زاهده ابڙو ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات
همسري مئگزين همسري بنجڻ کان اڳ منهنجي تصور ۾ “سمانتا” جي نالي سان بار بار ذهن تي اڀري ايندو هو ۽ ان نالي سان هڪ رومانس پيدا ٿي چڪو هو، پر پوءِ اسان جي تعصب پرست PID جي اعليٰ عملدار جي ذهني پستيءَ سبب اهو همسري ٿي ويو. “سمانتا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ “همسري” فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ٻنهي جي معنيٰ هڪ جهڙائي ۽ برابري آهي، پر پي. آءِ. ڊي اسان کي سمانتا نالو صرف ان ڪري نه ڏنو جو اهو هندي اکر آهي.
هاڻي ته “همسري” به دل ۽ دماغ تي ساڳئي ريت ڇانئجي چڪو آهي. ڇهه سال اڳ ڪجهه ڪرڻ جي تمنا ۽ سماج ۾ ماٺار کي للڪارڻ لاءِ هڪ آواز بلند ڪرڻ چاهيم ته جيئن ان بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪا حرڪت پيدا ڪري سگهجي، ان لاءِ ڪافي پڙهيل لکيل ماڻهن سان رابطا ٿيا، سڀني مون کي ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته پڙهڻ ۽ لکڻ جو رجحان ختم ٿي چڪو آهي، “سهڻي”، “سوجهرو”، “اڳتي قدم” جهڙا مئگزين بند ٿي چڪا آهن هاڻي نه ماڻهو لکڻ چاهين ٿا ۽ نه پڙهڻ ٿا گهرن. پهرين جهڙا اديب به ناهن جيڪي لکن. ايتري مايوسيءَ مون کي اڃان وڌيڪ حوصلو ڏنو. جتان جتان به اهڙو جواب مليو ان قسم جي جواب ڄڻ ته مون کي ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ٿي ڏنو. پوءِ همسري مئگزين کي باقائده رجسٽر ڪرائي، ABC جي مرحلي مان پار ڪرائي سينٽرل ميڊيا لسٽ تائين آندوسين. هميشه اميد رهندي هئي ته همسري پنهنجن پيرن تي بيهي رهندو ۽ ادارو مضبوط ٿي ويندو. پنج سال لڳاتار بنا ڪنهن هڪ به پرچي جي وقفي ڏيڻ سان هارڊ ڪاپي ۾ شايع ٿيندو رهيو. اسان کي هميشه نون ۽ اڻ واقف ماڻهن پنهنجو تعاون ڏنو. مون کي ياد آهي ته پهريون پرچو جون 2015 ۾ اچڻو هو، اسان وٽ مواد نه هو، هِتان هُتان ڪري مواد ڪٺو ڪيوسين ۽ هڪ پيج تي هڪ غزل لڳايوسين ان سان گڏ هڪ وڏي تصوير لڳائي اسان 48 پيج ڀريا. ننڍن مضمونن سان وڏيون تصويرون سوچي اڄ به کل ايندي آهي، پر سفر هميشه هڪ ننڍي وک سان ئي شروع ٿيندو آهي. جنهن کانپوءِ توهان هزارين ڪوهه پنڌ ڪندي ڪنهن ماڳ تي رسندا آهيو.
اڄ اسان وٽ سٺن ليکڪن جو هڪ سٺو سَٿُ آهي، همسري جي سڄي ٽيم جن جي ٿورائتي آهي، جن همسريءَ کي پنهنجو مئگزين سمجهيو. مان اڄ دعويٰ سان چئي سگهان ٿي ته جڏهن همسري مئگزين کي هر سنڌي ماڻهو پنهنجي ملڪيت ۽ پنهنجو آواز تصور ڪندو ته همسري ڪاميابي ضرور ماڻيندو. اسان وٽ محدود وسيلا هجڻ ڪري ۽ سنڌ انفارميشن کان ۽ پاڪستان انفارميشن کان اشتهار نه ملڻ سبب همسري مئگزين جي ٽيم کي ان وقت اهو مشڪل فيصلو ڪرڻو پئجي ويو، جڏهن سڄي دنيا ڪورونا جهڙي وچڙندڙ وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون طرف هلي وئي هئي، سنڌ حڪومت به لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت محدود وسيلن جو استعمال هڪ سوال بڻجي ويو ته ڇا وسيلا ضايع ڪجن يا اڃان انهن جو استعمال سياڻپ سان ڪرڻ گهرجي. نيٺ پوءِ آن لائين ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اندازو آهي ته آن لائين اِي-مئگزين پڙهڻ وارن جو انگ اڃان تمام گهٽ آهي، پر ان انگ کي وڌائڻ لاءِ محنت جاري آهي. همسري مئگزين هن ٽيڪنالاجيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن وقت اسان جو نئون پڙهندڙ ۽ لکندڙ اسان سان ڳنڍجي رهيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان انهن قابل نوجوانن کي جاءِ ڏيون جيڪي لکڻ جو هنر ته ڄاڻن ٿا، پر کين ڪوبه پليٽ فارم نٿو ملي. اهڙن نوجوان شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ ڪالم نويسن کي همسري مئگزين هميشه جاءِ ڏني آهي ۽ ڏيندو رهندو.
اسان جي ويب سائيٽ موجود آهي جتي اسان روزاني جي بنياد تي علمي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکون ٿا. همسريءَ جي فيس بُڪ آءِ ڊي به آهي جتان اسان ماڻهن سان پاڻ کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان کانسواءِ اسان جو يوٽيوب چينل به آهي، جتي همسريءَ ۾ شامل مواد جو 20 سيڪڙو کان 25 سيڪڙو مواد وائس اوور ٺاهي ان کي فلم جي صورت ۾ رکيو ٿو وڃي، جنهن کي پڙهڻ کان علاوه ٻڌي سگهجي ٿو. ڏسڻو آهي ته اسان جي ڪم ۾ ڪيترا ساٿي اسان جو ساٿ ڏين ٿا. اسان وٽ جڏهن به وسيلا پيدا ٿيندا ته اسين پنهنجن ليکڪن کي اعزازي معاوضو به ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا، پر ان لاءِ سڀني کي گڏجي همسريءَ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. منهنجو خيال آهي ته اسان کي اڃان ڪافي پنڌ ڪرڻو آهي، همت سلامت آهي ارادا بلند آهن.

