ادبڪهاڻيون

قصو سُتل جاڳيل جو ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو August 2021

هيءُ داستان، مون پنهنجي نئين سفر دوران، بغداد جي هڪ ڪٻڙي مصور کان ٻڌو. هُن اها ڪهاڻي نقل ڪئي هڪ آرميني طبيب جي، جيڪو هڪڙي اک کان ڪاڻو ۽ هڪ ٽنگ کان منڊو هو.

جڏهن ته انهيءَ آرميني طبيب، خود مرزا حسن تبريزيءَ کان هيءُ واقعو ٻڌو هو. چيو مرزا حسن ته: جڏهن مان بغداد آيس ته مون وٽ هڪ حبہ (پئسو) به نه هو. هڪڙي شيرازي سوداگر، جيڪو جواهرن جي تجارت ڪندو هو، منهنجي نوجوانيءَ ۽ پرديسي هئڻ تي ترس کائي، مون کي پاڻ وٽ نوڪر بيھاريو. مون ايڏي سچائيءَ ۽ سُچتائيءَ سان ڪم ڪيو جو منهنجي مالڪ جي تجارت، جيڪا نوڪرن جي بدديانتيءَ جي سبب پوئتي پيل هئي، سا ٻيهر ڀڙڪو ڏئي اُٿي ۽ اڪثر فرنگي واپاري، اسان وٽان مال گھرائڻ لڳا. پوڙهو سوداگر، منهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ ديانتداريءَ مان اهڙو خوش ٿيو جو ٿوري عرصي پڄاڻان، هن پنهنجي اڪيلي ڌيءَ مون سان پرڻائي ۽ ڪاروبار منجهه، منهنجو حصو مقرر ڪري ڇڏيائين. جيئن ته سندس ڪو ويجھو مٽ مائٽ نه هو، منهنجي سس کي به مُئي ڳچ عرصو ٿي چڪو هو، تنهنڪري هاڻ منهنجي زال ئي سندس سموري جائيداد جي وارث هئي. ليڪن اسان جي شاديءَ کي سال به نه گذريو هو جو اها پاڪ دامن پڻ گذاري وئي. منهنجو سهرو، ڌيءَ جي وڇوڙي جي صدمي کان چڙهي نه سگھيو ۽ ٿورڙن ڏھاڙن ۾، ھُن به فاني دنيا کان جاوداني جھان ڏانهن موٽ ڪئي.

منهنجي سهري جو ڪاروبار، گھڻو پکڙيل هو ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن ڀائيوار جي، ان جو مالڪ هئس. ليڪن گهرواريءَ جي موت، دل تي اهڙو اثر ڪيو جو ڪنهن ڪم ۾ دل ئي نه پئي لڳي. ٿورا ڏينهن اها ڪيفيت رهي. آخر هڪڙي دوست، جيڪو مون کان عمر ۾ وڏو هو ۽ زماني جا لاها چاڙها ڏسيو ويٺو هو، سمجهايائين: “پيارا! زماني جي اها ئي واٽ آهي. موت تي ڪنهن جو زور نٿو هلي. قضا ربانيءَ سان جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿيو. هاڻ، صبر ڪر. اگر ڪنهن به طرح سان دل نٿو سنڀالي سگھين ته شراب کي سنگتي ۽ رازدان بڻائي، جو روح کي راحت ۽ دل کي طاقت بخشي ٿو ۽ دل جي درسنيءَ تان مٽي ۽ مير هٽائي ٿو.” اهو چئي هن ساڳئي يعقوب آرمينيءَ وٽان، شيرازي خمر ۽ پورچوگال جي انگور جون يخ ٿڌيون بوتلون گھرايون ۽ پنهنجي هٿن سان جام ڀري، پيش ڪيائين.

واقعي! هڪ ٻه جام پيئڻ سان اهڙو سُرور نصيب ٿيو جو جھٽ گهڙيءَ لاءِ، پنهنجون سموريون تڪليفون وساري ويٺس ۽ خوشيءَ جي عالم ۾ جھونگارڻ, حافظ جا شعر، جيڪي شراب جي تعريف ۾ لکيا اٿائين، سي پڙهڻ لڳس. انهيءَ شخص، جيڪو ظاهر ۾ منهنجو دلي دوست پر اندر ۾ منهنجي تباهيءَ پويان هو، چيو: ”جيستائين چنگ، رباب ۽ عودي باجو هڪيو حاضر نه هجي، شعر پڙهڻ جو مزو نٿو اچي. اگر تنهنجي اجازت هجي ته مان هڪڙي ڳائڻيءَ کي، جيڪا عرب ۽ عجم جي موسيقيءَ تي مهارت رکي ٿي ۽ ظاهري سونهن سان به سينگاريل آهي، سڏائي وٺان؟“

مون وٽ ان وقت، بري ڀلي جي تميز نه رهي هئي، چيومانس: ”ڪهڙو ھرج آهي!“

هن ته اهو ئي گھريو پئي. ڀڄندو ڀڄندو ويو ۽ پاڻ سان هڪڙي حسينه کي، جيڪا يهودي نسل مان پئي لڳي، سازندن سميت وٺي آيو.

سڄي رات، نچڻ ڳائڻ جي محفل، سجيل رهي. صبح جو مون کين ڇڏيو ۽ پاڻ سمهڻ لاءِ ڊهي پيس. شام ڌاري اک کُلي. ان وقت مٿي ۾ سنهون سنهون سور ۽ لڱن ۾ عجيب قسم جي پَٽَ هئي. مان وهنتس ۽ چيم ته دڪان جو کنڌو واچيان. ايتري ۾ ساڳيو همراهه آيو ۽ منهنجي ڪيفيت ٻڌي چوڻ لڳو: ”شراب کانسواءِ، ان مرض جو ڪو علاج ناهي. بو علي سينا ”قانون“ ۾ اهو لکيو آهي.“

مطلب ته سندس ريهڻ ريبڻ تي، وري به پورچوگالي شراب جو دور هليو. اها رات به ساڳئي مشغلي ۾ گذري وئي. پوءِ ته مون کي به اهڙي چوس اچي پئي جو رات ڏينهن، پيئڻ ۽ ڳائڻ جي محفل گرم رهڻ لڳي. اڪثر ظريف ۽ گفتي جا غازي ماڻهو، جن کي درٻاريت جي آدابن ۽ رئيسن کي خوش ڪرڻ جو ڍنگ، چڱيءَ طرح ياد هو، مصاحبين طور محفل ۾ شريڪ ٿيا. پوءِ ته اڳتي ھلي، خلوت ۽ جلوت جي صحبتن ۾، پڻ ساڻ رهڻ لڳا.

ساڳي اسرائيلي ڳائڻي پڻ، اڪثر محفلن ۾ شريڪ ٿي هئي. اهڙيءَ طرح مون ٿورڙن ڏهاڙن ۾ چڱو خاصو پئسو ضايع ڪري ڇڏيو. وري آهستي آهستي اها ڪيفيت ٿي جو جيڪا نقدي منهنجو سهرو ڇڏي ويو هو، سڄي کپي وئي. صرف دڪان ئي بچيو هو. ان جي حالت به ڏاڍي خراب هئي. مون کي عيش عشرت ۾ گم ڏسي، ڪارندا هٿڙيون هڻڻ لڳا. ڳچ مال، ڇپر ڇپر ۾ وڪڻي، سارو ناڻو تڳائي ويا. جڏهن بزم جي يارن ڏٺو ته هاڻ هن ۾ اسان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ جي طاقت باقي نه بچي آهي ته اهي به آهستي آهستي ٿي کسڪڻ لڳا. ٿورن ڏهاڙن ۾ حال اھو وڃي ٿيو جو منجھانئن ڪو واٽ ويندي، سامهون پئي آيو ته منهن مٽيو پئي ويو.

دوستن جي بيوفائيءَ، منهنجي دل تي وڏو اثر ڪيو. هڪ ڏينهن گھر جو جائزو ورتم ته خبر پئي ته اڃا ٿورا زيور بچيل آهن. اهي وڪڻي، مون دڪان کي سڌارڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. خيانتي ڪارندن کي ڪڍيم ۽ دڪان جو سڄو ڪم ڪار، پاڻ ڪرڻ لڳس. جيتوڻيڪ، منهنجي پهرين واري حالت نه رهي هئي. ليڪن دڪان جي اڃا حالت اهڙي هئي جو مان اطمينان سان زندگي بسر ڪري پئي سگھيس. منهنجي پراڻن يارن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته انهن وري مون سان رستا رکڻ گھريا، پر مون، منجھانئن ڪنهن کي به، چخي نه ڪيو. تاريخ ۽ سوانح جي ڪتابن جي مطالعي سان پنهنجي دل وندرائڻ لڳس. انهن ڪتابن ۾ “الف ليله و ليل” ته حڪمت ڏاهپ جو خزانو آهي. ان ڪتاب ۾ مون کي بغداد جي هڪڙي سوداگر زادي ابوالحسن جي ماجرا عجيب نظر آئي، جنهن پنهنجي دولت دوستن تي لٽائي ڇڏي ھئي. پوءِ هارون رشيد ۽ زبيده خاتون جي مهربانيءَ سان، تنگيءَ جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، بارگاهه خلافت ۾ مقربين منجهه شامل ٿيو ۽ نيٺ پنهنجي مراد کي پهتو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ابوالحسن جي زندگيءَ جا واقعا، منهنجي حياتيءَ جي داستان سان گھڻا ملن جلن ٿا. جيڪي جيڪي دور مٿس آيا هئا، سي سمورا مون تان وهي ويا هئا. مان اهو قصو، ورائي ورائي پڙهندو هئس. ليڪن دل نه پئي ڀري. آخر منهنجي دل تي ان جو اهڙو اثر ٿيو جو مان پاڻ کي، سچ پچ ابوالحسن سمجھڻ لڳس.

هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي خيال آيو ته: ”بغداد جي ماڻهن جيڪو ورتاءُ، ابوالحسن سان ڪيو هو، سو انهن مون سان ڪيو آهي. ڇو نه مان به ان وانگر، ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي پنهنجو مهمان بڻائي، اسر ڌاري کيس ڇڏيندو رهان ۽ بغداد وارن سان ڪوبه واسطو نه رکان.“ انهيءَ ڪري مون ان ڏينهن ئي انهيءَ تجويز تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شام ڌاري پنهنجي خادم کي سڏي چيم: ”اڄ رات کاڌي تي، مون سان هڪڙو مهمان پڻ هوندو ۽ رات به هت ئي گذاريندو.“

مان، دجله جي پل تي پهتس ته گاڏي ٽيشڻ تي پڄي چُڪي هئي ۽ مسافر، پل ٽپيو، شهر ڏانهن اچي رهيا هئا. منجھن مختلف قسم جا ماڻهو هئا! ڪجهه فرنگي، آرميني ۽ يهودي هئا. ڪجهه هندستاني زائرين. هڪڙو ٽولو، مصري شاگردن جو هو، جيڪي عراق جي آثار قديمه جي تحقيق لاءِ آيل هئا ۽ بغداد جي اخبارن ۾، ڪيترن ڏينهن کان سندن متعلق خبرون ڇپجي رهيون ھيون. ليڪن مون کي منجھانئن ڪنهن سان به ڳالهائڻ جي همت نه ٿي. اهي وڃي چُڪا ته عمان، بحرين ۽ ساحلي عربستان جي تاجرن جو جٿو آيو. منهنجي دل گھريو ته منجهانئن ڪنهن ھڪ کي پنهنجو مهمان ڪيان. مگر آدر ڀاءُ چوڻ لاءِ، موزون لفظ نه مليا. ورائي ورائي سوچي، رڪجي پئي ويس ته خدا ڄاڻي اهي ماڻهو، منهنجي عجيب غريب درخواست ٻڌي ڇا چوندا. اصل ۾ ڪنهن اڻ واقف کي، پاڻ وٽ ترسائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. بغداد جو اهو سوداگر زادو ابوالحسن وڏو دلير ۽ باهمت ماڻهو هوندو، جيڪو هر رات، هڪڙي نئين شخص کي، پاڻ وٽ مهمان ڪندو هو.

جھٽ کن ۾، پل بلڪل خالي ٿي وئي. هاڻ صرف ٻه مسافر اتي رهجي ويا هئا. منجھانئن هڪڙو ڪَرڙِوَڍِ عمر جو ڊگھو شخص هو. جڏهن ته هن پنهنجو حُليو، سوداگرن وارو بڻائي رکيو هو. ليڪن پنهنجي ڪارين ۽ چمڪيلين اکين، ويڪري پيشانيءَ، وقار، حشمت ۽ وِک مان ڪنهن وڏي خاندان جو شخص لڳي رهيو هو. ٻيو هڪڙو شخص حبشي خادم هو، جيڪو هڪڙو بڪسو ۽ ٻه ڪمبل کنيو، پويان آيس پئي. اهو ڏسي، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته هيءُ شخص پڪ خليفو هارون الرشيد آهي ۽ هيءُ حبشي، سندس خادم مسرور. مگر مون کي پنهنجي انهيءَ خيال تي پاڻ ئي کل آئي. ڇو جو خليفي هارون الرشيد کي گذاري وئي پورا يارهن سئو سال ٿي چُڪا هئا. مون کي حوصلو ته نه پئي ٿيو ته ان شخص آڏو پنهنجي دلي مدعا، زبان تي آڻيان. ليڪن وري هن خيال مان دل کي قوت ملي ته اڃا ڍَرَ ڪئي ته اڄوڪي رات به اڪيلي ۾ گذارڻي پوندي. تنهنڪري اڳتي وڌي، وڏي ادب سان چيومانس: ”منهنجا سائين! اگر اوهان اڄوڪي رات، هن خادم وٽ گذاريو ته گهڻو ٿورائتو رهندس.“ اھو ٻڌي هو مون کي چتائي ڏسڻ لڳو. ايئن پئي لڳو ڄڻ هو مون کي ڪو چور يا ٺڳ سمجھندو هجي. ليڪن جهٽ پلڪ ۾ سندس شڪ لھي ويا ۽ هو مون سان گڏجي هلڻ لڳو. رستي ۾ مون کيس پنهنجي يارن جي بيوفائيءَ جو داستان، مختصر طور تي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح، منهنجي ان عجيب درخواست جو سبب، کيس سمجهه ۾ اچي ويو.

رات جو کاڌي کان واندو ٿيڻ بعد، هن مون کي پنهنجا حال ٻڌايا. هو پاڻ عمان ۾ ڄائو هو ۽ موتين جي تجارت ڪندو هو. ليڪن هاڻ، ڪيترن سالن کان هو ۽ سندس ڀائر، موصل ۾ رهن ٿا. زماني جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا هئائين. زنجبار، شمالي لينڊ، الجزائز، طرابلس ۽ سوڊان وغيره ملڪن جا سير به ڪري چڪو هو. سامونڊي قذاقن ۽ غلام وڪڻندڙن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، کيس ياد هيون. جن کي ٻڌي رڳن ۾ رت ٽچڪڻ لڳندو آهي. منجهن طرابلس جي درزيءَ ۽ اسپين جي شهزاديءَ جو قصو، ٻن درويشن ۽ ڊينڊي عطر فروش جي حڪايت مون کي ڏاڍي وڻي. مگر هو پنهنجي انداز ۽ اطوار منجھان، ايتري قدر شائسته ۽ مهذب پئي لڳو، جو مون کي سندس ڳالهين تي، جيڪي هڪڙي لا پرواھ ۽ سپاهي خيال ماڻهوءَ کي زيب ڏين ٿيون، يقين نه پئي آيو. بلڪه وري وري خيال پئي آيو ته هيءُ شخص هارون الرشيد ته نٿو ٿي سگھي. مگر ڇا عجب آهي، جو شاهه فيصل سان سندس صورت گھڻي ملي جُلي پئي.

جڏهن رات، اڌ کان مٿي گذري چُڪي ته مون چيو: ”اوهان آرام ڪيو! منهنجو مٿو ڦري ٿو پيو. مان سگار پيئڻ جو عادي ناهيان. ليڪن اوهان جي اصرار تي مجبور ٿيس.“ اهو چئي مان ته پنهنجي کٽ تي وڃي سُتس. هو به اُٿيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ هليو ويو. مون ڏٺو ته خلافت جي ايوان ۾، هاٿي ڏند جي تخت تي ويٺو آهيان. منجهس الماس ۽ زبرجد جا ٻُڙا جڙيل هئا. منهنجو لباس، زريءَ تي ۽ سونو آهي. منهنجي پٽڪي ۾ اونداهه ۾ چمڪڻ وارو لعل، ٽمڪي رهيو آهي. اوچتو ڪنيزن جو هڪڙو طائفو ظاهر ٿيو. انھن سمورين کي زريءَ جي تارن وارا لباس پاتل هئا. سندن مٿن تي، زمرد جا تاج هئا. سموريون منهنجي سامهون اچي، بيهي رهيون ۽ بربط وڄائي وڄائي هڪڙو خوشي وڌائڻ وارو گيت ڳائڻ لڳيون. پوءِ سئو حبشي غلام، جيڪي سفيد ريشم لباس پاتل ۽ سونهري پٽيون لڳايل هئا، هٿن تي سونهري ٿالهه رکيل هئن، آيا ۽ انهن کي منهنجي سامهون رکي، ساڄي کاٻي ٿي بيٺا. هاڻ ٿورو شور ٿيو ۽ هڪڙو ڊينڊو، جنهن جو رنگ آبنوس کان وڌيڪ ڪارو هو، قلابازيون کائيندو، منهنجي سامهون آيو. هڪڙي ڪنيز، جيڪا مڙني کان خوبصورت ۽ نازڪڙي هئي، تنھن وڌي ان ڊيندي جو هٿ پڪڙيو. ٻئي ملي، عربي شعر چوڻ لڳا. جن ۾ بغداد جي خليفي جي عظمت ۽ شوڪت جو ذڪر ڪيل هو. مان کين روڪي پڇڻ تي هئس ته توهان ڪير آهيو؟ ۽ مون کي هتي ڪنهن آندو آهي ته هڪڙي وڏي ٽهڪ جو آواز آيو. مون چڱيءَ طرح اکيون مهٽي ڏٺو ته اها ڪنيز ۽ ملازم سڀ غائب هئا ۽ مان پنهنجي گھر جي بستري تي پيو هئس. پهرين ته مون کي خيال آيو ته اهو موصلي سوداگر دروازو کولي هليو ويو آهي ۽ شيطان منهنجي ڪمري ۾ گھڙي منهنجا حواس ٽيڙي پکيڙي ڇڏيا آهن. وري مون سوچيو ته ابوالحسن جو اهو خيال هو، مگر نيٺ سندس خيال غلط ثابت ٿيو. لڳي ٿو ته خليفي هارون الرشيد يا شاهه فيصل، پنهنجي ايوان سلطنت جي جھلڪ پسائي، مون کي پنهنجي گھر پهچائي ڇڏيو آهي.

مان اٿي، ٻئي ڪمري ۾ گھڙيس ته ڇا ٿو ڏسان ته منهنجو خادم علي، مدهوش پيو آهي ۽ موصلي سوداگر ۽ سندس خادم جو ڪو پتو پرو ناهي. هاڻ مون پنهنجي گھر جي جهڙتي ورتي. صبح ٿيو ته گھر اندر جيتريون به قيمتي شيون هيون، منجھانئن ڪابه نظر نه آئي. منهنجي سيرانديءَ کان، ڪنجين جو جيڪو ڇڳو پيو هوندو هو، سو پڻ غائب ھو. انهيءَ رات جو، منهنجو دڪان کولي، سڄو مال اسباب، ڪو ٻُهاري ويو هو.

جڏهن مون پوليس ۾ رپورٽ ڪئي ۽ ٻڌايم ته: ”رات، شاهه فيصل، موصلي سوداگر جي ويس ۾، مون وٽ مهمان هو، ليڪن منهنجو خيال آهي ته اهو شاهه فيصل نه هو.“ ان تي هو سڀ لکڻ لڳا. منهنجي ڳالهه ٻڌي بغير، مون کي پاڳل سمجھي، ڪڍي ڇڏيائون.

هيءُ آهي اهو داستان، جيڪو مون پنهنجي ستين سفر ۾، ڪٻڙي مصور جي زباني ٻڌو ۽ کانئس نقل ڪيو آرميني طبيب، جيڪو هڪ ڄنگهه کان منڊو ۽ هڪ اک کان ڪاڻو هو ۽ ان آرميني طبيب کي، مرزا حسن تبريزيءَ، هيءُ قصو ٻڌايو ھو.

***