خاص

اوگرا پاران پيٽروليم شين جي اگھن ۾ 10 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سفارش

آئل اين گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين  جي اگھن ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽ موجب سڀاڻي 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ جي سمري حڪومت کي موڪلي وئي آهي. سمري ۾ پيٽرول 5 رپيا 90 پئسا في ليٽر، هائي اسپيڊ ڊيزل 10 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. حتمي منظوري وزيراعظم عمران خان ڏيندو. نوان اگھ ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ 16 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندا.