خاص

آمريڪا افغانستان ۾ شڪست قبولي ورتي

آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي آمريڪي ايوان جي نمائندن جي آرمڊ سروسز ڪميٽي ۾ بيان ڏيندي چيو ته جنگ انهن شرطن تي ناهي ختم ٿي جيڪي طالبان کان آمريڪا چاهي پيو. اها شڪست گذريل 20 ڏينهن يا 20 مهينن ۾ ناهي ٿي. افغان جنگ اسٽريٽيجڪ ناڪامي هئي. هن چيو ته ملا برادر سان 15 آگسٽ تي قطر ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته نيڪالي ۾ رنڊڪ نه وجهو. 15 آگسٽ واري ملاقات تائين ڪابل تي طالبان جو قبضو ٿي ويو.