ڪلاسيڪل ڪردار “سائين ٻڌ پري”
خالد پرويز
ڪوٽ غلام محمد کان يارهن ڪلوميٽر اتر طرف ۽ ريلوي اسٽيشن مير الهداد کان ڇھ ڪلوميٽر اولھ طرف قديمي شهر ، ڊينگاڻ ڀرڳڙي آباد آهي. ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي تاريخ لاء ڪجھ ڏاهن جو خيال آهي ته اهو شهر تاريخي لحاظ کان ايترو پراڻو آهي جو ان جي وجود جون شاهديون سومرن ۽ سمن جي دور کان ملن ٿيون. ڊينگاڻ شهر جي اھا سڃاڻپ ئي ڪافي آهي ته ان شهر ۾ قائداعظم جي نهايت ويجهي دوست ۽ ساٿي غلام مۡحمد ڀرڳڙي جي جنم ڀومي آھي. غلام محمد ڀرڳڙي جهڙي جڳ مشهور شخصيت تي ته ڪيترن ناميارن ۽ جڳ مشهور تاريخي محققن به سندن ڪردار تي ڪيترا مضمون لکيا ۽ اهو تاريخ جو حصوآهن .
اڄ منهنجي ڪلاسيڪل ڪردارن جي سيريل ۾ جنهن شخصيت جو ذڪر ٿيندو سو آهي هڪ ناميارو استاد ۽ سماجي طور خدمتون سر انجام ڏيندڙ شخصيت. سائين “ٻڌ پري.” هڪ رات آئون پنهنجي گهر جي لئبرري ۾ ويٺو هوس ته رات جو ٻارهين وڳي ڪئناڊا مان منهنجي پراڻي دوست نارائڻ ڪنڀار جو فون اچي ويو. حال احوال کانپوءِ هتان هتان جي خبرون ڪرڻ کان پوء ” ھمسري ” جو ذڪر نڪتو ۽ منهنجي ڪلاسيڪل ڪردارن جي حوالي سان ٻڌايائين ته اسان ھتي کوڙ سارا سنڌي ” ھمسري” جي معرفت تنهنجن ڪلاسيڪل ڪردارن کي شوق سان پڙهندا آهيون ، توهان جن ڪلاسيڪل ڪردارن تي ۽ وسري ويل ڪردارن تي لکو ٿا ۽ کين ڀيٺا ڏيو ٿا، اھي ڪردار سماجي هنر جا نه رڳو مشاهداتي طور قابل تعريف ڪردار رهيا آهن پر سندن سماجي سڌ ٻڌ پڻ زبردست رهي آهي. توڻي جو اهي ڪردار تمام ٿورو پڙهيل رهيا آهن. ٻي ڳالھ ته توهان انهن سمورين لکڻين ۾ نهايت ايمانداري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ٿا ۽ توهان انهن لکڻين
۾ فقط لکندڙ طور ئي نظر اچو ٿا، توهان ڪٿي به پنهنجي ذاتي ثناء خواني ڪون ڪئي آهي.وراڻيومانس ته نارائڻ پنهنجي لکڻين ۾ پهنجو پاڻ پڏائڻ ۽ ذاتي مداح سرائي ڪندڙ ننڍڙي سوچ جا هوندا آهن ۽ آئون اهڙي ڪنهن به احساس ڪمتري جو شڪار ڪون رهيو آهيان ،جو پنهنجين لکڻين ۾ اهو نظر اچان ته ليکڪ ئي ليک پنهنجي مداح سرائي يا پنهنجي ذاتي ثناء خواني لاء لکيو آهي.لکندڙ جي لکڻي خود سندس سڃاڻپ پاڻ هوندي آهي.انهي لاء لفظن کي لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت ناهي هوندي. مون هاڻوڪي ڪلاسيڪل سيريل ۾ اھڙن ڪردارن جي چونڊ ڪئي آهي .جيڪي توهان کي گوگل تي قطعي به ڪون ملندا , اهي نجا پجا سنڌ جي ٻهراڙين جا ڪردار آهن.نه ته اڄ ڪلھ ذاتي شهرت ڪمائڻ وارا فلسفن کان وٺي نفسيات ۽ سماجيات جهڙن موضوئن کي گوگل تان انگريزي ۾ ترجمون ڪري انهي کي ڪالمن جو عنوان ڏئي سنڌي ويس پارائي ،منٿ ميڙ ڪري اخبارن ۾ ڇپرائي ۽ پوء فونون گهمائيندا ته ادا ڀائو منهنجو آرٽيڪل فلاڻي اخبار ۾ ڇپيو آهي ،اهو ته پڙهه. پر اهي جڳاڙي لکندڙ اهو وساري ويٺا آھن ته اڄ ڪلھ پڙهندڙ به سياڻا ٿي ويا آهن ۽ سندن لکيل ڪالمن جي موضوعن کي هڪدم گوگل تي سرچ ڪرڻ کانپوء انهن همراهن جا ڪالم بي لباس ٿيو پون. سو مونکي پنهنجين لکڻين جي لاء ڪنهن به پوسٽر جي يا ڪنهن پبلسٽي جي ضرورت ناهي.
نارائڻ منهنجو پراڻو دوست آهي. سندس سنڌ ڇڏي وڃڻ ۽ ڪينيڊا ۾ شفٽ ٿي وڃڻ جو ڏک ته پنهنجي جڳھ تي پر مون کي خوشي ٿي ته منهنجي ڳوٺ ۽ ڊيگاڻ ڀرڳڙي جي ڳوٺ ۾ فقط يارهن ميلن جو فاصلو آهي. آء جڏهن به ڊينگاڻ ويندو هوس ته نارائڻ جي اٽي جي چڪي تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين. يا پوء ڊينگاڻ ۾ منهنجي ويهڻ جا ٺڪاڻا ڪاڪو کنياتو مل دوڪان وارو يا مرحوم عبالخالق ڀرڳڙي وٽ هوندو هو. 2008 ۾ نارائڻ سنڌ کي الوداع ڪري وڃي ڪئناڊا وسائي اسان بس هتي پنهنجن ڌنڌن ۾ لڳي وياسون. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته نارائڻ ٽورنٽو ڪئناڊا ۾ ويل سيٽلڊ آهي ۽ سندس ٻار اتان جي تعليمي ادارن مان سٺيون ڊگريون وٺي پنهنجي زندگي جي آسائيشن مان لطف پيا ماڻين. سو ڳالھ شروع ٿي سائين ٻڌ پري کان جيڪو منهنجي اڄوڪي سيريل جو ڪلاسيڪل ڪردار آهي. سائين جو تعلق گوسوامي ساڌو (ٻائو) خاندان سان هو، سندس جنم 1920 ڌاري ٿيو.چئن سالن جي عمر ۾ سندس پتا جي مرتيئي کان پوء سندس ماتا جنهن کي ڌرمي تعليم مليل هئي تنهن نه رڳو سندس تربيت ڪئي پر سندس تعليم کي سخت غريبي حال سارو به جاري رکيو. تقريبن ڏھ ڏهاڪا پهريائين ڪنهن به خاتون جي پتي جي مرتيئي کان پوء ۽ انتهائي غريباڻي حال ۾ پنهنجي پٽ کي تعليم ڏياري ڪنهن مان ۽ مرتبي تي پهچائڻ جا ڪشٽ ڪڍندڙ اهڙي عورت جي همٿ کي سلام ھجي .انهي لاء هن ڪيترو نه پورهيو ڪيو هوندو.
سائين ٻڌ پوري سڄي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ “سائين وڏو ” جي نالي سان مشهور هو. سائين ٻڌ پوري ڏکين حالتن ۾ به جيئن تيئن ڪري سنڌي فائنل پاس ڪئي ، توڻي جو فائنل پاس ڪرڻ وقت سندس عمر اڃا سورنهن سال ئي هئي پر تعليم کاتي ۾ استادن جي اڻاٺ جي ڪري سندس پهرين مقرري ڳوٺ ستار ڏنو پلي جي اسڪول تي پرائمري استاد جي حيثيت سان پنڌرهن روپين جي پگهار تي ٿي. ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ پرائمري تعليم ۽ اسڪول جو بنياد ته تمام پراڻو پيل هو 1950 ۾ رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي جي ڪوششن سا انهي اسڪول کي مڊلاسڪول جو درجو مليو ،جيڪو پوء سائين ٻڌ پري جي ۽ مقامي ماڻهن جي ڪوششن سان 1983 ۾ ساڳي اسڪول کي ھاء اسڪول جو درجو مليو ۽ هاڻي اهو اسڪول ھائير سيڪنڊري اسڪول آهي. پرائمري کان مڊل ۽ مڊل کان هاء اسڪول تائين سائين ٻڌ پري جون ڀرپور ڪوششون رهيون. سائين ٻڌ پري جون نه رڳو ڪوششون تعليم جي حوالي سان رهيون پر ڊينگاڻ شهر جي اسپتال ،ٽيليفون،پاڻي جي تلاء جون اسڪيمون قائم ڪرائڻ تائين سائين مقامي ڀرڳڙي رئيس عبدالخالق ۽ عبدالرحمان ڀرڳڙي سان لکت پڙهت کان وٺي ساڻن گڏ رهيو.پاڪستان جو ٽپال کاتو به شروع کان وٺي سائين وٽ رهيو،اڄ به سائين جي شاگردن مان عبدالخالق ڪنڀار،سليمان ڪنڀار،بئنڪ مان وڏن عهدن تان رٽائر ٿيا، ڊاڪٽر منوهر گرو آمريڪا ۾ نيورو سرجن آهي، يسونت مهراج آمريڪا ۾ انجنيئر آهي، ويانند شرما آمريڪا ۾ پروفيسر آهي ۽ سندس ناٺي چين گر گوسوامي گورنمٽ ڪاليج مٺيء مان پرنسپال ٿي رٽائر ٿيو.
سائين کي ڇوڪرين جي پڙهائي جو گهڻو فڪر رهيو ،انهي لاء سائين،سندس گهر واريء کي گهر ۾ تعليم ڏني ۽ ڊينگاڻ گرلز اسڪول ۾ مقرر ڪرايو جيئن ڇوڪريون سولائي سان تعليم پرائي سگهن. سندس تعليم لاء ڏنل خدمتون انهي حد تائين رهيون جو ڇوڪرين جي تعليم لاء سائين جن پنهنجي گهر جو هڪڙو ڪمرو نياڻين جي تعليم جي لاء وقف ڪري ڇڏيو. انهي پرائمري اسڪول کي پوء مڊل ۽ اڳتي هلي جھان آرا گرلز ھائي اسڪول جو درجو مليو. سندس انهي تعليي ڪوششن جي ڪري اڄ سندس شاگرد نه رڳو پوري پاڪستان ۾ ،پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجيون خدمتون انجام پيا ڏين.جن ۾ مون پنهنجي دوست نارائڻ جو مثال به ڏنو. ڪرشن ڪمار ڪجھ سال اڳ واپڊا جي ڪنهن وڏي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڪرشن سان منهنجي آخري ملاقات تڏهن ٿي جڏهن سندس پوسٽنگ ڪوٽ راڌا ڪشن لڳ لاهور ۾ ھئي ، اهو به ڪئنڊا ۾ سيٽلڊ آهي.سائين جا شاگرد ،پي آئي اي ،بينڪن ، مطلب ته زندگي جي تقريبن سمورن شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا آهن.سندس گهر مان پنهنجي ڀاء ميگھ پوري کي انگريزي تعليم ڏياريائين ،جيڪو پوء روينيو ڊپارٽمنٽ ۾ سپرنٽيڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس نياڻين جي تعليم ۾ ايتري ته دلچسپي رهي جو سندس پنج نياڻيون اڄ به تعليم جي شعبي سان استاد طور پنهنجيون خدمتون سر انجام پيون ڏين سندس فرزند پرتاب ۽ شيام ڊاڪٽر طور خدمتون پيا ڏين ۽ واسديو جي مقرري استاد طور ميرپور خاص جي آس پاس آهي. سائين ٻڌ پري جي خدمتن مان ڊينگاڻ ۽ آس پاس جون ٽي پيڙهيون فيض حاصل ڪري چڪيون آهن. سائين ٻڌ پري انهي وقت ٻهراڙين مان ۽ پري کان آيل ٻارن لاء نه رڳو سندن ڪتابن جو خرچ پر سندن ماني ٽڪي جو بندوبست به پنهنجي ھڙان وڙان ڪندو هو، محدود آمدني جي ڪري سائين نه رڳو مال ڌاريندو هو پر آسي پاسي زمينن جا ننڍڙا ٽڪرا مقاطن تي کڻي انهن جي اپت مان نه رڳو پنهنجا ٻار پڙهايائين پر ،غريب ٻارن جي ڪپڙي لٽي ۽ انهن جو خرچ زمين جي اپت مان ڀريندو هو. اھي هئا سنڌ جا مثالي استاد جن نه فقط استاد جي پيشي سان انصاف ڪيو پر ان سان گڏ سماج سڌارڪ به رهيا. اڄ به سائين ٻڌ پري نه رڳو اتان جي مقامي ماڻهن لاء قابل عزت ۽ احترام لائق آهي،پر سندس پونئيرن لاء به کوڙ عزتون آهن. سائين ٻڌ پري جن 1993 ۾ اسان کا هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويا.پر سائين جن جون نه وسرندڙ خدمتون ۽ يادون ھميشه لاء اسان وٽ ڇڏي ويو آهي. سائين ٻڌ پوري توهان جتي به هجو شال سک ۽ آرام ۾ هجو .اڄ به ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊينگاڻ ڀرڳڙي جا رهواسي توهان کي ياد ٿا ڪن ۽ توهان لاء دعاگو آهن.

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

