خاص

پيپلز پارٽي موجوده سياسي صورتحال ۾ اسلام آباد ۾ ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اڳوڻو صدر آصف زرداري اسلام آباد پهچي ويو، آصف زرداري طرفان اڄ اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس دوران صلاح مشورن جا امڪان، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو، آصف زرداري سان گڏ آصفه ڀٽو زرداري به اسلام آباد پهتل، بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي وفاقي راڄڌاني ۾ موجود آھي.