندا آهن جنهنڪري روزاني دشمنيون به کڻندا آهن، ڪڏهن رياست ۽ ان جي رياستي دهشتگردن جي دشمني ته ڪڏهن ڪرپٽ ڪامورن جي دشمني ته وري ڪڏهن سماج جي ويرين ۽ عوام جي دشمنن جي دشمني، اهو ئي ڪارڻ آهي ته رياست ۽ رياست جي مشينري ڪرپٽ ڪامورا، سماج دشمن ۽ عوام دشمن عنصر صحافين کي ان مقصد تان هٽائڻ لاءِ مختلف هربا به استعمال ڪندا رهيا آهن ته مختلف حيلا به هلائيندا رهيا آهن. ڪڏهن لالچون ڏيئي صحافين کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي کين خاموش رهڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن صحافين کي صفحه هستيءَ تان هٽائڻ لاءِ کين بي رحمي سان ماريو ۽ قتل ڪيو ويندو آهي، پر سلام آهي انهن ارڏن صحافين کي جيڪي انهن هيبتناڪ حالتن ۽ خوفائتي ماحول جي باوجود به پنهنجون صحافتي ذميواريون ۽ فرض انتهائي ذميداري سان سرانجام ڏيندا رهندا آهن ۽ انهن باطل قوتن سان پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي به وڏي بهادري ۽ بي باڪي سان مهاڏو اٽڪائيندا رهندا آهن. انهن ڌمڪين ۽ ڪوڙن ڪيسن  سان به منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي پنهنجي قيمتي جانين جو نظرانو به ڏيندا رهيا آهن.

سکن واري سڌ متان ڪا موسين ڪري،

اندر جنهين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.

تازو اتر سنڌ ۾ هڪ خطرناڪ علائقي جيڪب آباد ضلعي جي قبائلي اثر واري هڪ ننڍڙي شهر دودا پور ۾ ذوالفقار مندراڻي کي ڪجهه هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سخت تشدد ڪندي گهليندي هڪ ويران جاءِ تي وٺي وڃي کيس مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ مطابق صحافي ذوالفقار مندراڻي سڄي علائقي ۾ هڪ بي باڪ صحافي طور مشهور هو، هو ڏوهارين، منشيات فروشن، وڏيرن جي ڏاڍ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ڀرپور انداز سان لکندو هو ۽ بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي وڏي بهادريءَ سان پنهنجي قلمي جنگ جوٽيندو رهندو هو. چون ٿا ته حق، سچ ۽ صداقت سان لکڻ جي ڪري ڪيترائي ڀيرا کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ سبب قتل جون ڌمڪيون ملنديون رهيون جنهن کان پوليس ۽ انتظاميه کي به آگاهه ڪيو ويندو رهيو، پر کيس ڪو به تحفظ نه ڏنو ويو، پر ان جي باوجود به هو پنهنجون صحافتي ذميداريون ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين نڀائيندو رهيو ۽ حق، سچ لکندو رهيو.

ان کان اڳ محرابپور ۾ به هڪ اهڙي ئي بهادر ۽ بي باڪ صحافي کي صفحه هستيءَ تان هٽايو ويو جيڪو پڻ هڪ سچو ۽ کرو صحافي ليکيو ويندو هو. محرابپور جو سينئر صحافي عزيز ميمڻ به حق، سچ ۽ صداقت جو علمبردار هو. انهن صحافين ۾ شمار ڪيو ويندو هو جيڪي سدائين ڪوڙن ڪانئرن جي رڳو مٿي جو سور ئي نه پر انهن جي اکين ۾ ڪنڊا به بڻيل رهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو صرف انهن ئي صحافين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي جيڪي جنتا جو آواز بڻيل آهن ۽ جيڪي حق، سچ ۽ صداقت جا علمبردار آهن.

گذريل ڏينهن ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو پيش آيل واقعي تي رياستي ڏاڍ جي هڪ انوکي تاريخ رقم ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ بهادر صحافي مطيع الله جان کي اسلام آباد جي سيڪٽر G6/3 سرڪاري اسڪول جي اڳيان ڪجهه اڻ ڄاتل ماڻهو کنڀي کڻي ويا هئا. خوش قسمتي سان سندس کنڀجي وڃڻ واري سڄي واردات اتان جي سي سي ٽي وي ۾ محفوظ ٿي وئي ۽ ان جا فوٽيجز به منظر عام تي اچي ويا، جن مان پتو پوي ٿو ته کيس کنڀڻ وارا ڪي ڌاڙيل يا ڪي ڏوهاري يا دهشتگرد نه آهن. فوٽيجز مان نامعلوم ماڻهن جون گاڏيون ۽ انهن گاڏين مان لهندڙ ماڻهو به ڏسي سگهجن ٿا جن مان ڪجهه ماڻهن کي پوليس جون ورديون به پهريل آهن. مطيع الله جان جي کنڀجڻ بعد سندس سالي ڊاڪٽر شاهد اڪبر عباسي آرٽيڪل 199 تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ هن وفاقي گهرو سيڪريٽري، دفاع واري سيڪريٽري، آءِ ايس آءِ سربراهه، ايس ايس پي آپريشن ۽ ايس ايڇ او آبپاره کي ڌر بڻايو آهي. هن درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته کيس سندس  ڀيڻ آگاهه ڪيو آهي ته مطيع الله پنهنجي گهر واري کي اسڪول مان وٺڻ آيو هو ۽ کيس اسڪول جي گيٽ تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي.  ڊاڪٽر شاهد پنهنجي موقف ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته مطيع الله جان سينئر صحافي آهي ۽ هو حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو وڏو نقاد به آهي. اسان کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، کيس بازياب ڪرايو وڃي.

درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي ۽ عدالت گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي پوليس اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن مطيع الله جو پتو نٿو لڳايو وڃي ته اڄ جو اڄ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿين. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته رجسٽرار آفيس خصوصي نمائندي ذريعي سمورين ڌرين کي اڄ ئي نوٽيس پهچائي عدالت سڳوري جي اهڙن سخت حڪمن ۽ نوٽيس بعد ٿرٿلو مچي ويو جنهنڪري مٿي ذڪر ڪيل کنڀيل صحافي کي ڏهن ٻارهن ڪلاڪن جي اندر ئي اسلام آباد ويجهو فتح جنگ واري علائقي  ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

اهو ته هو ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جو هڪ سڀاڳو صحافي جيڪو ٻارهن ڪلاڪن جي اندر بازياب ٿي گهر پهچي ويو، پر هتي سنڌ ۾ کنڀيل نوجوان سالن کان وٺي گم ته آهن، پر سندن ڪابه وارثي نٿي ٿئي، گڏوگڏ سنڌ جا صحافي به ڄڻ لا وارث بڻيل آهن. سنڌ جي صحافين کي تحفظ ته نٿو ڏنو وڃي، پر قتل ڪيل صحافين جي خون سان به انصاف نٿو ڪيو وڃي. انهن جو خون لوڙهڻ لاءِ سندن ڪيسن کي ڪمزور ڪرڻ سبب مختلف حربا پڻ استعمال ڪيا پيا وڃن. ائين هر نئين ڏينهن صحافين جي هڪ نئين جنگ شروع ٿي ويندي آهي ۽ هر روز هڪ نئين دشمني پيدا ٿيندي آهي، صحافين کي سندن ڪمن ۾ رنڊڪون وجهڻ لاءِ روزانو هڪ نئين مشڪل ۽ هڪ نئين مصيبت ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته صحافي به وري روزانو هڪ نئين جوش، نئين جذبي ۽ نئين ولولي سان انهن مشڪلاتن کي مات ڏيندا رهن ٿا. جمال خاشگي کان وٺي ڊينيئل پرل تائين، شاهد سومرو کان وٺي امير بخش بروهي تائين ۽ شان ڏهر کان وٺي عزيز ميمڻ ۽ ذوالفقار مندراڻي تائين صحافين جي قربانين جو به هڪ ڊگهو تسلسل آهي.

جن صحافين سماج جي ويرين ۽ عوام دشمن قوتن سان جهيڙيندي پنهنجن سرن جا سودا ڪيا، جن صحافين مظلومن ۽ محڪومن جي لاءِ ظالمن ۽ جابرن سان جنگ جوٽيندي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون ۽ جيڪي صحافي حق ۽ سچ جي سربلندي خاطر پنهنجو مٺڙو ساهه ڏيئي صحافي دنيا ۾ ويساهه ويهاري ويا،

ڏونگر ڏکوين کي ڪپي ڪندين ڪوهه

تو جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه امر مونسين ڪيئن ڪيو

اچو ته اڄ سڀئي گڏجي سرخ سلام ۽ خراج عقيدت پيش ڪيون انهن حق، سچ ۽ صداقت جي علمبردار ارڏن سرموڙ ۽ سرفروش صحافين کي جن پنهنجي پيشي سان نينهن جو ناتو نڀائيندي ۽ سچو رهندي حق، سچ ۽ صداقت جي ڪنڊن وارن پيچرن تي هلندي ۽ مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيندي پنهنجا سر ته گهوري ڇڏيا، پر پنهنجي راهه تان نه هٽيا ۽ نه ئي آمرن جابرن ۽ باطل قوتن آڏو جهڪيا. ان سان گڏوگڏ اچو ته خراج تحسين پيش ڪيون انهن صحافين کي به جيڪي هر ڏاڍ ۽ ڏمر سان ڏونگر ڏاري جبلتن جا جبل جهاڳيندي مظلومن سان ساٿ نڀائيندي صحافت جي عظمت ۽ حرمت کي ڄاڻيندي ۽ پنهنجو معيار برقرار رکندي پنهنجا صحافتي فرض انتهائي ذميواري ۽ سچائي سان سرانجام ڏيئي رهيا آهن.

سچا صحافي سچا قلمڪار به آهن،

حق سچ ۽ صداقت جا علمبردار آهن.

ظالم اڳيان ته “ساقي” هي سينا سپر هن،

مظلوم جا هر محل طرفدار ڀي آهن.

 ******