ڊائري جا ورق ڀون سنڌي December 2021
هن هڻ هڻان جي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن ماضي ذهن تي غالب پئجي ويندو آهي ۽ پوءِ انيڪ محبتن ۽ نفرتن سميت ڏاڍو ياد ايندو آهين. ڇا آئون به تنهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ وسندو آهيان؟ پر توکي ته دل…؟
***
تنهنجو مهراڻ ۾ تاثر پڙهيم، تون بنيادي طور فنڪار آهين، مون کي ايئن لڳو آهي ته تو ڪيترائي دفعا انهيءَ فنڪار کي گهٽا ڏيئي مارڻ چاهيو آهي، پر هو سوين پهرا هٽائي ڪر کنيو نڪريو نروار ٿئي، ايئن جيئن ٽاڪ منجهند جو سج. مون کي توکي نصيحت ڪرڻ نه جڳائي. نصيحتون ته آئون بزرگن جون به ڪونه مڃيندو آهيان. توکي نصيحت ڪرڻ ۾ مون کي ته شرم به ايندو، پر آئون ايترو ضرور چوندس ته جيئن تون ڀٽڪيل ماڻهن کي ڌڳ لاهين ٿو، تيئن پنهنجين ڪويتائن کي به ميڙ. ايئن نه ٿئي جو اهي رڻ ۾ رلي وڃن. جتي تون ماڻهن کي رستو ڏيکارڻ ۽ ڌڳ لاهڻ لاءِ سرگردان آهين، اتي تنهنجيون ڪويتائون به تنهنجيون ٻانهن ٻيلي ٿي بيهنديون.
***
سانوڻي مند به نرالي مند آهي. ڪڏهن جڙ ته ڪڏهن ڦڙ، سارنگ ۾ سونهن جا ساٺ به ساڻ هجن ته هن موسم جو مزو ئي ٻيو آهي، نت اهڙي موسم ٻيو ئي گهاوَ گهرا ڪريو ڇڏي.
***
هونئن ته وڏيرا هارين کي نيچ خصيص ۽ ڪم ذات سمجهندا آهن، پر اليڪشن ۾ اهي ئي وڏيرا جڏهن انهن هارين جي اڳيان گيسيون ڪندا آهن، تڏهن مان سوچيندو آهيان ته انهن جي عظمتن؟ ۾ ڪيڏيون نه ذلتون شامل آهن.
***
توکي شڪايت آهي ته مان رڳو ظلم ۽ بربريت ۽ سماج جي ٺيڪيدارن تي ته لکان ٿو، پر تنهنجي سونهن ۽ سوڀيا تي نٿو لکان؟ مان توکي ڇا سمجهايان، تنهنجي منهنجي وچ ۾ هي سماج ئي ته ديوار بڻيل آهي ۽ جيسين هي ڪوڙهه کاڌل سماج قائم آهي، تيسين تنهنجو منهنجو ميلاپ ممڪن ناهي. پوءِ ڀلا تون ئي ٻڌائي، هن ڪوڙهيل سماج تي مان جيڪي ڪجهه لکان ٿو، اهي توتي لکيل ناهي ڇا؟
***
ڪالهه ميرپورخاص وڃڻ ٿيو، اتي هڪ ڊاڪٽر آهي، جيڪو پنهنجي گهرواري (جنهن کي لاڏاڻو ڪندي پنج سال ٿيا آهن) کي ياد ڪري اڃان به روزانو روئندو آهي. هن دنيا ۾ اهڙا انيڪ ماڻهو ملندا، جيڪي پنهنجن پيارن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙهيندي نظر ايندا ۽ آئون؟ آئون سچ پڇين ته پنهنجو پاڻ کي ياد ڪري ڏاڍو رئندو آهيان.
***
ڪورو پنو ميسر ناهي، انهيءَ ڪري خط لکڻ لاءِ امتحاني پيپر ڪم آڻيان پيو. خط مان مزو نه اچنئين ته پيپر مان مزو وٺجانءِ، قانون جو پيپر اٿئي. توکي ته خبر آهي ته قانون ڪيڏي نه عظيم شيءِ آهي. مٿئين ڪلاس وٽ هيٺئين ڪلاس تي معتبري ڄمائڻ لاءِ هن کان شرافت ڀريو هٿيار ڀلا ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟
***
جهرنا! ڪيتري ته پياري پر ڪيڏي نه دور! ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجن ننڍن هٿن هئڻ جو احساس کائڻ ايندو آهي.
***
منهنجو پيار به انتها، منهنجي نفرت به انتها، ڀلا شاعر جو آهيان.
***
1980ع جو سورج اولهه ۾ ٻڏي 1981ع جو سورج بڻجي، اوڀر کان اڀري آيو. نئون سال پاڻ ماڻهن لاءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه گهڙي کي ڏسون ٿا ته لڳي ٿو وقت اڳتي وڌي رهيو آهي، باقي هونئن ڏسجي ٿو ته ڳالهه مڙوئي ساڳي آهي.
***
گهڻيون ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو، پر قلم! من ۾ جو مانداڻ متل آهي، ان رفتار سان نٿو وهي.
***
لڳاتار ڪجهه ڏينهن کان اسڪاءِ ليب جي ڪرڻ جو سوشو اخبارن توڙي عام ماڻهن ۾ جام ٿو ڏسجي.
آئون به اسڪاءِ ليب جيان سفر ڪري رهيو آهيان. اسڪاءِ ليب ڪرڻ سان، نقصان پهچائي نه پهچائي، پر جي مون ڌرتي ڏانهن رخ رکيو ته ٻارڻ ضرور ٻرندو.
***
رات جو ٻارهن وڳا آهن، هينئر آئون شهيد ملت؟ روڊ تي ٺهيل پارڪ ۾ ويٺو آهيان. اڃان لان تي ليٽيو ئي مس آهيان جو هڪ تيل مالش وارو منهنجي سر جي مٿان اچي بيٺو آهي. ”صاحب جي! تيل مالش.“ مون وراڻيومانس، ”جيڪڏهن پنهنجو اهو ئي پگهار رهيو ته ٻن مهينن کانپوءِ تنهنجو ”صاحب جي“ به تو وارو ساڳيو ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيندو.“
***
الائجي ڪهڙو جذبو آهي جو آئون پنهنجي راءِ ۽ سوچ مطابق (جيڪا غلط به ٿي سگهي ٿي) چاهيندو آهيان ته تون غلطي جو مرتڪب نه ٿين. جيتوڻيڪ انهيءَ سچائي کان به انڪار ڪونه اٿم ته مون عملن توسان گڏ ڪم ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڏکئي موڙ تي تنهنجي ڪا مدد ڪئي آهي يا مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪڏهن سوچيو به اٿم. اهڙن موڙن تي مون ڪڏهن خود غرضانه رويو به اختيار ڪيو هوندو، پر پوءِ به الائجي ڇو دل گهرندي آهي ته تون غلطيون نه ڪرين، جيڪو تنهنجو آدرش آهي ۽ جنهن لاءِ تون ڪوشان آهين، اهو ماڻين.
***
سڄي سنڌ ۾ اکين جي بيماري ايئن ڦهلجي ويئي آهي جيئن مارشل لا ريگيوليشن، وستي واهڻ، ڳوٺ شهر جيڏانهن نهاريو هي بيماري ڪر کنيو بيٺي آهي. ڏتڙيل سنڌ جتي بک بيروزگاري بي پاڙي ول جيان وڌي ويجهي ٿي، جتي سور صدين کان سانگين جا سند سند ساڻا ڪن ٿا، اتي بيماريون به ور ور ڏيو اچيو سنڌ تي ڪڙڪن.

