حڪومت، اپوزيشن، نورا ڪُشتي انور حسين قاضي | # فيبروي 2022
پاڪستان سينيٽ ۾ حڪومتي ڌر پنهنجو اسٽيٽ بينڪ کي خود مختار ڪرڻ وارو بل 43/42 جي اڪثريت سان پاس ڪرائي ورتو. ان بل جي اچڻ کان پهرين اسان نورا ڪُشتي جي ڳالهه ڪريون پيا. نورا ڪُشتي توهان سڀ سمجهو ٿا فڪس ميچ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ميچ ڪرائڻ وارن کي ۽ رانديگرن کي نتيجي جي چڱيءَ طرح خبر هوندي آهي، بس صرف تماشائي بيخبر هوندا آهن ۽ پنهنجي بيوقوفي ۾ ڪنهن به هڪ رانديگر کي پنهنجو هيرو سمجهندا آهن، پر اها ميچ پهرين کان طئي ٿيل هوندي آهي ته ڪير کٽيندو ۽ ڪير هارائيندو. بس پوءِ ميچ جي رانديگرن تي هوندو آهي ان ڪوڙي ميچ کي پنهنجي اداڪاري سان ڪيئن سچو ثابت ڪندا آهن ۽ تماشائي ويچارا هزارين ۽ لکين رپين جون شرطون هڻي پنهنجو پئسو ۽ وقت وڃائيندا آهن. سينيٽ ۾ به ايئن ئي ٿيو، اسٽيٽ بينڪ جي خود مختاري جو بل جنهن کي گورنر اسٽيٽ بينڪ کي خود مختار بڻايو ويو آهي، جيڪو آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مقرر ڪيو ويندو، پر بظاهر حڪومت ان کي مقرر ڪندي. اسحاق ڊار اهڙي گورنر کي گورنر جنرل ڪوٺي ٿو. ڳالهه ته ڪنهن حد تائين صحيح ٿو ڪري اها سرڪاري بينڪ يا ملڪي بينڪ جنهن کي پنهنجي ملڪ جي مفادن جو خيال ڪرڻ کپي، اهڙا معاشي فيصلا ڪري جنهن ۾ ڪُن ۾ ڦاٿل ملڪ جي ٻيڙي ڪناري لڳي سگهي. اگر ان جو سربراهه حڪومت نه چونڊي ۽ آءِ ايم ايف چونڊي ته اِها ڳالهه ملڪ لاءِ هاڃيڪار هوندي. اسحاق ڊار ته اڃان وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي هڪڙي پوليس چوڪي آهي. ان چوڪيءَ جو سربراهه گورنر اسٽيٽ بينڪ هوندو. جيڪو پاڪستاني عوام جا نه، پر آءِ ايم ايف جا مفاد عزيز رکندو. ڇو ته هو مقرر ئي اتان ٿيندو.
هاڻي اچون ٿا سينيٽ واري ڊرامي طرف، قانوني گهرج پوري ڪرڻ لاءِ حڪومت کي اسٽيٽ بينڪ وارو بل سينيٽ منجهان پاس ڪرائڻ ضروري هو ۽ انهيءَ ڪري شوڪت ترين منٿون ڪري آءِ ايم ايف جو اجلاس 2 فيبروري تائين ملتوي ڪرايو هو. ڇو ته آءِ ايم ايف جي شرط جي پورائي لاءِ اسٽيٽ بينڪ جي خود مختاري جو بل به پاس ڪرائڻ ضروري هو. جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جا سينيٽر ته گهڻا هئا جڏهن ته حڪومتي سينيٽر ڪافي حد تائين گهٽ هئا. اپوزيشن بار بار سينيٽ چيئرمين کي چوي پئي ته ايجنڊا تحت بل پيش ڪريو، پر ڇو ته حڪومتي ڌر وٽ سينيٽرن جو انگ پورو نه هو، ان ڪري حڪومتي ڌر بل پيش نه پئي ڪري. جڏهن شيري رحمان وڏي واڪي ۽ فلمي اسٽائل سان گدڙ ڀڀڪيون ڏيئي رهي هئي ۽ چيئرمين کي چئي رهي هئي ته چيئرمين صاحب بل پيش ڪريو ته چيئرمين صاحب چيو ته بل ته حڪومت پيش ڪندي مان ته پيش نه ڪندس. بهرحال سينيٽ چيئرمين اڌ ڪلاڪ جو وقفو ورتو ۽ شوڪت ترين هال منجهان ٻاهر وڃي فونون گهمائڻ شروع ڪيون ۽ اپوزيشن وارا نعرا هڻندا رهيا ته اسان ڪامياب ٿي وياسين اسان بل پيش ڪرڻ نه ڏنو. اسٽيٽ بينڪ جي خود مختاري اصل ۾ پاڪستان جي خود مختاري تي وڏو سوال آهي، اسان ان کي ڪارو قانون سمجهون ٿا ۽ پنهنجي ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ گهڻو ڪجهه چوندا رهيا. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن ٻيهر اجلاس شروع ٿيو ته حڪومتي ڌر وٽ سينيٽرن جو گهربل انگ موجود هو، پر ميچ کي سنسني خيز ٺاهبو آهي ته جيئن نظر اچي ته ڪانٽيدار مقابلو آهي!
ايوان 43/43 ۾ ورهائجي ويو ۽ بل پيش ڪرڻ جي لاءِ چيئرمين سينيٽ کي پنهنجو ووٽ حڪومتي ڌر طرف وجهڻو پئجي ويو. جڏهن بل پيش ٿيل انهن اپوزيشن جي 43 ميمبرن منجهان هڪ ميمبر جيڪو اي اين پي جو عمر فاروق ڪاسي جيڪو بلوچستان مان سينيٽر چونڊيل آهي عين ان وقت جڏهن بل تي ڪائونٽنگ ٿي رهي هئي ٻاهر هليو ويو ۽ اپوزيشن وٽ صرف 42 ميمبر رهجي ويا ۽ حڪومت وٽ ساڳيا ئي 43 ميمبر هئا ۽ بل پاس ٿي ويو. پوءِ وري شبلي فراز صاحب جي شعلا بياني نظر آئي. BAP پارٽي حسب روايت حڪومتي ڌر کي ووٽ ڪيو اپوزيشن جا 8 ميمبر اجلاس ۾ موجود نه هئا، سڀ کان وڏي ڳالهه اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني اجلاس ۾ موجود نه هو، هيءَ هئي اپوزيشن جي سنجيدگي. بل ته پاس ٿيڻو هو پوءِ هيءَ سڄي ڊرامي بازي ڇو ڪئي وئي، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته نورا ڪُشتي ۾ بلڪل ايئن ٿيندو آهي، پهلوان داءُ پيچ هڻندا آهن ۽ تماشائي ويچارا سمجهندا آهن ته سچ ۾ وڙهن پيا. شايد اسان جو عوام به اهڙو ئي بيوقوف آهي اسان انهيءَ ڊرامي کي سچ سمجهون ٿا. نيشنل ميڊيا انهيءَ کي ايئن کنيو ڄڻ ته اپوزيشن ويچاري واقعي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود بل کي پاس ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي، پر ايئن هو ڪونه. اپوزيشن هجي، حڪومت هجي اهي اڳواڻ سڀ جا سڀ فونن تي، تندن ۽ تارن تي ملڪي مفاد ۾ نه پر ٻاهرين مفادن تي پنهنجن ماڻهن کي غلام بنائڻ لاءِ اهڙا قانون ۽ اهڙا بل آساني سان پاس ڪندا آهن، نظر ايئن ايندو آهي ته اپوزيشن کي عوام جو وڏو درد آهي. افسوس ايئن ڪونهي، اسان جي اڳواڻن جا مفاد چاهي اپوزيشن ۾ هجن يا حڪومت ۾، اسان سان واڳيل نه آهن، پر انهن جا مفاد پنهنجو پاڻ سان ئي آهن.
افسوس ڪجي يا نه ڪجي؟ پر هنن کي سڃاڻي وٺجي. هي جيڪي به آهن صرف پنهنجي لاءِ آهن هنن کي عوام جي دردن جو ڪوبه اندازو نه آهي، بلڪه ايئن چئجي ته خبر هوندي به عوام کي درد ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. هنن وٽ ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ آهن، هنن وٽ اڻ مئي دولت آهي. هي جڏهن چاهين ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي آقائن جي ملڪن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا مزا ماڻين. هنن کي ڪهڙي خبر ته اٽو 80 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي، هي انهيءَ ڳالهه سان وابستا نه آهن ته کير جو ليٽر 140 رپين کان مٿي ٿو وڪامجي. هنن جو ڇا وڃي اگر کاڄرو تيل 450 رپين کان مٿي وڪامجي ٿو. هنن جو ڇا وڃي اگر امن امان نه هجڻ ڪري عوام ڪيترو ڀوڳي پيو. هنن کي ته پوليس جي موبائيل ايسڪارٽ ڪندي آهي. مزي جي ڳالهه ان موبائيل جي ڊرائيور کان وٺي موبائيل جي ڊيزل کان وٺي ان موبائيل ۾ موجود پوليس جي سپاهين جو خرچ به عوام جي ٽيڪسن مان وڃي ٿو. انهيءَ ٽيڪس ڏيندڙ عوام کي ڇا ٿو ملي هر 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽرول ۾ واڌ جنهن جي اثر هيٺ عام ماڻهو ذهني مريض ٿي ويو آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي خود مختاري کانپوءِ ته ايئن سمجهون ٿا ته هتي مهانگائي جو طوفان ٻيڻو ٿيندو. وياج جي شرح 13 سيڪڙو تائين پهچندي. ننڍي وڏي صنعت کي هلڻ لاءِ بينڪ جي قرض جي اشد ضرورت پوندي آهي اهو قرض اگر 13 سيڪڙو وياج تي ملي. بجلي گئس مهانگي، پيٽرول مهانگو ته پوءِ ڪابه صنعت ڪيئن زنده رهي سگهي ٿي. مطلب بيروزگاري وڌندي. حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ان سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ نه آهي.
هاڻي جڏهن اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جو ۽ مخالف ڌر جو جهيڙو عوام لاءِ نه آهي بلڪه عوام کي ڏيکارڻ لاءِ آهي ته پوءِ اسان لاءِ حڪومت ۾ ڪير به هجي، بهتري جي ڪابه اميد نٿي رکي سگهجي شايد ان ڪري هي سڀ سمجهن ٿا ته حڪومت ۾ هجون يا مخالف ڌر ۾ هنن کي ڪم ڪار آقائن جي مرضيءَ سان ڪرڻا آهن. پوءِ آقا ديسي هجن يا آديسي. صورتحال ته مايوس ڪندڙ آهي. ڏسون مستقبل ۾ ڪنهن جي حڪومت اچي ٿي ۽ اها به عوام جي مرضيءَ سان ايندي يا نورا ڪُشتي سان، اگر نورا ڪُشتي سان آئي ته ڳالهه ساڳي ئي رهندي.

