بلاگ

سـائـمـن دي بـوئـيـئـر (1908-1986) ڊاڪٽر بدر اڄڻ Aug 2020

سائمن دي بوئيئر سال 1908ع ۾ فرانس ۾ ڄائي مڊل ڪلاس جي فيملي منجهه ٻن ڀينرن کان وڏي هئي. سندس ابتدائي تعليم ڪيٿولڪ اسڪول منجهه ٿي. ان کانپوءِ اعليٰ تعليم هن ڪيترن ئي اعليٰ تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي. ماسٽرز جي برابر جا ڪورس هن ادب، فلسفو ۽ رياضيءَ منجهه مڪمل ڪيا. پنهنجي دور جي سائمن اڪيلي ڇوڪري هئي جنهن انهن اعليٰ تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي جتي ان دور ۾ فقط ڇوڪرا ئي پڙهندا هئا. بوئيئر سال 1929ع ۾ ساربون يونيورسٽي مان ڊگري، فلسفي منجهه حاصل ڪئي. هن مقالوLeibniz  مٿان لکيو هو. انهن ڏينهن ۾ هن جي ملاقات سارتر سان ٿي هئي جيڪو پڻ اتي فلسفي جو شاگرد هو. سائمن ان مهل نائين نمبر واري ڇوڪري هئي جنهن فلسفي جو ڏاڍو مشڪل ڪورس پاس ڪيو هو جنهن کانپوءِ پروفيسر ٿيڻ جي لاءِ ڪاميابي ماڻي هئي. هوءَ سارتر جي ڀرسان ويهندي هئي (جڏهن ته سارتر ان ڪورس ۾ فيل ٿي پيو هو)، ان کانپوءِ هن ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ پڙهايو. اهي سال هئا 1931ع کان 1943ع تائين جڏهن ته يونيورسٽين جا نالا هئا: مرسلين، روئن ۽ پيرس، ان دور ۾ ئي هن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان کي هڪ ڇوڪر سان گڏ ستل ڏٺو ويو هو. حالانڪه جنگ کانپوءِ هن کي بحال ڪيو ويو، پر هن وري پڙهائڻ وارو ڪم نه ڪيو، پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريا ۽ لکڻ سان ئي پنهنجو گذر سفر ڪيو.

بوئيئر گذريل اڌ صديءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ان سان خوب مان ماڻيو. سال 1945ع منجهه هن سارتر ۽ مرليو پانتي سان گڏجي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو جيڪو ادب ۽ سياست سان لاڳاپيل رهيو. سال 1943ع کان 1968ع واري دور ۾ بوئيئر ڇهه ناول لکيا ۽Prix award  حاصل ڪيو. هن جي ناولن منجهه جنگ کانپوءِ واري دور ۾ کاٻي ڌر جي لکارين جا ڪارناما ڇپيا جن اعليٰ تعليم کي الوداع ڪري سياسي هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهن ناولن منجهه ڪردارن جي روپ ۾ بوئيئر، سارتر، آلبرٽ ڪاميو ۽ آمريڪن ناول نگار نيلسن آگرن، ڄڻ پاڻ موجود هئا. انهيءَ ئي دور ۾ بوئيئر فلاسافيءَ مٿان چار ڪتاب لکيا. انهن سان گڏ ئي سال 1947ع وارو مشهور ڪتاب“The Second Sex” لکيو. ناولن، فلسفي ۽ عورتن جي حيثيت کان علاوه، بوئيئر ڇهن جلدن واري آتم ڪٿا لکي جنهن جو عرصو سال 1958ع کان وٺي 1972ع تائين هو، ان منجهان فرانس جي سال 1930ع کان 1970ع تائين، اعليٰ تعليم جو عڪس چٽيو ويو هو. بوئيئر عمر رسيده هجڻ جي سوال مٿان“A Very Easy Death” ڪتاب گهڙيو سال 1964ع هو، جڏهن هن جي ماءُ جو اسپتال منجهه موت واقع ٿيو.“Old Age”  ڪتاب ۾ سال 1970ع ۾ ڇپيل سماج جو بزرگن کان نفرت جي اظهار جو احوال لکيائين سال 1981، “A Fare Well to Sartre”، سارتر جي حياتيءَ جو آخري سالن جو پوتاميل هو سال 1970ع منجهه بوئيئر، عورتن جي سياسي مستقبل بابت خوب پاڻ پتوڙيو. سال 1979ع منجهه عورتن جي حقن بابت سوالن واري اداري ۾ شموليت اختيار ڪئي.

The Second Sex اهو مضمون وسيع تر ۽ گهڻ پاسائون آهي. ان جو واسطو يا لاڳاپو هڪ کان وڌيڪ شعبن سان آهي. يعني تاريخ، بايولاجي، ائنٿروپالاجي، ادب، نفسياتي تشريح، مارڪسزم ۽ وجوديت واد فلسفي سميت شعبن سان لاڳاپيل ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي عورت جي مروجه تجربن بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي. بوئيئر جو چوڻ آهي ته تاريخ جي سمورن دورن ۾ عورت کي مرد جي آڏو، گهٽ حيثيت ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ ته مردن، عورت کي پاڻ کان ٻئي نمبر واري حيثيت پئي ڏني آهي، يعني“the other”  اهڙي طرح سان عورت کي داخليت“subjectivity”   واري حيثيت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. بوئيئر پنهنجي موقف کي وزن دار بڻائڻ خاطر، ورجينيا وولف جي موقف جو سهارو ورتو آهي جيڪو ان پنهنجي مضمون “A Room of One’s Own-1929”  ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عورت “ڄڻ آئينو آهي جنهن منجهه اهڙو جادوئي اثر آهي جنهن سان مرد جي حيثيت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي، بوئيئر وري ان جو ذميوار مرداڻي ثقافت کي بڻايو آهي جنهنڪري عورت جي حيثيت گهٽائي وئي آهي، ان جي برعڪس سال 1948ع منجهه عورتن جي نسواني تحريڪ انقلابي بڻجي چڪي هئي. سيڪنڊ سيڪس ۾ انهن بنيادي اصولن جن سان مرداڻي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تحريڪن مرد جي حيثيت کي مٿانهون درجو ڏنو ۽ عورت کي “ناقابل اعتماد” ڪري ڏٺو ويو.”

مضمون جي طوالت کان بچڻ خاطر جنهن ۾ عورت جي قصن ڪهاڻين کي ڀرپور نموني سان بيان ڪيو ويو آهي، اختصار طور پيش ڪجي ٿو، جنهن لاءِ بوئيئر چيو آهي ته “صنف جي سونهن وجود کان وڌيڪ اهميت واري ناهي”، يعني ته انسان پنهنجن عملن جي روشنيءَ ۾ پرکيو وڃي ٿو، پوءِ ڀلي اهو مرد هجي يا عورت ان طرح سان عورت کي مرد جو ٻيو وجود چيو وڃي ٿو، پر ان جي داخلي حيثيت کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. وڌيڪ ورق ورائڻ مان پتو پوي ٿو ته سيڪنڊ سيڪس، سارتر واري وجوديت واري نظرئي جي ڪُک مان نڪتل ٿو لڳي. ان هوندي به بوئيئر سارتر سان اختلاف رکي ٿي. آزاد خياليءَ واري نقطي تي، سارتر جو چوڻ آهي ته آزاد خيالي فقط مردن جو حق آهي. ان جي برعڪس بوئيئر جو چوڻ آهي ته جڏهن مرد ۽ عورت انسان آهن ته پوءِ آزاد خيالي به ٻنهي لاءِ هجڻ گهرجي ۽ ٻئي وجود رکندڙ شخص هڪٻئي جي آزاد خياليءَ جو احترام ڪن ۽ حفاظت ڪن. بوئيئر جو ڌيان يڪدم تاريخ ۽ ثقافت ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته تاريخ ۽ ثقافتي سوچ ۽ فڪر ذريعي ئي سياسي سجاڳيءَ کي ٽيڪ يا سهارو ملي ٿو. سارتر جي اثر کي سيڪنڊ سيڪس پڙهندڙ گهٽ اهميت ڏين ٿا، ان اثر ڪري ماحوليات، مارڪسزم ۽ نفسياتي تشريح جي اهميت کي به پڙهندڙ وساري ٿا ڇڏين.

سيڪنڊ سيڪس حالانڪه عورت واري تحريڪ لاءِ سود مند سوچ يا تحريڪ هئي، ان مٿان ٽيڪا ٽپڻي به خوب ڪئي وئي (سارتر جي مخالفت سبب) ان کان علاوه مرداڻي سوچ ساڙ وارن عملن يا روين ڪري مردن کي اعليٰ رتبو ڏنو پئي ويو ۽ عورت کي ٻارن ڄڻڻ جي مشين، مامتا جي ديوي ۽ گهرو ڪم جي مالڪياڻي طور اهميت پئي ڏني وڃي، عورتن جي آزاديءَ لاءِ معاشي خود مختياري ضروري آهي، باقي شادي ۽ ماءُ هجڻ واري حيثيت عورتن جي آزادي لاءِ نامناسب رويا آهن.

بوئيئر جي راءِ اها آهي ته ڪنهن به صورت ۾ عورت جي اتحاد جي ڪوشش ڪرڻ مهل، ان کي ڪنهن طرح به سماجي ٻڌيءَ ۾ هڪ ڪري ڏٺو وڃي، انهيءَ اتحاد کي ٽڪرن ۾ نه ورهايو وڃي مثال طور: سفيد يا ڪارو، مڊل ڪلاس يا اعليٰ تعليم واريون عورتون. ان قسم جي گروهه بنديءَ سان عورتن جو اتحاد نه هلي سگهندو. ان قسم جي تنقيد باوجود، سيڪنڊ سيڪس، هڪ انقلابي نعرو هو ان دور ۾ ۽ ان اتحاد جي طاقت سان فيمينسٽ تحريڪ اڀري آئي هئي ۽ ڪاميابي ماڻي چڪي هئي.

عورت سان ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون، راز، پيار، وفا، بيوفائي… وغيره مردن جي اتحاد منسوب پئي ڪيا آهن، پاڻ کي مٿانهون رکي، عورت کي هيٺانهين درجي تي رکڻ يا سمجهڻ اهي سڀ راز يا قصا آهن، قديم دور، وچين دور يا جديد دور ۾ تاريخ منجهه لکيا ويا آهن… قديم دور ۾ روم، مصر ۽ يونان ۾ حسن جا داستان عورتن سان منسوب ٿيل ملن ٿا. انهن قصن ڪهاڻين ۾ عورت کي عياشيءَ جو پتلو يا حسن جي ديوي يا راڻي سمجهيو ويندو هو. اهي قصا، ٻولي روايتن، مذهب، راڳ، فلم… سڀني منجهه ملن ٿا. انهن کي لکڻ، ٻڌائڻ ۽ پيش ڪرڻ ۾ مردن جو حصو رهيو آهي. ان قسم جا بهانا ۽ افسانا بڻائي عورت جي حيثيت کي هيٺ ڪري، ان کي وکر ڪري سمجهيو ويو ۽ کيسobject  سڏيو ويو، جيڪو حقيقت ۾ ائين ڪونه هو. ايتري تائين جو عورت کي ڪُٺو ويو، نشي جو عادي بڻايو ويو، سون جي زيورن تي ريجهايو ويو… ان کانپوءِ ڪامريڊ بڻايو ويو، دل وارو دوست بڻايو ويو، ان جا ڪپڙا مختصر ڪيا ويا، وار ٻٽونئڙا بڻايا ويا… ان طرح سان عورت کي سخاوت، پيار ۽ سچائيءَ جو پتلو بڻايو ويو. پوءِ چيو ويو ته“woman is lost”   عورت ڪٿي آهي، هن دور جي عورت ڪٿي آهي، بلڪل اها عورت آهي ئي ڪونه! ان طرح سان عورت کي ٻيو حصو يا وجود“the other”  تسليم ڪيو ويو. ان کي“subjectivity”  کان هيٺ ڪري“objectivity”  جي حيثيت ڏني وئي. اهو ئي سبب آهي يورپ ۾ فيمنسٽ تحريڪ اڀرڻ جو ۽ پوءِ مٿس ٺٺول ۽ الزام تراشين جو وسڪارو ڪيو ويو، پنهنجي وجود جي بچاءُ لاءِ ان قسم جون تحريڪون شروع ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ عورت پاڻ کي مرد جو ٻيو حصو “the other” بڻائي ڇڏيو.

اڄ جي دور ۾ ان ڪري ئي عورت کي“the lost sex”  جي نالي سان سڏيو ويو آهي… خبر ناهي ته ڪڏهن عورت پنهنجي اصل حيثيت حاصل ڪندي، بقول فرانس جي شاعر:

The infinite bondage of,  is broken,

When she will live in and for herself…