نئون

امريڪي ڪانگريس پاران 700  ارب ڊالرن جي دفائي بجيٽ جي منظوري

امريڪي ڪانگريس پاران 700  ارب ڊالرن جي دفائي بجيٽ جي منظوريآمريڪي ڪانگريس ايندڙ سال جي دفاعي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ ۽ ايوان نمائندگان جي منظوري کانپوءِ 700 ارب ڊالر جي دفائي بجيٽ پاس ڪيو ويو. ان بجيٽ ۾ ڪوليشن سپورٽ جي نالي پاڪستان لاءِ 35 ڪروڙ ڊالرن جي رقم به شامل آهي جيڪا لشڪر طيبه کي حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي سان مشروط ٿيل آهي. آمريڪي شرطن مطابق پاڪستان کي ظاهر ڪرڻو پوندو ته اهو حقاني نيٽ ورڪ خلاف اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي. ان سان گڏ هو دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن انهن جي فنڊ ريزنگ ۽ ڀرتين خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته هن بجيٽ ۾ صدر ٽرمپ جي تجويزن کان وڌيڪ 26 ارب ڊالر به رکيا ويا آهن جيڪي مختلف دفائي ضرورتن لاءِ ڪتب آندا ويندا. ان کان علاوه صدر اوباما جي آخري دفائي بجيٽ کان به هي بجيٽ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن بجيٽ ۾ 626 بلين ڊالر آمريڪي دفاعي ضروريات جي لاءِ آهن جڏهن ته ٻاهرين آمريڪي دفائي ضرورتن جي لاءِ 66 بلين ڊالر رکيا ويا آهن.